سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ جي تباهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌي ميڊيا ۾ سنڌ جي تباهي
    _____________________________
    سنڌي ميڊيا ۾ ڊراما ۽ ڪجه خبرون اهڙيون هلائي رهيا آهن جنهن سان دنيا سمجهي رهي آ ته سنڌي سڀ چور آهن لوفر آهن لگور آهن ۽ ڌاڙيل آهن ...ها منڃوٿا ته ڪجه قدر هوندو پر هي پنج يا ڏه سيڪڙو کان وڌيڪ برائي نه آهي جنهن کي سو سيڪڙو ڪري پروپگڊا ڪئي پئي وڃي هي سنڌ جي خدمت نه پر سنڌ سان لڪل دشمني آ جيڪا ڪجه ڌرين ڪهاڻين ۾ ناولن ۾ ۽ داستانن ۾ به رقم ڪئي آ پر سمجه اها نه آهي جيڪا ورهائي ونڊي وئي آ ۽ هتي سنڌي چينلس تي صرف ڪوڙ تي مبني ڊراما ۽ خبرون هلائي منهنجي امن پسند سنڌ ڌرتي سان ويساه گهاتي پئي ٿئي ۽ دشمن کلي رهيا آهن ته هي آهن سنڌي ...سو جيترو گند هجي اوترو ڀل پيش ڪريو پر مهرباني ڪري پوري سنڌي قوم کي مايوس نه ڪريو ۽ انهن سنڌي سپت ماڻهن جي چڱائي به ڏيکاريو سٺائي به ڏيکاريو ڀلائي به ڏيکاريو سنڌ جا گڻ به ڏيکاريو ڏاهپ به ڏيکاريو ...هي خاص سنديلي صاحب کي عرض گذارش آ ....جنهن جي آواز ۾ 6 سالن کان هڪڙي ڪلپ هلي رهي آ جنهن کي ڏسي روئڻ ٿو اچي ته ڇا سنڌ سڄي ائين ٿي وئي آ ٿورو الله جو خوف به ڪريو سڄي سنڌ محبتن جو مقام آ پيار جو پنڌ آ اهو ته هنن کي نظر ئي نه ٿو اچي خبر نه آهي ته هي سنديلو صاحب ۽ امر جليل ڪهڙي وڻ هيٺان ويٺا آهن ڪهڙي ديس جو پاڻي پيتو اٿن جو هنن کي سنڌ جون چڱايون نظر ئي نه ٿيون اچن .......اميد ته ڌيان ڏيندا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو