ليکڪ: منظور ڪوهيار هُو ڪلاس ۾ واڏاﺋـي واڏاﺋـي چوندو هيو: ”بابا، جنهن کي سماجي نفسيات تي ليڪچر سمجھه ۾ نه آيو هجي، اهو اُٿِي سوال ڪري!.....“ پر هن جي پوري ڏهن سالن جو تجربو هيو ته سوا هيڪڙ ٻيڪڙ شاگرد جي، هن کان ڪنهن به سوال نه ڪيو هيو. هن کي شاگردن اڳيان ليڪچر ڏيندي ايـﺌـن محسوس ٿيندو هيو ته، ڄڻ بي حِس پٿرن اڳيان جھڳي هَڻندو هجي ۽ پنهنجو مٿو کَپاﺋـيندو هُجي. اهو احساس ته ”ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟“ اڪثر کيس سَتاﺋـيندو رهندو هيو. انهيءَ ڪري ﺋـي هو ڪڏهن ليڪچر دؤران شاگردن تي چِڙي جلهه به ڪندو هيو، ”مان مڃان ٿو ته ”چاﺋـيلڊ اِز فادر آف مَـﺌـن“ پر توهان موڳَن مَٽرَن کي ڏسي احساس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن توهان جهڙا آﺋـيندي جا اَبا ٿيا ته پنهنجي قوم جو حَشر ڇا ٿيندو؟.... ان قوم جو ڪيڏو نه اَلميو آهي ته سندس ايندڙ نسل عقل ۽ علم جو دشمن هوندو.“ ليڪن انهن چِڙ ۽ جوش ڏياريندڙ جُملن جو به سندس شاگردن تي اثر ڪو نه ٿيندو هيو. کيس ان وقت ايـﺌـن محسوس ٿيندو هيو ته هو ڄڻ بي جان ٿَنڀن ۽ ڀِتين سان مُخاطب آهي، جن جي ذهنن ۾ اِنساني شعور کي وڌاﺋـيندڙ ڇو، ڪيـﺌـن، ڪٿي، ڪهڙو، ڇاڪاڻ ۽ ڇالاءِ، جهڙن بنيادي سوالن اڃان جنم ﺋـي ناهي ورتو. ان ڪري هو شاگردن لاءِ اها راءِ ڏيندي بنهه نه هٻڪندو هيو ته، ”اهي عام ٻاراڻي اوستا کان به گھٽ باشعور آهن.“ هميشه وانگر جڏهن اڄ به، ڪلاس مان ايـﺌـن جھڳي هڻي نڪتو هيو ته انهيءَ مونجھاري سان ته سندس ليڪچر، جيڪو سوين ڪتابن جو نچوڙ ۽ مشاهدي جي عرق ريزي هيو، تنهن مان سندس شاگردن لاڀ پِرايو هوندو به يا نه؟؟؟..... عام ڏِينهَن وانگر اڄ ڪلاس وٺڻ کان پوءِ کيس ايتري فرصت ڪونه هـﺌـي جو ٽيچرس ڪامن روم ۾ ٻين استادن سان گڏ ويهي شاگردن جي حالت زار تي اهو تَجزيو ڪري ته، شاگردن جي نه پڙهڻ ۽ سمجھڻ جو وڏو سبب سندن ڪُٽنبن جي بي تَوَجھي آهي.. ڇو ته هو انهيءَ نظريي سان متفق هيو ته ، بنيادي طور تي ڪٽنب ﺋـي ٻار جو پهريون درسگاهه آهي، جتان کيس سوچڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت ملي ٿي ۽ انساني فڪر ۽ شعور کي وڌاﺋڻ وارن بنيادي سوالن جا جواب ملن ٿا. ان ڪري هو شاگردن کي ”کَرَيل ٻار“ جي اِصطِلاحَ سان سڏيندو هيو. سندس خيال ۾ اهڙن نوجوانن کي ڪاليج ۾ هـﺌـڻ بجاءِ اصلاح لاءِ ڪنهن بورسٽيل هاسٽل ۾ موڪلڻ کپندو هيو. گھڻو ڪري سڀيـﺌـي استاد سندس ان پيچيده مگر پُرمغز ڇنڊ ڇاڻ سان اتفاق ڪندا هيا ۽ حمايت ۾ پنهنجي ٽيڪا ٽپڻي به ڪري ڇڏيندا هـﺌـا. جيـﺌـن ته هنجي کِيسي ۾ جوڻس جي سودي سَلف لاءِ ڏنل لِسٽ ۽ صُبح سان ورتل تازِي پَگھار پـﺌـي هـﺌـي، تنهن ڪري هن جو ساهه تَنگ ٿي پيو هيو، خريداريءَ جي لاءِ...... کيس ڪَچڙِي منجھند ته ڪاليج ۾ ﺋـي ٿي وﺋـي هـﺌـي ..... ڏينهن تَپَندو پـﺌـي ويو ..... وقت ۽ قُوَتَ کي بچاﺋـڻ لاءِ رڪشا جو سهارو وٺي، شاهِي بازار پهچي چڪو هيو. بازار ۾، گھر واريءَ جي ڏنل لسٽ ۽ سرڪار جي ڏنل پگھار جي جڏهن پاڻ ۾ ڀيٽَ ڪياﺋـين، تڏهن اهو احساس کاﺋِـي ويس ته طلب تمام گھڻي ۽ قوت خريد تمام گھٽ آهي. ڪافي شيون ڪَٽڻيون پيس يا گھٽ تعداد ۽ مقدار ۾ وٺڻيون پيس. ايـﺌـن سڄي بازار ۾ اگھه پُڇاﺋـيندي، شين تان لاهه گاهه ڪَراﺋـيندي شام ٿي ويس، ۽ جڏهن سِجَ لٿي گھر پهتو ته جوڻس مِرچَ لُوڻَ کان وٺي ڪَپڙي لَٽي تاﺋـين اهڙي چَيڪِنگ ۽ آڏي پڇا ڪَيَس، جيـﺌـن ڪو اَٻوجھه ماڻهو ڪَسٽَم جي عَملي يا ايف آءِ اَي وارن جي وَر چڙهي ويو هجي. صَبر ۽ ضَبط سان هر سوال جو جواب ڏيڻ کان پوءِ به اهو ساڳيو رايو مليس ته، ”پاڻ ڦُرُاﺋـي آيو آ“....... وهنجڻ کان پوءِ پاڻ کي هَلڪو ڦُلڪو محسوس ڪياﺋـين، ٽيبل تي رکيل مَنجَھند وارِي ماني اطمينان سان ويهي چَٻاڙِڻ لڳو. ان سان گڏوگڏ سندس نظرون ننڍڙي پٽ جو پيڇو ڪري رهيون هيون، جيڪو جوڻس جي پٺيان پٺيان سندس چولي جي پُٺ کان ڇِڪيندي کاﺋـنس ڪجھه پڇي رهيو هيو ۽ هوءَ بيزاريءَ مان چولي جو پلـﺋـه ڇڏاﺋـيندي کيس ڇِڙٻون ڏﺋـي رهي هـﺌـي. ”اڙي! ڇاهي؟... ڇا ٿو پُڇَـﺌـي؟“ هن زال کان سَڏ ڪري پڇيو. جوڻس، جيڪا رات جي ماني جي تياريءَ لاءِ رَڌڻي ۾ اچ وڃ ڪري رهي هـﺌـي، تنهن پٽهنس کي ٻانهن کان گِهلِيندي سندس سامهون آڻي بيهاريو؛ ”هاڻي هي پٽهين ته، منهنجي لاءِ مُصيبت ٿي پيو ٿي! .... اهڙا اهڙا ته سوال ٿو ڪري جو هجي ڪو واندو جو هن کي ويهي جواب ڏي.“ ”آخر پڇي ڇا ٿو؟“ هن مانيءَ جو آخري گِرهه کَڻندي چيو. ”ڪڏهن پيٽ ڏانهن اشارو ڪري پڇي ٿو، هن پيٽ ۾ ڇا هي؟...... ڏيس جواب ته ادڙو آ، اندر سمهيو پيو آ..... ته چـﺌـي ٿو، اندر ڇو ويو آ.... ڏيکار!؟...... ڇا لاءِ ايڏي ننڊ ڪري ٿو؟.... ڪلهه ته پاڙي وارين ماين جي اڳيان اهڙو اچي تنگ ڪياﺋـين جو ٿڦ هڻي بس ڪراﺋـڻي پـﺌـي..... هاڻي هن کي اسڪول ۾ داخل ڪراءِ ته جند ڇٽي....“ هن مڙس کي پٽ جي عجيب ۽ غريب سوالن ڏانهن ڌيان ڇڪاﺋـيندي ٻڌايو. ”ان ڳالهه تي ٻار کي هِيساﺋـين ۽ مارين ٿِي؟“ هن زال کي هلڪي ڇينڀ ڪڍندي چيو. ”ته پوءِ سنڀال پنهنجي کي!..... ڏينس سوالن جا جواب ته پَوَﺋـي خبر!....“ جوڻس خَفي ٿيندي، جند ڇڏاﺋـي وري رنڌڻي ۾ گِھري وﺋـي. ڳورهاري زال جي اُڀريل پيٽ کي ڏسي سوچڻ لڳو: جيڪڏهن هيءَ هڪ ٻار کي سنڀالي نٿي سگھي ته پوءِ ايندڙ مهمان سان ڪيـﺌـن منهن ڏيندي؟.... ان وقت هن کي احساس ٿيو، ڄڻ هن کان وڏي غلطي ٿي وﺋـي هجي. ماني کاﺋڻ کان پوءِ هن جلدي ۾ هٿ ڌوﺋـي ورتا ته جيـﺌـن ڪجھه جَھٽن لاءِ پٽ کي رِيجھاﺋـي سگھي. هن پيار مان پٽ کي کڻندي چيو، ”بابا!.... پاڻ مٿي ڇت تي هلي ٿا چنڊ ڏسؤن.... ٺيڪ آ نه بابا؟.“ ”ٺيڪ آ!“، پٽهنس جواب ڏنو. ڇت تان چنڊ چٽو پٽوصاف آسمان ۾ نظر اچي رهيو هيو. هن جي اندازي مطابق چوڏهين يا پندرهين تاريخ جو هيو. سندس ٿڌي ٿڌي روشني پيءُ پٽ ٻنهي جي اکين کي فرحت پـﺌـي ڏني. چانڊوڪيءَ جو سحر ٻنهي تي طاري ٿي ويو. ليڪن ننڍڙي ٻار جي جستجو ۽ سوال ڪرڻ واري فطرت ان سحر کي ٽوڙي وڌو: ”بابا، چنڊ ڇو ٿو چمڪي؟” ”چنڊ ۾ روشني آ بابا!“ هن پٽ کي پيار مان ڳلن تي ٿڦڪي ڏيندي جواب ڏنو. ”ڪيـﺌـن؟“ ”جيـﺌـن بلب ۾!......“ هن پٽ کي مثال سان سمجھاﺋـيندي چيو. ”بلب ۾ ته تار هوندي آهي!؟“ پٽهنس مشاهدي تحت آڏي پڇا ڪيس. اهڙي آڏي پڇا احساس ڏياريس ته سندس پٽ هاڻي ڪافي ذهين ٿي چڪو آهي، جيتو ڻيڪ اڃان پورن پنجن سالن جو به نه ٿيو آهي. هن پهرين ڪوڙ کي لڪاﺋـڻ لاءِ ٻيو ڪوڙ هنيو، ”چنڊ واري تار لڪيل آ نه بابا!“ ”ڪنهن لڪاﺋـي آ؟“ پٽهنس ڄڻ لڪا ﺋـيندڙ جي چوري پڪڙڻ واري خواهش تحت سوال ڪري وڌو. ”اساﺋـينءَ!“هن اهو الزام انهيءَ تي مڙهي ڇڏيو، جنهن تي هر بي دليل ماڻهو مڙهي ڇڏيندو آهي. ”ا ساﺋـين، ڪٿي آ؟“ پٽهنس پراڻو پر ڏکيو سوال ڪري وڌس. ”ا ساﺋـين، پ....ري.........پ....ري!.....آسمان ۾ رهندو آهي“، هن هٿ کي آسمان ڏانهن ٽي فوٽ کن مٿي مس ڇڪيندي پٽ کي خدا کان پري ڪندي، سمجھايو. ”بابا، ڇاڪاڻ پري آ ا ساﺋـين؟“ پٽهنس معصوميت مان حيران ٿيندي پڇيس. هاڻي هن جي ڪوڙن جوابن جو پيمانو خالي ۽ ڪاوڙ جو پيمانو لبريز ٿي چڪو هيو: ”چيم جو، پري آ.“ ”ڇو؟....“ ”ان کان ڪير پڇي، سندس مرضي آ.“ ”ڇا لاءِ؟“ ”ڇو ۽ ڇالاءِ جا پٽ!..... يڪو مٿو ﺋـي کاﺋـي ويو آ“ سماجي نفسيات جي استاد، اهو ﺋـي طريقو اختيار ڪيو، جيڪو هر وڏي جو ننڍي کي خاموش ڪرا ﺋـڻ لاءِ هوندو آهي. هن ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي ٿڦ وهاﺋـي ڪڍي. اهو وساري ويٺو ته کاﺋـنس به ڪا بنيادي غلطي ٿي رهي آهي. وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان