انسان ،انسانيت ....برابري جا وچور

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    انسان ۽ انسانيت
    ڪجه دوست ان خيال جا آهن ته بس انسان سڀ هڪ جهڙا آهن ڪو به فرق نه آهي مذهبن ماڻهو ڀلايا آهن .مان ان خيال جو مخالف آهيان ،ها بيشڪ انسان سڀ هڪجهڙا آهن عضون جي لحاظ کان جوڙجڪ جي لحاظ کان ،بلڪل انسان مٽي جو جوڙيل آهي سڀني ۾ هڪ جهڙيون جبلتون آهن ڪجه گهٽ وڌ جي هجڻ سان گڏ،پر اهو انسان مٽي مان جوڙيل آ ٺهيل آ ڪنهن ڄاڻ ڏني ؟؟؟اهو منهنجي رب پنهنجي انبيائن جي وسيلي هن انسان کي ٻڌايو هن جو علم وڌايو ۽ انسان هڪ نه پر ٽن طريقن سان پيدا ڪري ڏيکاريائين اهو الله خالق ڪائنات هن انسان کي پهرين مٽي مان پو هڪ وجود کي ٻه حصا ڪرڻ سان ۽ وري ان کان پو جوڙو بڻائي هڪ خاص رتوبت مان جوڙڻ جو سلسلو هلائي ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائن هلي پيو .
    انسان جوڙجڪ جي لحاظ کان ته برابر آهن پر عمل جي لحاظ کان ڪي اعليٰ ته ڪي عدنا آهن جيڪي انسان الله جي حڪمن جي پيروي ڪن ٿا سي بهترين آهن ڀلا آهن انهن کان جيڪي انسان الله جي حڪمن جي نا فرماني ڪن ٿا ......سو شين کي سمجهڻ جي ضرورت آ ائين هنبوشيون نه آهن هڻڻيون وجود جي لحاظ کان هڪ جهڙا آهيون پر عمل جي لحاظ کان گهٽ وڌ جيئن ته انسان اعليٰ ٿيو سڀ مخلوق کان وري انسانن ۾ ڪي انبياءَ ته ڪي ولي ڪي عالم هي سڀ پنهنجي عملن ۽ الله جي حڪمن جي بجا آوري ڪندي ان اعليٰ رتبي تائين پڳا آهن جن نفس جي نفي ڪئي ۽ روح کي الله جي تابع ڪيو اهي توهان سڀني انسانن کان ڀلا آهن جنت ۾ وڃڻ وارا آهن ۽ دوزخ ۾ اهي ويندا جيڪي الله جي حڪمن جي نا فرماني ڪندڙ آهن هي سڀ قرآن ٿو ٻڌائي نه ڪي ملان مولوي جو ڪو پنهنجو طريقو آ سو هن سوچ کي سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي ....
    انسان ۾ انسانيت پيدا ڪجي ان لاءِ هي انبيائن جو سلسلو شروع ٿيو تان جو اسان جي آقا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تائين پڳو ۽ سهڻي رسول به انسانيت جي اعليٰ مقام تي پڳا ۽ ٻين کي به الله جي حڪمن کان پوروپورو واقف ڪيو ۽ پاڻ “ورفعنا لڪ زڪرڪ....”.اي پيارا نبي تنهنجو ذڪر جهانن ۾ بلند ڪري ڇڏيو سون ....شل الله سمجه ڏي ۽ سمجهڻ جي توفيق ڏي ...آمين ثم آمين

    فقط دعاگو رسول بخش دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو