مورو ۾ سنڌ پيپلز هاري ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صوبائي صدر صدارت سيد اصغر علي شاھ ڪئي...

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ وحيد مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2015۔

  1. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    سنڌ پيپلز هاري ڪاميٽي سنڌ ڪائونسل جو اهم اجلاس سنڌ جي صدر سيد اصغر علي شاھ جي صدارت ۾ حُسيني هائوس مورو ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ جي هي ضلعي جي صدرن، ڊويزنل صدرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ هر هڪ محمد صالح ملاح، ضمير احمد پنهور، زاهد حُسين ميراڻي، حاجي غلام نبي ويسر، عبدالمطلب پنهور، حاجي بخشل سهتو سميت سنڌ جي هر ضلعي جا صدر پ پ هاري ڪاميٽي جي ورڪرن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهي موقعي تي صوبائي صدر سيد اصغر علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ هر ورڪر سنڌ پيپلز هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان ڀرپور حصو وٺن ۽ تنظيم کي بلڪل نمائندگي ڏني وڃي، ۽ سنڌ پيپلز هاري ڪاميٽي جو ڪنوينشن هاري ڪانفرنس جي لاءِ ڀرپور تياري ڪئي وڃي جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير پاڪستان پيپلز پارٽي جو صدر سيد قائم علي شاھ مهمان خاص طور شرڪت ڪندو جنهن ۾ پيپلز هاري ڪاميٽي جا هزارين ورڪر پرجوش نموني سان شرڪت ڪندا هن وڌيڪ چيو ته پ پ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن پ پ ۾ هٿ وڌا ويا ته دما دم مست قلندر ٿيندو ۽ نواز شريف لاءِ ڪشمور کان ڪرائي تائين رستا روڪ ٿي ويندي هن چيو ته سنڌ کي هميشھ ڏکئي دور مان گذرڻو پيو آهي اها ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي ون يونٽ جو دور هجي پر سنڌ جي عوام هميشھ ڀرپور جواب ڏنو آهي ان ۾ خاص طور تي مورو دادو جو ڀرپور ڪردار رهيو آهي ان ڪري پ پ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته پ پ عوامي پارٽي آهي ان هميشھ جي ڀلائي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو منشور ۾ به عوام کي اولين ترجيح آهي سابق صدر آصف علي زرداري سنڌ کي تڪليفن مان ڪڍي آرٽيڪل 18 جو آئين ڏنو جنهن ۾ تمام جلد ڪنهن کي به اجازت نه هوندي ته هو ڪنهن جا حق ڦٻائين جڏهن ته آيل مختلف ضلعن جي صدرن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پيپلز هاري ڪاميٽي کي سنڌ حڪومت ۾ لازمي نمائندگي ڏني وڃي جيئن تنظيم وسيلي هارين سان رابطي ۾ انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ ڀٽو ازم جو پيغام گهر گهر پهچايو وڃي هنن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف سازش ڪئي پئي وڃي نيب جو نالو وٺي پارٽي جي همدردن ۽ ليڊرن خلاف غلط ميڊيا ٽرائل ڪئي پئي وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا جڏهن ته هر ضلعي جو صدر ڪنوينشن جي لاءِ 1000 گاڏين جو قافلو ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو.
     
  2. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh

هن صفحي کي مشهور ڪريو