• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوين چنڊ اڀريا ....

سوين چنڊ اڀريا ڪتين جون به ڪيئي سڄڻ راتيون گذريون

اسان وٽ اماوس اچي پير پاتو صبح جي ٿيڻ لئه پرڀاتيون گذريون...


جڏهن رات گذري ويهائو به اڀريو ٿيو شفق شان وارو

اميدن جون اڻ تڻ سڪ ساه کي ڄڻ سڪراتيون گذريون....


ڪڏهن چنڊ ليڪا ڪڏهن پورو مڌم سڄو روح رڌم

ڪڪرن جي پويان لڪي يار پسيو واه جهاتيون گذريون


ڳڻيندي ڳڻيندي ڪئي راتيون گذريون اسان پيا ٿا پڄرون

هتي يار کي ڪا ڪل ئي نه هئي گهڙيون بره ۾ سڀ برباد گذريون...


ڪٿي چنڊ هو ڪٿي حسن تنهنجو نه ڀيٽائي سگهياسي هيا سين اڻاسي

اسان دل جي ڌڙڪڻ ۾ هو توکي پاتو سڪ ۾ سڃاتو ڪوئل لاتيون گذريون


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top