ليکڪ: منظور ڪوهيار ”اڳتي ڇا ٿيندو؟“ اهو سوال عموماً توهان کان گھر ۾، اسڪول ۾، ريل ۾، بس تي، آفيس ۾، نِجي ڪچهريءَ ۾، جيل ۾ (جيڪڏهن توهان جيل جا عملدار يا قيدي آهيو ته) اڪثر ماڻهن پڇيو هوندو. پر ٿي سگھي ٿو ته توهان پنهنجي عِلمي بصارت، سياسي سمجهه تحت کين مطمـﺌـن ڪندا هجو. پر پنهنجا ته پگھر ﺋـي نڪري پوندا آهن، جيڪڏهن ڪو پڇي ويهندو آهي. ”اڳتي ڇا ٿيندو؟“ ان وقت مان سوچيندو آهيان ته، ڪاش! مان ڪو خدا جو خاص ماڻهو هجان ها، جي خاص الخاص نه سهي، پر هلڪو سلڪوقُطب، ڪو ولي، ڪو پِير، ڪو فقير، ڪو انجم شناس، ڪو پـﺌـراساﺋـيڪالاجسٽ ﺋـي سهي. . . ڪجھه ته ايندڙ مستقبل لاءِ هام هڻان ها . . . دانيال پيغمبر وانگر ڪنهن وقت جي بخت نصر کي خوابن جي تعبير ٻُڌاﺋـي خوش ڪري سگھان ها . . . ڪنهن ولي يا قطب وانگر سنڌ واسين کي ڊيڄاري سگھان ها ته سنڌ چاليهه سال اڳ غَرق ٿيندي . . . ڪنهن انجم شناس وانگر ستارن جي گردش تحت ثابت ڪري سگھان ها، ته ايندڙ جَنگ ۾ پنهنجو جھنڊو دهليءَ جي لعل قلعي تي جُهوليندو ۽ جڳ ڏسندو . . . ناسٽر ڊامس وانگر ڪي اڻ کٽ اڳڪٿيون لکان ها يا فقير گروهڙيءَ وانگر بيتن ۾ پيشن گوﺋـي ڪري سگھان ها ته ”جڏهن راجا ٿيندو راڪاس، ته مُندين نَه وسندا مِينهن، ڦِري ڦِري شينهن ڪندا سلامي سيهڙ کي“ . . . ماڻهو ٻيو نه ته، ايـﺌـن ﺋـي رڳو چَوَن ها ته، واهه ڙي واهه! فقير! نه ياد هوندين، نه دل تان وسرندين، ته به لک کٽان ها. پر ڇا ڪجي نه ڏات ملي نه عقل جي ڏاٺ ﺋـي ڄاﺋـي. بس پنهنجي قسمت ۾ اهو لکيل ﺋـي ڪونه هو ته ڪا اڳڪٿي ڪري عزت ۽ شهرت ماڻجي . . . پَرَ اُن ڏينهن، انهيءَ احساس ڪمتري مان آجو ٿي ويس. جڏهن هڪ همراهه ڳالهه ٻڌاﺋـي، ڳالهه ڇا هـﺌـي، بس بي بها نسخو . . . جيڪڏهن توهان به انجم شناس ناهيو، ڪنهن وڏي کٽ جي تانگھه ڇڪيندڙ ناهيو، گياني ڌياني پير فقير ناهيو؛ صرف عام ماڻهو آهيو ته پوءِ هي نسخو توهان کي به نذر اﷲ نيازِ حسين مفت ۾ ڏجي ٿو. بس نسخي ڏيڻ واري جي حق ۾ دعا گهرجو ته هن جهان ۾ سندس عزت ۽ خير جي گذري؛ باقي اڳلي جهان ۾ پاڻ ڄاڻي ۽ اهو ڄاڻي . . . . ها! ته نسخي وارو قصو هِينـﺌـن آهي ته، ٿر جي ڪنهن ننگر ۾، رات جي اونداهيءَ ۾، ڪنهن پراڻي مندر ۾، مهاراج بغير ڏِيـﺌـي ۽ بَصر جي، پـﺌـي ويٺي مالها جپي يا ٻيو ڪجھه. . . اوچتو ڪنهن ڪاريهر، لنڊي يا کَپر مهاراج کي ڏنگي وڌو . . . . مهاراج هانءُ ڦاڙي رڙ ڪـﺌـي. . . چيلا ڀڄندا آيا، ”هاءِ رام!“ جي دُهاﺋـي ڏيندا آيا. . . بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺاﺋـون ته مهاراج پگھر ۾ شَل، آخري پساهن ۾. . . . مرڻ کان اڳ آديش ڏِناﺋـين: ”ماهجي مرتيه کان پوءِ، ماهجي آسَڻ تي ماهجي سَوٽ بنسي لال کي گھوٽڪي مان گھُراﺋـي ويهارجو.“ مهاراج جو هوڏانهن ڪريا ڪرم پـﺌـي ٿيو. هيڏانهن چيلن ٿريلن جي صلاح پـﺌـي هلي. ”اڳيـﺌـي سرڳواسي مهاراج نڪ ۾ دم ڪيو هو، وري مٿان مهاراج جي سوتر کي گھرين آڻي جهڙوڪر پِيـﺌَـڻ کي پاهجي وات تي ويهاريون، نه ڀاﺋـي نه! اتراڌن کان ڀڳوان بچاﺋـي“ . . . ساٺن سنـﺌـوڻن کان پوءِ ننگر جي مُکي ۽ سر پـﺌـنچن کي چيلن گھراﺋـي چيو: ”پـﺌـنچاﺋـت ٻڌي ڇڏي ته سرڳواسي مهاراج چيلي چيتن داس کي سڀوﺋـي پستڪ پڙهايا ها. پاڻ پراڻ ڇڏڻ کان اڳ ايـﺌـن چيـﺌـون ته، پاهجي ديهانت کان پوءِ ماهجو پيارو شش چيتن داس مهاراج ٿيندو.“ مکي ۽ سر پنـﺌـچن ڳالهه ٻڌي کڻي اکين تي رکي، ”جيڪا سرڳواسي مهاراج جي اِڇا سا پاهجي به. . . “ جڏهن تارو تنوارڻ لڳو . . . اکيون ابر آسري لڳيون، تڏهن مکي موٽڻ داس سرپنـﺌـچن سوڌو مهاراج جي چرنن ۾ اچي ويٺو. هميشه وانگر هٿ ٻڌي وينتي ڪياﺋـين: ”ٻيو خيرکين، مهاراج! ڪرپا ڪري اهوته ٽپڙو ڪڍي ٻڌايو ته هيلوڪي ورساري ۾ وس ٺاهوڪي ٿيندي يا نه؟“ چيتن داس جون وايون بتال ٿي ويون. . . . چيلا پنهنجي ليکي پريشان ٿي ويا. . . . پراڻن پستڪن ۾ منهن هڻندي، ڪورن ڪاغذن تي لکندي مهاراج چيتن داس پريشانيءَ ۾ ڌوتيءَ جي پلاند سان نرڙ تان پگهر اگھندي چيو، ”ڀاﺋـي هيل وڏو خرابو ٿيندو!“ ”تاهجي ته نالي تان گھور وڃا مهاراج! پاڻ پڇون پيا ورساري جي وس جو؟“مکي پريشان ٿيندي سوال کي ٻين لفظن ۾ ورجايو. ”اڙي، ٻڌءِ نه ته هيل وڏو خرابو ٿيندو!“ مکي ۽ سر پنـﺌـچ وسوڙهيل موٽي ويا، پر چيلا سڀ چڙي پيا: ”واهه ڙي ٻگھلا ڀڳت! پاڻ روڙو مهاراج آ!، جو مکي توکان پڇي ايڪ ته ٻڌاﺋـين ڏون!“ ”آءٌ ڪيـﺌـين ٻڌايان. . . . پاڻ کي ٽپڙي جي ڪهڙي سڌ . . . . پر پاهجو جواب آهي اهڙو، جو مهاراجي بچي ويندي.“ ”ڪيـﺌـن؟“ چيلن حيرانگيءَ مان پڇيس. ”اڙي مورک ٻڌو! جي مينهن وسو ته پوکون ٿينديون. . . . . پوکون ٿينديون ته پـﺌـسو ٿيندو. . . . پـﺌـسو ٿيندو ته پيٽ ڀراﺋـي ٿيندي. . . . پيٽ ڀراﺋـي ٿيندي ته ماڙهو هڪ ٻـﺌـي سان کوسيندا. . . . ماڙهو کوسيندا ته جھيڙا ٿيندا. . . . جھيڙا ٿيندا ته خرابو ٿيندو. . . . پر جي وس نه ٿي ته پاهجو ڏيهه ڏڪاربو، ڏيهه ڏڪاربوته مال مرندو، ماڙهو پاهه ٿيندا. . . . مال مرندو ۽ ماڙهو پاهه ٿيندا ته ڪو لڏيندو، ڪو چوريون ڪندو. . . . چوريون ٿينديون ته جھيڙا ۽ ڪيس هلندا. . . . . جھيڙا ۽ ڪيس هلندا ته خرابو ٿيندو. . . . “ ”اي ٻيو! صحيح ٿو چـﺌـي. . . . پاڻ سمجھو ڪونه.“ سڀني چيلن گڏجي سندس عقل جو اعتراف ڪيو ۽ انهيءَ بي بها نسخي کي رٽي ڇڏيو. وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان