لکندڙ: سليم منگسي ويگن جيئن ئي سکر واري پل تي هلڻ لڳي تـه منهنجي اچانڪ نگاھه هيـٺ درياهه جي تري مان اُڏرندڙ ڌوڙ تي پئي، پري تا ئين واريءَ جون ڀٽون هُيون، سُنسا ن عجيب خاموشي نه لهرن جو شور هو نه پاڻيءَ جو گجگوڙ، نه ملاح ۽ نه وري سندن ٻيڙيون نظر ٿي آيون. اشرف طنز ڀري انداز ۾ پڇيو، ”ڇا پيو ڏ سين!؟“ ”دنيا جي وڏن دريائن مان سترنهن نمبر درياءَ کي ٿو ڏسان، هن لاءِ تبتي ماڻهو چوندا آهن ته هي درياءُ هڪ آزدها شينهن جي وات مان ٿونڪري.“ اشرف سنجيدگيءَ سان وراڻيو ”رِنگ ماسٽرن شينهن جو وات بند ڪري ڇڏيو آهي. هڪ رَشيءَرگ ويد۾ سنڌوءَجي ساراهه ڪندي چوي ٿو ”اي سنڌو! جيڪڏهن تنهنجي ڀيٽ ڪجي ته تون نور ورني ڪنوار وانگر آهين، سنڌو سدائين جوان ۽ سهڻي آهين.“ اشرف چيو”پر هينئر سنڌو ڪنهن بکي ڏيھه جي پوڙهي ماءُ جيان جنهن جا ٿڻ سڪي ويا هجن،جهڙي ٿي لڳي“ ”پر اهو تصور ڪر جڏهن راوي، ستلج، ڀياس، چناب کان علاوهه ڪابل ندي، سرسوتي، دور شادتي اچي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون تنهن منظر لاءِ هڪ رشيءَ چيو هو ته”سنڌو جيئن سوئا گائيون کير سان ڀريل ارهن سان ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون تيئن ٻيون نديون جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي توڏي رنڀنديون اچن ٿيون.“ اشرف چيو ”جھڙيءَ طرح مصر جا ماڻهون نيل کي ديوتا سمجھندا هئا. اهڙي نموني سنڌي به سنڌوءَ کي ديوتا تصور ڪندا هئا.“ نيل هجي توڙي گنگا يا دجله، فرات، نائبر، پو، هوانگ، ايليابسين، هبسن، وولگا، سينٽ لارسن، اوهيو، سپي يا ڊنيوب هجي هر هڪ پنهنجن ماڻهن جي حياتيءَ ۽ جياپي جو ذريعو آهن. دنيا جي سڀني تهذيبن جو بنياد سندن ذرخيز ڪنارن تي بيٺل آهن. پُل تان موٽرن، بسن، اسڪوٽرن ۽ ٽرڪن جو وهڪرو لنگھي رهيو هو، ويگن اندر هلڪي گرمي محسوس پئي ٿي. سامهون واري سيٽ تي ويٺل همراهن گڏجي سگريٽ دُکايا، اُن ڪري ڏاڍو دونهون ڦهلجي ويو، پوئين سيٽ تي ويٺل عورتن ڏانهن نهاري هو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا، انهن عورتن ۾ هڪ ايپران پاتل ڊاڪٽرياڻي به هئي، سا ان بيهودا پن تي ڏاڍي خفا پي لڳي. اشرف آهستي چيو: ”يار! هنن ڄٽن هئڙي بند دٻي ۾واهه جو ٽارچر شروع ڪيو آهي! اجھا ٿي ڊاڪٽرياڻي ڪرئي.“ مون کيس خيال مٽائڻ لاءِ چيو ”هو سامهون ڏس! ساڌ ٻيلو. اها جاءِ ميرن هڪ ساڌوءَ کي دان ڏني هئي.“ هن ذهن تي زور ڏيندي پڇيو ”ڇا نالو هو اُن ساڌوءَ جو . . .؟ ”شري بابا بنکنڊي1823ع ڌاري هتي پهتو.“ ”سچ پچ ڏا ڍي خوبصورت جڳھه آهي.“ ڊاڪٽرياڻيءَ ڀر ۾ ويٺل عورت کان پڇيو،”ستين جو آستان ڏٺو اٿئي . . . .؟ “ ”جي نه.“ اشرف پڇيو، ”ساڌي ٺيلي جو مندر ۽ آشرم جو ڪم ڪنهن ڪرايو هو؟“ ”سکر ۽ روهڙيءَ جي گھڻي آبادي هندو هئي، آشرم ۽ مندر جي اڏاوت جو خرچ شهر جي هندو سيٺين گڏجي ڪيو هو.“ ”ڀلا اُن ساڌوءَ بابت خبر ڏئي؟“ ”ساڌوءَ بابت بس ايتري خبر آهي ته هو برهمڻ هو، سڄي ڄمار ڪنوارو رهيو، پنهنجو نفس ماري ساڌو بڻجي تپسيا ڪندو هو.“ عورت ڊاڪٽرياڻي کان پڇيو،”معصوم شاهه جو منارو ته ڏٺو هوندءِ.“ ”ها، هڪ ڀيري اقبال ۽ مان ڏٺو هئوسين.“ اشرف مون کان پڇيو ”ٻيڙيءَ ۾ درياهه جو سير ڪيو اٿئي؟“ مون ٿورو کلندي جواب ڏنومانس ”ٻيڙيءَ تي سير ته ڪونه ڪيو اٿم پر ٻيڙيءَ تي درياهه پار ٻه ڀيرا ڪيو اٿم، هڪ ڀيري ساڌ ٻيلي ويا هئاسين ۽ ٻئي ڀيري سڳين جي ڳوٺ چاچي اسماعيل قريشي وٽ رات رهي، صبح جو سوير پيرين پنڌ هلندا اچي ٻلهڙيجي پتڻ پڳاسين. ان ايڊوينچر ۾ سهتو ۽ گهنشام گڏ هئا. درياهه تار هئو ٻيڙي لوڏا لما کائي اچي ڪناري پڳي پر ان وچ ۾ ڪنهن جي واتان اکر نه نڪتو.“ ”ڇو! ؟“ ”درياهه جي دهشت.“ ”سکر ڏانهن ڇونه پيا ڦرو،ڪهڙو لاچار هئو؟“ ”روليشنري رومانس ۾ جوکم جي ڪم ۾ مزو ايندوهو.“ ”ٻلهڙجي موئن جي دڙي جي ڀر ۾ آهي ڇا . . . ؟“ ”هائو، درياهه ۽ موئن جي دڙي جو به پراڻو ۽ اڻٽٽ سنگم آهي.“ ”اِن قديم نگر جا رهواسي فصل لهڻ وقت سنڌوءَ ڪناري مڌ پي، مدهوش ٿي مائين مردين جھومندا ۽ رقص ڪندي رات گذاريندا هئا.“ ويگن نيشنل هاءِ وي تي پهتي ته رفتار تيز ٿي ويس، ڊرائيور ٽيپ رڪارڊر آن ڪيو. لتا جو اداس گيت وڄي رهيو هو.منهنجو سمورو ڌيان ڊاڪٽرياڻي ۽ سندس ساهيڙي جي گفتگو ڏانهن ڇڪجي ويو. ساهيڙيءَ کائنس پڇيو، ”دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٻوڏن تباهي مچائي ڇڏي آهي، تازو موزمبيق ۾ ته ٻوڏ جي ڪري ٽي لک ماڻهو مري ويا آهن، پر سنڌوءَ ۾ ڇو سوڪ اچي وئي آ . . . .؟ “ ”سنڌوءَ کي قتل ڪيو ويو آهي؟“ ”قتل!! . . .؟“ ”ها، هر چيز مرندي آهي، فنا ٿيندي آهي، سرسوتي ۽ دروشادتي نديون سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، پر هينئر مٽجي ويون آهن. ها ڪڙو به سنڌوءَ جي هڪ شاخ هئي، ”پنجند“ وٽان سنڌوءَ مان ڌار ٿي، پاري نگر کي سيراب ڪندي، ڪڇ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، پوءِ زلزلن ڪري غائب ٿي وئي. سندس نشان ٿر ۾ اڃان به موجود آهن.“ ساهيڙيءَ نڪ جي ڪوڪي کي آڱر سان زور ڏيندي کائنس پڇيو، ”سنڌو نالو ڪيئن پيس؟“ ”سنڌو مٿس قديم سنسڪرتي زبان جو نالو اٿس، مهرا پوءِ ان مان مهراڻ ٿيو اهو نالو فارسين رکيس، يونان ۽ انگريزن انڊس سڏيس.“ پوءِ کائنس پڇيائين، ”ڪٿان شروع ٿو ٿئي ۽ سندس پاڻي لڙاٽيل ڇوآهي . . ؟“ پنهنجو مٿو هِن ڏانهن سوريندي چيائين ”درياهه جو پاڻي ڪشمير جي وادين، ڪاغان، سوات، هندو ڪش جبلن، ٻيلن ۽ ميداني علائقن مان ٿيندو اچي ٿو، ان ڪري ان ۾ جست، فولاد، ٽامو۽ سون ڪلورائيڊ، ڪئلشم، مئگنشم، نائٽريٽ ۽ فلورائيڊ آڻي زمينن کي زرخيز ڪري ٿو. دريائي ٻيلا آبهوا کي آلودگيءَ کان پاڪ رکن ٿا.“ سامهون ويٺل همراهه سگريٽ دکائي ڇڪڻ لڳو، هيٺ روڊ تي ڪجھه سپاهين ٽرڪ جي تلاشي پئي ورتي. مون اشرف کان پڇيو، ”ڪٿي پهتا آهيون؟“ ”پتو ناهي.“ وري چوڻ لڳو. ”هي ڊاڪٽرياڻي انوکي عورت ٿي لڳي. سونهن به اٿس ته عقل به، سندس جيون ساٿي ڪيڏو نه ڀاڳن وارو آهي.“ هن دريءَ تي مٿو ٽيڪي سامهون رستي ڏانهن پئي نهاريو. اشرف ۽ منهنجي ڀرسان هڪ شهپري همراهه ۽ سندس ڀر ۾ هڪ ٻيو شخص ويٺو هو، کيس هنج ۾ هڪ وڏو ڪڪڙ هئس. شهپري همراهه به خفتي پئي لڳو،کائنس پڇيائين،”ڪڪڙ کي ته پيرن ۾ دڙيون اٿئي؟“ ”هائو،ٻيجي آ.“ ”ڪڪڙ ڪا چڱي ڏجانس، سنڌي ڪڪڙ نه ڏجانس.“ ”مادي ڪهڙِ ڀلي آ. . . ؟“ ”منيا والي اصيل ڪڪڙ جا ٻچا سٺاٿين ٿا.“ هن شهپرن کي هٿ هڻندي وراڻيو، ”مون وٽ سنڌي اصيل آهي.“ ”چڱي آ پر مادي ولائتي ڀلي ٿئي ٿي، ڪڪڙ جاگيري، پشاوري ۽ رامپوري ڀلا ٿين ٿا.“ ”هاڻي شوق ڪٿي رهيو آ. جوا جو مرض وڌي ويو آ.“ پوءِکائنس پڇيائين، ”توهان وٽ ميلون ٿين ٿيون. . . ؟“ ”ها، هاڻي بهار ۾ شروع ٿينديون،باڊهه، قمبر ۽ فريدآباد۾ ته وڏيون ميلون ٿين ٿيون.“ اشرف پڇيو: ”هڪڙو شعر ٻڌايانءِ،”دل ديڳڙي زبان ڏوئي،جيڪو منجھس هوندو ايندو ٻاهر سو ئي.“ مون چيو ”يقينن ان ۾ ڪو شڪ ناهي.“ هو وري سوچ ۾ پئجي ويو. ٿوري دير رکي چوڻ لڳو،”هي دنگ، درياهه پهاڙ.“ هو وري چپ ٿي ويو. ڄڃ سان ڀريل بس ڀرسان ڌوڙ اُڏائيندي لنگھي وئي. اشرف مون ڏانهن سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳو، چيو مانس، ”ڏس يار! آخر اسين عام ماڻهن جو ڪهڙوقصور آهي؟ انفراديت پسند سماج ۾ رهندي هر ڪو ڇڙو ڇڙ ٿي رهي ٿو.“ هن وراڻيو، ”ها پر اصل ۾ سُستي، ڪاهلي ۽ مقدر پرستي به پاڻ کي زندگيءَ جو صحيح رُخ تعين ڪرڻ کان روڪي ٿي.“ ”اسان عام ماڻهن جي ذهني پسماندگي ايتري حد تي وڃي پهتي آهي جو نئين حالتن مان پيدا ٿيندڙ نون خيالن جي لاڙن ڏانهن اسان جو ڌيان ئي نٿو وڃي. هر مسئلي تي جنوني انداز ۾ سوچون ٿا.“ اشرف ڪجھه پڇڻ پئي چاهيو، پر عورتن جي پاڻ ۾ سرٻاٽ ڪري ڳالهائڻ ڪري ماٺ ٿي ويو. شايد هن سندن ڳالهيون ٻڌڻ پئي چاهيون. ڊاڪٽرياڻيءَ جي ساهڙيءَ کائنس پڇيو: ”شاديون ۽ ٻيا خوشيءَ جا موقعا وغيره اٽينڊ ڪرڻ کا ڇو لنوائيندي آهين؟ جيتوڻيڪ توکي ڪلچرل سرگرمين سان لڳاءُ هوندو آهي.“ ٿورو مرڪي چيائين، ”ڊپريشن ٿيندو آهي.“ هُن يڪدم پڇيس، ”ڇو!!؟“ ”شادين وغيره ۾ به اهو مزو ۽ رَس ته رهيو ناهي، ميڪ اپ، زرق برق ڪپڙن ۽ زيورن جي نمائش کان سواءِ بي تُڪي گفتگو، بس رهيو آ ڪو ان ۾ لوڪ رنگ . . . !“ وري هُن ٻيو سوال پڇيس،”اقبال ۽ تو وارو معاملو ڪٿي پهتو؟“ ڊاڪٽرياڻيءَ جو چهرو شرم ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ”تو کي ته سڄي خبر آهي، باقي ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي آهي.“ عورت ٿورو هٻڪي ۽ وري کيس چيائين؛ ”علهدگي؟.“ ”چاهين ٿي ته ٻڌ، اقبال کي مان آزاد خيال ۽ سٺن ويچارن وارو عملي شخص سمجھندي هئس، اصل ۾ هو ائين نه هو، اهو سندس ٺڳڻ وارو روپ هو، هن جي اصليت مون تي آهستي آهستي ظاهر ٿي. هو منهنجي ڪمائيءَ مان عياشي ڪرڻ لڳو. مون کي سوني جھرڪي سمجھي گهر تائين محدود رکيائين. سال کان پوءِ سيما سان منهنجي رضامندي بنا شادي ڪيائين. خير ڇڏ!“ هو بيزاريءَ مان دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳي، پوءِ چوڻ لڳي ”هاڻي ته مون کي ان شخص کي ڏسڻ سان ئي اذيت ٿي ٿئي، هينئر منهنجي دل ۾ هن لاءِ نفرت ۽ غصو آهي.“ ”ساري مان تنهنجي دل ڏکوئي.“ عورت سنجيده انداز ۾ معذرت گھريس. هن موتين جھڙا ڏند ڪڍي ٿورو مشڪي چيس ”تو ڪونه ڏکويو آ، ڏکويل ته اڳيئي آهيان. هن ڪيتري نه پياري، سادي ۽ اعتماد واري انداز ۾ ڳالهايو. هن جي رومانٽڪ ٽريجڍي ٻڌڻ ۾ بيحد مزوپئي آيم.“ رستي ۾ ويگنون هڪ ٻئي کي ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون، اوچتو اسان واري ويگن جي رفتار تيز ٿي وئي، ڊرائيور اڳيان واري ويگن کي اوور ٽيڪ ڪيو، ٻنهي جي وچ ۾ ڊوڙ شروع ٿي وئي، مسافرن جي چهرن تي ٿوري گھٻراهٽ ڇانئجي وئي، ماٺ ٿي وئي، هڪ شخص ڪاوڙ وچان ڊرائيور کي چيو، ”اڙي مرڻ جو ايڏو شوق ٿئي ته اسان کي لاهي پوءِ وڃي مَرُ . . .“هن جي آواز تي ٻيا مسافر هڪ ٻئي ڏي ڏسڻ لڳا ۽ پوءِ هڪ ٻئي سان روڊ حادثن جو ذڪر ڪرڻ لڳا، ڪنهن چيو، ”ٽرڪ ۽ ڪار جو ڪالهه فلاڻي هنڌ ٽڪر ٿيو هو هڪ گهر جا چار ڀاتي ٿڏي تي مري ويا ۽ پنج زخمي ٿيا.“ ٻئي همراهه وري ان کان وڏي حادثي جي خبر ٻُڌائي ۽ ٽئين وري ان کا به وڌيڪ سنسني خيز واقعو بيان ڪيو. هڪ سٺ ورهين جو سفيد پوش شخص تسبيح پئي پڙهي ۽ سندس سامهون ويٺل، ڪجهه نوجوان هِن تي طنزيه انداز ۾ کلي رهيا هئا. اشرف خيالن ۾ غرق چپ ويٺو هو. مون چيو مانس ”ڏسين ٿو . . !؟“ هن ڪنڌ مٿي ڪندي پڇيو ”ڇا. . . ؟“ مون سٺ سال عمر واري سفيد پوش شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيو مانس، ”ويچارو خدا کي ٻاڏائي پيو ۽ هو نوجوان اُلٽو مٿس کلن ٿا. . .ائين ڪنهن جو اڏائڻ غلط آهي. “ ”ها، آهي ته زيادتي پر ڇا ٿو ڪري سگھجي !؟ “پر تسبيح وارو همراهه به ڪو رٽائر ڪامورو ٿو لڳي. . .؟ ”ڪير به آهي پر آهي ته بُزرگ نه.“ هن جي چهري تي طنز ڀري مسڪراهٽ ڦهلجڻ لڳي ۽ چوڻ لڳو ”ٻلي سو (100) ڪُئا کائي هلي آ حج تي. سڄي عمر پبلڪ جو رت چوسي هاڻ رهبانيت ڏي رخ ڪيو اٿن، ٻئي گدرا مُٺ ۾ ٿا ڪن.“ ”ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سابه نه ڀلي. . .“ مون سنڌيءَ جو پهاڪو ٻُڌايو مانس ته هو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ”هاڻي رهيو ڇا اٿن؟ کوکلي زندگي ڌنڌو ٿئي نه، فيس هائيڊن، فار ييئر ايڊنٽي واري چوڻي تي عمل ٿا ڪن.“ منزل قريب ٿيڻ لڳي، سڀ ڪو پنهنجو سامان سهيرڻ لڳو، ڊاڪٽرياڻيءَ جي ان چرپر ڪري سندس جي لٽن مان پرفيوم جي مهڪ پئي آئي. سفر ۾ هن جي موجودگي شايد هر ڪنهن جي، پر گھٽ ۾ گھٽ منهنجي من اندر خوشي ۽ مسرت جواحساس پئي جاڳايو ۽ خبر ئي نه پئي، سفر ڪٽجي ويو. ويگن جيئن ئي اسٽاپ تي بيٺي ۽ بي صبرا مسافر هڪ ٻئي کي لتاڙيندا هيٺ، ٽانگي وارا ويگن مان لهندڙ مسافرن ڏانهن حسرت ڀري نظرن سان تڪن پيا. اڏين مُڇن وارو شخص هيٺ لهي، عورتن کي رستو ڏيڻ لاءِ هڪ طرف هٽي بيٺو، هن کين احترام طور ائين نه پئي ڪيو، بلڪ اُن لاءِ ته جيئن ڀرسان عورتون لنگھن ته لطف اندوز ٿئي. وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان