تمام گهڻي خوشي ٿي ته سنڌ سلامت جي نقش قدم تي عمل ڪندي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت واري جذبي تحت هڪ خوبصورت سنڌي فورم "اوطاق" کي شروع ڪيو ويو آهي.
بهتر ٿئي ها جو سنڌسلامت جي رڳو مقصد ۽ جذبي کي ڪاپي ڪجي ها..!!
مان سمجهان ٿو ته سنڌسلامت جي مڪمل فارميٽ کي ڪاپي ڪرڻ سان ڪو خاص لاڀ ملي نه سگهندو. هڪ عام پڙهندڙ "اوطاق" ۾ شوق سان وري وري تڏهن ايندو جڏهن ان ۾ ڪا نواڻ هوندي.
منهنجي طرفان "اوطاق" جي سڄي سٿ کي مبارڪون ۽ کوڙساريون دعائون.
شل سنڌ سلامت رهي ۽ اوطاقون هميشه مچنديون رهن. آمين