محترم خليل چانڊيه صاحب معاف ڪجو ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    محترم خليل صاحب معاف ڪجو ...
    ______________________

    هي پي پي ۽ زرداري خلاف موقف ٺيڪ پر يار هي ايجنڊا ته پنجاب ۽ غير سنڌين جي آهي جن انهن پڙهيل لکيل سنڌين کي زرداري خلاف لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ويٺا کلن ......مونکي اعتراض ان تي نه آهي ته توهان سنڌ جي پيسي زمين پلاٽن جي مالڪي نه ڪريو پر مونکي اهو ٻڌايو ته هر سال پنجاب هن ايف بي آر جي ڍڪ ۾ 2100 هزار ارب روپيه ۽ زمين ڀڳڙن جي مٺ تي جنهن ۾ هي بي تڪو ڊفينس فيض 9 ۽ ٿر جي ٻي آباد زمين جنهن ۾ فوجي نوس نوس ڪندا رهن ٿا ڪڏهن سوشل ڪم جي بهاني ۽ اتي ڪيتري زمين انهن ڦٻائي آ اها ته منهنجي مور خليل صاحب کي نه ياد ٿي اچي نه ڪاوڙ ٿي ڏياري ۽ هو گيس تيل جنهن جي ڀيل پئي هلي ۽ بنا حساب ڪتاب جي پنجاب کنيون ٿو وڃي ۽ پاڻي جي غلط ورڇ جنهن سان سنڌ ڪڏهن ٻوڏ ته ڪڏهن سوڪهڙو جنهن تي بي ترتيب ارسان جوڙيل آهي ان لاءِ ڇو ڪين دل ڌڙڪو پيدا ٿئي ٿو ...پر همراهن کي ايجنسين جي ايجنڊا مليل آ ته پي پي جي مخالفت ڪريو ان کي ڊائون ڪريو جنهن جي قيادتن سرن جا سودا ڪيا ان ئي پنجاب جي ڄنگل ۾ ايندي ...وري اسان جا همراه اصل بيک ڪني کان عوام جو منهن موڙائي کسيس 25 ارب روپين جي ڪرپشن جيڪا به ثابت ناه تي واويلا پيا ڪن ۽ هوڏانهن 1600 هزار ڇه سو ارب هرسال وفاق جي نالي پنجاب جي پونجي پئي ٿئي ان جي ترقي پئي ٿئي جن خشڪ گوديون ٺهرايون جيڪي بلڪل اصول جي خلاف آهن خشڪ گودي هميشه ان ملڪ ۾ هوندي آ جنهن کي ساحل نه لڳي پر يار هتي ته سنڌ ساحل تي آهي ان جو حق پيا زوري ۽ رومال ۾ ويڙهي پيا کائيندا وڃن سنڌ جو اصل مسئلو اهو پر سائين دوستن وٽ گگ پئي وهي پي پي جي مخالفت ...هر ان عمل جي نندا ڪريو جيڪو سنڌ خلاف آهي ...۽ هي 42 سيڪڙو هنديستاني افغاني پنجابي پٺاڻ جيڪي پنهنجن ديسن هوندي سنڌ ۾ ٿڪون پيا کائين انهن لاءِ ڪجه ته لکو ڪجه ته حلالي پٽ ٿيو ...ڇو ان تي قلم ۽ وات بند آ .....حق کي لڪائڻ وارو به اوترو ڏوهي آ جيترو حق کائڻ وارو ..........!!!!!!!!!!!!!!!!!!!؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو