هڪ اهڙو سماج، جتي سياحت خطري کان خالي نه هُجي، جتي تفريحي ماڳ ڏينهون ڏينهن ميساريا ويندا هُجن، جتي اسٽريٽ ٿئيٽر هاڻ ماضيءَ جو قصو بڻجي ويا هُجن، جتي وڊيو شاپس تي حملا ٿيندا هُجن، جتي پارڪن جي اڻاٺ هُجي، جتي يوٽيوب تي هڪ عرصي کان بندش پيل هُجي، جتي آدرش پنهنجو موت مرندا هُجن، جتي غير معياري ڪتابن جا ڍڳ ڇپجندا هُجن، انتهاپسندي، فرقيواريت، دهشتگردي، ڊوائيس بم ڌماڪا، خودڪش حملا ۽ ٻيو سڄو سارو عذاب هُجي، اُن سماج ۾ جيئڻ ڪنهن به ريت پُلصراط تان گُذرڻ کان گهٽ نٿو چئي سگهجي. ۽ روز هتي جا ماڻهو پاڻ کي آرو مشين تي چيرجندي محسوس ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن اوهين مُلڪ کان ٻاهر آهيو، تڏهن به دنيا جون نظرون اوهان مٿان هجن ٿيون ته ڪٿي ڪنهن شِر ۾ ته هٿ نه وجهندؤ، ڪٿي ڪو ڦڏو فساد يا فراڊ ته نه ڪندؤ، اِهو رُڳو شڪ ئي ناهي پر ائين ڪيترائي هتان جا ماڻهو ڪندا به آهن. پر انهن جو عذاب سادن ۽ سچن ماڻهن کي ڀوڳڻو پوندو آهي. آخر اُهي اوڻٽيهين جهڙي اونداهي هن سماج مان پاڻ کي آجو ڪيئن ڪرائين؟ ڪنهن به سماج ۾ تبديليءَ جو محرڪ اُتي جو مڊل ڪلاس هوندو آهي، انهن منجهان ئي آدرشن جي پرورش ٿيندي آهي، وٽانئن ئي جان فروش ۽ اڻٽر ڪارڪن جنم وٺندا آهن، پر افسوس ته هاڻ اِهو طبقو پوريءَ ريت ڪرپٽ ۽ انتهائي ڪرپٽ ٿي چُڪو آهي. جيڪو پاڻ کان مٿانهين طبقي جون ڪسرون غريب ۽ هيٺاهين طبقي مان ڪڍندو رهي ٿو. رُڳو ايترو ئي نه پر اِهو طبقو ڏينهون ڏينهن انتهاپسنديءَ جو حامي ٿيندو پيو وڃي. ٻه اڍائي ڏهاڪا اڳ واري دؤر ڏانهن واجهائجي ٿو ته حيدرآباد جون خوبصورت سئنيمائون خيال ۾ تري ٿيون اچن. چاندني، فردوس، ڪوهه نور، راحت، ايلائٽ، بمبينو، ڪيپري ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي پر اُهي سڀئي بلڊرن جي لوڀ جي وَرِ چڙهي ويون. قطار ۾ بيهي سئنيما جي ٽڪيٽ وٺڻ کان وٺي آخري شو تان ٽانگي تي گهر ڏانهن ورڻ وارو جيڪو رومانس هو، تنهن کان افسوس ته هيءُ نئون نسل محروم ٿي رهجي ويو آهي. ست ٺڪائي چاقو ۽ ڳلي ۾ رومال ٻڌندڙ داداگيرن وارو زمانو ته اڃا به اڳ جو هو، ۽ اُن زماني جون ڳالهيون فقط چاچا ابراهيم جي مڪراني لهجي ۾ ئي ٻڌي سگهجن ٿيون، پر هاڻوڪي نسل وٽ اهڙين ڳالهين ٻڌڻ جو به وقت ناهي، هُو يا ته خوف ۾ ورتل آهن يا موبائل ڪي پيڊ تي مصروف ڏسجن ٿا. اُن نوجوان جو به ڏوهه ناهي، جنهن معاشري ۾ هُن اکيون کوليون آهن، اُتي چوڏس بم ڌماڪا ۽ بارود جي بوءِ آهي، يا ته هُو اُن بوءِ جو پاڻ کي حصو بڻائي يا اُن کان لاتعلق ٿي پنهنجو پاڻ کي ڪمپيوٽر جي دُنيا ۾ گُم ڪري ڇڏي. پر انهيءَ سان جيڪا سماج ۾ ويڳاڻپ، جيڪي هيڪلائي وڌي رهي آهي سا اڳتي هلي ڪيترن ئي سماجي مسئلن کي جنم ڏيندي. تنهن ڪري هن اوڻٽيهه اونداهي جهڙي سماج ۾ اُميد جا قلم لڳائڻ گهرجن، اُتساهه جا ٻوٽا پوکجن ته جيئن سماجي ويڳاڻپ کان بچي سگهجي.