شاھ لطيف جي شاعري ۾ رينڊم ۽ ريگيولر ٿيورين جو عڪس

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ غفور ميمن طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2015۔

  1. غفور ميمن

    غفور ميمن
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    گلشن حديد ، ڪراچي
    شاھ لطيف جي شاعري ۾ رينڊم ۽ ريگيولر ٿيورين جو عڪس

    ڊاڪٽر غفور ميمڻ

    پروفيسر

    ڊپارٽمينٽ آف سنڌي

    يونيورسٽي آف ڪراچي





    سائنسي طورڪائنات کي سمجهڻ لاءِ نيوٽن جا قانون اهم حثيت رکن ٿا هر فلسفي ۽ سائنسدان گهڻو ڪري نيوٽن جي ئي پوئيواري ڪئي آهي پر آئينسٽائن انهن اصولن جو حامي هئڻ جي باوجود بـه تجرباتي طور انهن قانونن جي خلاف ثابتيون ڏئي ويٺو ، ۽ هڪ نئين ٿيوري رينڊم ٿيوري کي دريافت ڪيائين.

    اچو تـ ڏسون سائنسي طور اهي ٻئي نڪتـ نظر ڇا آهن؟

    نيوٽن چيو هو تـ ڪائنات جو بنياد ٽن قانونن تي آهي .

    1. جيڪا شيءَ ساڪن آهي اها تيستائين ساڪن رهندي جيسائين ان کي ڪو بيروني دٻاءُ نـه ملي .

    2. F= ma هن فارمولي تحت زور وڌائڻ سان تيزي ۾ واڌارو ايندو پر بشرط مايو مستقل هجي ، جيڪڏهن مايو وڌندو ءِ زور ساڳيو رهيو تـه تيزي گهٽبي.

    3. هر عمل جو رد عمل ٿيندو آهي ، مطلب تـه

    "For every action there is an equal and opposite reaction"


    نيوٽن جو حرڪت جي بابت ٻيو قانون اهم هو جنهن مطابق هي ڪائنات حرڪت ۾ رهي ٿي پر ڪهڙن اصولن تي آهي ۽ انهيءَ کي حرڪت ڪنهن ڏني؟ انهي جي جواب ۾ نيوٽن وٽ سندس ٽيون قانون ته هر عمل جو رد عمل آهي مطابق ڪائنات جو عمل ڪنهن اصول تحت آهي ۽ اهي اصول ڪهڙي عمل تحت آهن ۽ حرڪت ڪنهن ڏني يعني Primary mover ڪير هو؟ انهي جو حتمي جواب نيو ٽن وٽ نه هو. سترهين صدي کان وٺي 20 صدي تائين سائينس جي انهن بنيادي اصولن جي محور تي دنيا جو هر مڪتبه فڪر هلندو رهيو.

    انهي سائنس کي ڪلاسڪ مڪينزم يا ڪلاڪ وائيز ٿيوري به چيو ويندو آهي. لاڪ، ( Locke ) والٽيئر، Voltaire) ) آدم سمٿ (Adam smith (سيموئل ڪلارڪ (Samuel Clarke) ڪارل مارڪس (Karl Marx) سگمنڊ فرائيڊ (Sigmund Freud) سڀ انهي ڪلاسڪ مڪينزم جا حامي هئا. خود آئنسٽائن Einstein)) به انهي ڪلاڪ وائيز ٿيوري جو حامي هو.

    بنيادي طرح سائنس جو اسان هڪ رخ ڏٺو آهي اهو آهي ڪلاڪ وائيز ۽ ريگيولر، جيڪو مخصوص اصولن تي هلي ٿو. سماج ۾ ڪاروهنوار ۾ به اهي اصول ئي رائج رهيا سنڌي ۾ اسان هيئن چئون تـ انهن اصولن جو لب لباب اهو ٿيندو ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، ”جيڪو پوکيندو سو لڻندو“. 2=1+1. حاضر جوابي، اعلي جو پٽ اعلي، ادني جو پٽ ادني. پيار جو جواب پيار سان، جنگ جو جواب جنگ سان، جيئن آئينسٽائن چيو هو تـ خدا ڪا ڇڪي راند نـ کيڏي آهي هر شي ترتيب ۽ اصولن ۾ هلي ٿي. ڪائنات جي وڏي کان وڏي جسم ۽ ننڍي ذرڙي ۾ اصول ساڳيو آهي.

    رينڊم ٿيوري: (Random Theory)

    ائٽم کي ٽوڙڻ کان پوءِ منجهس ٽي ذرڙا هڪ اليڪٽران ٻيو پروٽان، ٽيو نيوٽران ظاهر ٿيا. اليڪٽران ۾ منفي چارج”- “ آهي جيڪو پروٽان جي چوڌاري ڦري ٿو. پر سندس ڦرڻ جو طريقو ڪهڙو آهي شڪل نمبر (1) مطابق آهي. جنهن ۾ ڪا به ترتيب ناهي. ٻيو تـه اليڪٽران سندس ڪور ۾ هڪ ئي وقت مختلف جڳهين تي ملي سگهي ٿو. ٽيون ته اليڪٽران ڦرڻ کان پوءِ بـ ضايع نٿو ٿئي يعني سندس انرجي ساڳي رهي ٿي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تـ اليڪٽران مادو آهي يا انرجي؟

    جيڪڏهن مادو آهي ته هڪ ئي وقت ۾ سندس ڪور ۾ هڪ جڳھه تي هئڻ گهرجي. سندس انرجي ختم ٿيڻ گهرجي ءِ جيڪڏهن انرجي آهي ته سندس چارج نه هئڻ گهرجي. انرجي هئڻ جو مطلب ائٽم جي بنيادي ساخت ئي انرجي آهي.

    آخر اليڪٽران ڇا آهي؟ اسان چوندا آهيون.

    "Flow of electron is electricity". ته بجلي انرجي آهي

    بس اهوئي بنيادي مسئلو آهي تـ ”هي به ٿي سگهي ٿو ۽ هو به ٿي سگهي ٿو“. اهوئي غير متوازن، بي ترتيب (Random) ٿيوري جو بنياد آهي تـ ڪائنات جي ڪيترن ئي ظاهر ٿيندڙ واقعن جي پٺيان ڪي فارمولي وارا قانون بظاهر ناهن.

    دنيا جي هر عمل ۾ ڪٿي نـ ڪٿي Random ٿيوري جي موجودگي آهي.

    اڪثر ڊاڪٽرن طرفان لا علاج قرار ڏنل مريض صحيح ٿي ويندا آهن. فارمولو اهو ته دِل جي جڳهـ ماڻهوءَ جي کاٻي پاسي آهي پر ڪي اهڙا ماڻهو به پيدا ٿين ٿا جن جي دِل ساڄي پاسي هوندي آهي.

    هڪ ئي وقت ٻن ابتڙ ڳالهين کي سچ چئي سگهجي ٿو. هڪ ئي وقت حال کي ماضي چئي سگهجي ٿو. مثال هڪ ئي ماڻهو آمريڪا ۾ پنهنجي دوست سان ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو آهي هڪ دوست چوي ٿو ته هتي ڏينهن آهي ۽ ٻيو دوست چوي ٿو ته هتي رات آهي. ڏينهن ۽ رات هڪ ئي حال ۾ موجود آهن اهو سچ آهي. خود هڪ ئي حال ۾ وقت هڪ جهڙو ناهي. وري حال ۾ ماضي ڏسجي ٿو مثال آسمان ڏانهن اسان نهاريون ٿا اهو آسمان جو عڪس ماضي آهي حال بلڪل ناهي.

    يعني اسان ايئن چئون تـ سچ قطعي Constant) ) ناهي. هڪ ئي وقت هڪ ماڻهو لاءِ هڪ ڳالهـ سچ آهي تـه ٻي لاءِ ٻي ڳالهـ سچ آهي. يعني سنهري اصول اهو آهي تـ ڪو به اصول ناهي.

    ”جنهن کي جتان پرين پاڻ پسايو، تنهن کي تتان ليئا پائڻ آيا“.

    رينڊم ٿيوري ۽ جنيٽڪس:(Random theory and genetics)

    دراصل انسان اسان جو آدرش آهي. اسان جي روح جو آدرش آهي پر اهو انسان جسماني طور آهي ئي ڪونـه آهي صرف جانور جنهن جو نسل چمپانزي سان ملي ٿو. پر حقيقت اها آهي تـ صرف چمپانزي سان نه پر مڇين سان به ملي ٿو. پکين ۽ ڪيڙن مڪوڙن سان به ملي ٿو.

    ”گذريل ڏينهن ۾ سائنسدانن هڪ تجربو ڪيو ته هڪ مک جي اک جي جين ((Gene کي ڪوئي جي اک جي جاءِ تي هنيائون ته ان جين ڪوئي جي ئي اک ٺاهي. حيران ڪن ڳالهـ اها هئي ته آخر ڪوئي جي اک مک جي جين جي اک مان ڪيئن ٺهي. اهو صرف انهي ڪري ته هر جاندار جي جين جو بنيادي ڪوڊ ساڳيو هوندو آهي. ڪلوننگ ٽيڪنالوجي جو حيرت انگيز ڪارنامو اهو ئي آهي. هڪ جين سڀني جاندارن جي بنيادي چاٻي آهي. ڪنهن جو بـ DNA وٺي انهي جو جين مان ساڳيو جاندار ٺاهي سگهجي ٿو پر عضون جي پيوندڪاري ۾ هي ٽيڪنالوجي نهايت اهم ثابت ٿيندي. اسان سادن لفظن ۾ ائين سمجهون ته هر جاندار ۾ سڄي ڪائنات جي مختلف جاندارن جو بنياد موجود آهي.

    ”وحدت تان ڪثرت ٿي ، ڪثرت وحدت ڪل“،



    رينڊم ٿيوري فزڪس ۾ :(Random theory in physics)


    توهان اهو تـ ٻڌو هوندو تـ پاري مان سون ٺاهي سگهجي ٿو. پر اهو ڪيئن ٺاهي سگهجي ٿو، ان جو فلسفو هڪ سادي طرح توهان کي ٻڌايان تـ اليڪٽران بنيادي طرح پنهنجي ساخت کان ڪنهن عنصر جي سڃاڻپ ناهي. بلڪـ اليڪٽرانن جو تعداد عنصرن جي سڃاڻپ آهي. هڪ ائٽم ۾ هڪ اليڪٽران هڪ پروٽان آهي تـ اهو هئڊروجن جو ائٽم آهي پر منجهس ٻه آهن تـ هيلم جو آهي. وڌ ۾ وڌ اليڪٽرانن وارو عنصر يورينيم آهي. جنهن ۾ 72 اليڪٽران آهن. جيڪڏهن هائڊروجن جا ٻه ائٽم ۽ آڪسيجن جو هڪ ائٽم گڏجن ٿا ته پاڻي ٺهي ٿو پوي.

    اها ٻاهرين بناوت آهي ائٽمن جي پر ڪنهن به عنصر جي ائٽم جي بنيادي ساخت ۾ اليڪٽرانن جي مٽاسٽا عنصر جي روپ کي بدلائي سگهي ٿي. يعني توهان هائيڊروجن جي ائٽم جي شيل ۾ ٻه اليڪٽران شامل ڪريو تـ اهو ائٽم هائيڊروجن جي بجاءِ هيلم جو ٿي پوندو. اهڙي طرح دنيا ۾ هر عنصر ٻي عنصر ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو صرف انهي جي ائٽم ۾ اليڪٽرانن جو تعداد گهٽ وڌ ڪري. هاڻي غور ڪريو اليڪٽران جو ڪو بـه مذهب ناهي هو سون به آهي لوهـ به آهي ۽ ڪجهـ بـ ناهي. اليڪٽران مادو به آهي ته انرجي به آهي. هو ڪلاڪ وائيز به آهي تـ Random به آهي.

    ”هئا اڳم گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا“. (شاهـ)

    يعني مادو ۽ انرجي ڪنهن جڳهـ تي ٻئي هڪ آهن جن کي الڳ ڪرڻ مشڪل آهي.

    بلڪل اها ڳالهـ سادي طرح قبل مسيح ۾ يونان جي فلسفي پرمنائيڊز. 510 BC)) ((Parmenides ڪئي هئي

    "To be and not to be are same and not the same"(1)

    روحانيت ۽ مادو: (Matter and Spirituality )

    سائنس جو بنياد مادي تي آهي ،مادي خاصيت ، مادي تبديليون ، مادي جو انرجي ۾ تبديل ٿيڻ ۽ انرجي جو مادي ۾ تبديل ٿيڻ ، انسان جا حواس مادي ماحول ۽ مادي شڪلين کي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا اهڙي ڪنهن شيءَ جو تصور توهان جي ذهن ۾ نٿو اچي سگهي جنهن جون مادي خاصيتون نه هجن .سائينس جون سڀئي شاخون مادي علم جون شاخون آهن جيڪي ريگيولر ۽ فارمولائيزآهن . ايستائين آئينسٽائن به نيوٽن جو پوئلڳ هو انهي سڄي ٿيوري کي اسان ڪلاسيڪل ٿيوري چوندا آهيون . پر جڏهن آئينسٽائن e=mc² جوفارمولو ڏنو تـ سندس رشتو ڪلاسيڪل مڪينڪس کان ڌار ٿي ويوڇو ته جڏهن مادو روشني جي رفتار سان سفر ڪندو مادو انرجي ۾ تبديل ٿي ويندو يعني مادو مخصوص زمان و مڪان ۾ رهي سگهي ٿو هن کان ٻاهر مادو مادو ئي نه رهندو اتان اها ڳالھ ثابت ٿئي ٿي ته مادي ۽ انرجي جون خصوصيتون الڳ الڳ آهن . مادوانرجيءَ کان بغير وجود نٿو رکي سگهي پر انرجي مادي کان بغير بي لغام ٿي پوي ٿي ، انرجي جو ڪوبـ زمان و مڪان ناهي وقت جي رفتار سان انرجي ۾ ڪابـ تبديلي ناهي هاڻ اسان اچون ٿا جانور تي جانور ۾ جسم مادو آهي ۽ انرجي تحرڪ آهي ٻنهي جو سنگم زندگيءَ کي جنم ڏئي ٿو .

    Life is like sailing. To sail we need about (the body) and sailor (the soul) the boat must be sea worthy. (2)

    زندگي وهڪري ۾ ٻيڙي وانگر آهي ، سيلاني سير لاءِ هڪ ٻيڙي ۽ هڪ ناکي جي ضرورت پوندي آهي ، ٻيڙي جسم آهي ۽ ناکو روح آهي ٻنهي کان بغير سفر ناممڪن آهي.

    سائنسدان چون ٿا شعور ، دماغ ، روح يا وجود جو تحرڪ بنيادي طرح مادي جي انتهائي منظم شڪل آهي. مان سمجهان ٿو مادي جي منظم شڪل جسم آهي. پر انرجي جي منظم شڪل شعور آهي.

    جانور ۽ انسان ۾ فرق:

    جانور ۾ روح آهي ، جسم آهي ، پر اهو روح جبلي ۽ جسماني ضرورتن جي تابع آهي. روح خود مختار ناهي ائين چئجي ته جانور ۾ انرجي روح جي شڪل اڃان نه ورتي آهي اها انرجي divinity نه بني آهي ڇو ؟ اتان رينڊم ٿيوري شروع ٿئي ٿي ، آخر ارتقائي مرحلن ۾ اهي ڪهڙا سبب هئا جن ۾ هڪ جنس ٻي جنس کي پوئتي ڇڏي وئي يا وري ائين چئجي ته وحدت مان ڪثرت ڏانهن سفر دوران ڪثرتي هر شڪل پنهنجي انفرادي جنس ۽ انفرادي وجود ۾ به هڪ وحدت آهي يعني هر شيءَ هڪ اڪائي (Micro cosmos) آهي اهو سفر فارمولائز ناهي ڪلاڪ وائز ناهي ڪير ڇا بنجندو ڪا حتمي ڳالهه ناهي ـ

    ” نـ ڄاڻ ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سان“

    جانور همدردي نٿو ڪري سگهي ، پيار نٿو ڪري سگهي ( پيار ۽ انسيت ۾ فرق آهي ) قرباني نٿو ڏئي سگهي ۽ سڀ کان وڏو فرق آهي تـ تبديلي پسند ناهي پنهنجي مزاج ۽ حالتن ۾ تبديلي نٿو ڪري سگهي ڪالهه گاھ کائيندو هو ته اڄ به گاھ کائي ٿو جڏهن بک لڳي ٿي ته شڪار ڪري ٿو ، موسمي لڳ ڪري ٿو پر انسان ۾ پاڻ سڃاڻڻ، پنهنجي ذات جو احساس ۽ ذات جو اظهار

    (Self awareness, self centeredness, self expression)

    جهڙا گڻ موجود آهن سڀ کان وڏي ڳالهه تـه انسان پنهنجي جبلت ۽ فطرت کي مهذب (sublimate)ڪري ٿو هڪ طرف اسان ڏٺو ته جاندار جو جين جو ڪوڊ ساڳيو آهي ٻي طرف هر شيءَ ۾ هر جنس پنهنجو سفر طئي ڪيو آهي .ارتقا فارمولائيز به آهي ته رينڊم به آهي مان هتي صرف اهو ثابت ڪرڻ چاهيان ٿو تـ انسان ۾ روحانيت (spirituality)جو عمل ئي ماڻهوءَ کي انسان ٺاهي ٿو روحانيت رينڊم آهي ، فارمولائيز ناهي هي انرجيءَ جي اها خاصيت آهي جنهن انسان بنجڻ تائين هڪ وڏو ارتقائي سفر طئي ڪيو آهي اها روحانيت ماڻهو جي مزاج رينڊم آهي انسان جي نفرتن ۽ پيار جو مزاج به رينڊم آهي ماڻهو جي مزاج ۾ ٿيندڙ تبديليون جيتوڻيڪ علم نفسيات تمام گهڻو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوءِ به ڪو فارمولو طئي نٿو ڪري سگهجي .


    ڪڏهن تاڪيون ڏين ، ڪڏهن کلا در دوستن جا

    ڪڏهن اچان اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو پيا نين

    ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرين

    اهڙا ئي آهن صاحب منهنجا سپرين



    رينڊم ٿيوري ۽ سماج:

    جيڪو قطعي سچ (absolute truth) ناهي اهو رينڊم آهي، هاڻ قدر ، معاش، سماج، پسند ناپسند، نفرت، محبت، رشتا، رسمون رواج، خود ماڻهوءَ جوحلئيو بدلجندڙ آهي بدلجندڙ شيءَ قطئي سچ نه پر سچ ضرور آهي ڇو ته ڪالھه جو سچ اڄ جو ڪوڙ ٿي سگهي ٿو، ڪالھه جي غير اهم ڳالھه اڄ جي اهم ڳالھه ٿي سگهي ٿي ،انتهائي شريف ماڻهو جو اولاد نڪمو نالائق ٿي سگهي ٿو ۽ وري نالائق ماڻهو جو اولاد لائق ۽ صالح ٿي سگهي ٿو هڪ ئي ماحول ۾ پلجندڙ ٻن ٻارن مان هڪ هوشيار ۽ ٻيو ڪند ٿي سگهي ٿو . نپولين بوناپارٽ جي محبوبا جڏهن بي وفا ٿي ويئي تـه هن اها ڳا لھه ڪئي تـ عورت آخر ڇا ٿي چاهي ؟ خوبصورتي ، جوان مردي ، دولت، سماجي رتبو ، يا ڪجهه ٻيو ؟ سڀ ڪجهه مون وٽ آهي پر هوءَ پوءِ به بيوفا ٿي وئي ۽ مون کي ڇڏي وئي آخر ڇو؟ انسان جي نفسيات جون پيچيدگيون ايتريون ته الجهيل آهن جوماڻهو جو ڪو به عمل ڪڏهن ڪنهن جواز يا منطق کان بالاتر هوندو آهي . هڪ ئي ماءُ ٻن ٻارن مان هڪ کي وڌيڪ پيار ڪري ٿي ڇو؟ يا سڄي زندگي احتياط سان ڊرائيونگ ڪرڻ وارو عين ممڪن آهي ته خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ڪري ويهي ۽ وري سڄي زندگي خطرناڪ ڊرائيونگ ڪرڻ واري ڪڏهن ايڪسيڊنٽ ئي نه ڪيو هجي.

    هڪ ئي بيماري جا ٻه مريض ٻنهي جو هڪ ئي علاج ٿي رهيو هجي پر هڪ صحيح ٿي وڃي ۽ ٻيو وري نه ٿئي

    اسان وٽ سماجي طور اڪثر ٻارن جي تربيت فارمولائز ڪندا آهيون. ٻارن کي پيمپر ڪلچر ۾ پالي مشين بنائڻ چاهيندا آهيون . فطرت کان ڪٽي مقابلي جي دنيا ۾ ٻارن کي مشين بنائي ڇڏيندا آهيون. اسان سمجهندا آهيون هوشيار ٻار اهو جيڪو اسڪول ۾ پهريون نمبر کڻي، ڪامياب ٻار اهو جيڪو ڊاڪٽر ، انجينيئر ٿئي. اسان فارمولائز ٿي ويا آهيون. پٽ سلام ڪر ، پٽ هي نه ڪر، پٽ هي ڪر. مطلب ته اسان مارڪيٽ جو وکر ۽ ڪاربان ڪاپي ٻار کي بنائڻ چاهيندا آهيون. جڏهن ته ٻار ڇا بنجندو ڪو فارمولائز ناهي، ڪو ڪمزور پڙهائي ۾ ٻار تمام وڏو سائينسدان بنجي سگهي ٿو. ڪو پڙهائي ۾ ڪمزور وڏو سنگراش ٺهي سگهي ٿو. ، فلسفي ، نفسياتدان ، اديب ، ڪاروباري يا اڃان بـ وڏو آدرشي جيڪو دنيا بدلائي ڇڏي.

    دنيا ۾ اهڙا واقعا ٿيا آهن تـ ماڻهو اهو سوچيو ئي نه هجي پر اهو ئي هو ٿي ويو هجي. اڪثر اسان وٽ چيو ويندو آهي تـ ظالم جو انجام ڏاڍو خراب ٿيندو آهي، حرا م کائڻ جو نتيجو خراب نڪري ٿو. چوري راس نه ايندي آهي. اهي سڀ اخلاقي قدر آهن باقي اهو لازمي ناهي ظالم نسل در نسل ظلم ڪندا رهن ٿا، حرام کائڻ وارا ٿلها ٿنڀرا گهمندا وتن، چوري ڪرڻ وارا هاڻ خانداني امير ۽ معزز سڏجن ٿا پر مخصوص حالتن ۾ ائين آهي به ته ائين ناهي به اڪثر مصيبتون غريبن ۽ ايماندارن مٿان ئي اينديون آهن. چوندا آهن ته ”ڏٻري ڍور تي مڇر بـ گهڻا“. مطلب تـ سماج جو رستو ڪنهن به ترتيب ۾ ناهي، ڪجهـ ماڻهو اصولن جا پابند رڳو ٻين لاءِ هوندا آهن سندن وارو اچي تـ اصول بدلجيو وڃن ڪجهـ ماڻهو ڪٽر مذهبي آهن. ڪجهـ ڪٽر نظرياتي آهن پر عين ممڪن آهي ته اهي نظريا اهو جنون ختم ٿي وڃي ماڻهو مذهب به مٽائي ڇڏي ٿو. مطلب ته ڪجهـ بـ فارمولائز ناهي. يعني قانون يڪسان لاڳو نٿا ٿي سگهن اهي زمان۽ مڪان ۾ بدلجن ٿا.

    ڪالهه تائين عزت، شرافت، غيرت جا ڳڻ ڳائيندڙ عورت جي عصمت جا قائل اڄ پنهنجي ئي ڌيءَ کي ميڊيا تي نچندو ڏسي خوش ٿين ٿا.

    مطلب تـه ڪجهـ به ممڪن آهي ۽ ممڪن ناهي به، ڳالهـ صرف اها آهي ته مخصوص زمان ۽ مڪان ۽ صورت حال مطابق جيئڻ لاءِ ترتيب جا اسان عادي آهيون پر اها ڪا فطرت ناهي سماجي طور اصول، ضابطـا ۽ ترتيب مادي روحاني خوشي لاءِ ڪڏهن ضروري آهن ته ڪڏهن ٽوڙڻا ضروري آهن. رينڊم ٿيوري کي سرمائيداري سماج خوب استعمال ڪيو آهي. اسان ٿورو غور ڪريون. رينڊم ٿيوري ۾ ايترو ضرور آهي تـ هي به نتيجو درست ٿي سگهي ٿو ۽ هو به ٿي سگهي ٿو درست نڪري . پر سرمائيداري دنيا ۾ صرف هڪ شيءَ درست آهي. جيئن عورت لاءِ با عصمت هئڻ ڪلاڪ وائيز ٿيوري آهي پر رينڊم ٿيوري جو مطلب اهو هرگز ناهي تـ هوءَ طوائف ٿي وڃي ۽ اهو بـ درست آهي جسم مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ سرمائيداري سماج جو دستور آهي ڇو ته واپاري Commercialism) ( ۾ دنياعالميProstitution آهي. پر رينڊم ٿيوري اهو صحيح ثابت ڪري ٿي ته عورت ۽ مرد جي جنس جو بنياد پيار تي آهي پيار ۾ سڀ شيون شيئر ٿي سگهن ٿيون. ان لاءِ سماج ۽ مولوين جي پابندين جا اصولن ڪلاڪ وائيز آهن. يعني گهر ٻار ، رسم ورواج ۽ پدري سماج فارمولائز ۽ ڪلاڪ وائيز آهي پر مدري نظام رينڊم آهي. مدري نظام ۾ اسان جي سماج جو سڄو ڊانچو بدلجي ويندو. (هتي مدري نظام مان مراد عورت جي حڪمراني ناهي).

    هتي ياد رکڻ گهرجي تـه Random ٿيوري جو مطلب ڇڙواڳي ۽ انارڪي هر گز ناهي. نـه وري آواراه گردي آهي پر سماجي طور Random ٿيوري کي واپاري ماڻهن ناجائز طور استعمال ڪري انسان سان مذاق ڪيو آهي. رينڊم ٿيوري بذات خود هڪ وڏي عالمي ڪائناتي نظام جي عالمي فارمولي جو حصو هو پر جيڪڏهن اسان لکين بلين سالن جي عرصي ۾ هڪ سيڪنڊ گذاري رهيا آهيون ته اسان کي اهو عمل فارمولائز نه لڳندو.

    اسان جو علم مادي تائين محدود آهي زمان ۽ مڪان کان ٻاهر اسان جي پهچ ناهي روحانيت جي دنيا جي اسان کي خبر ناهي انهي ڪري اسان کيِ اهو سڀ پراسرار لڳي ٿو .

    هڪ اهم ڳالهـ اها به ته رڳو رينڊم ٿيوري هن فطرت ۽ سماج سان لاڳو ڪونهي بلڪـ ريگيولر ۽ ڪلاڪ وائيز ٿيوري به گڏ گڏ آهي انهي جو سبب آهي مادي جو قانون فارمولائز ترتيب ۾ آهي ۽ انرجي (روح) جو قانون ترتيب ۾ ناهي مان رينڊم ٿيوري کي روحانيت جو قانون سمجهان ٿو. ڇو ته وقت ۽ مادو صرف زمان و مڪان ۾ موجود آهن ۽ زمان و مڪان به مادي ۽ وقت ۾ موجود آهي پر روح جو ڪو زمان ۽ مڪان ناهي ۽ روح جي انتهائي شڪل شعور ۾ ماڻهو کي جينئس ٺاهي ٿي. شعور کي زمان ۽ مڪان ۾ قيد ڪري نٿو سگهجي. تنهن ڪري مخصوص قانون مادي تي لاڳو آهن روح تي ناهن.



    بي معنويت ۽ رينڊم ٿيوريtheory) : Absurdity and Random)

    زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟؟ جڏهن ڪا به شيءَ فارمولائز ناهي، ڪو عمل طئي ٿيل ناهي ته روح جي بي ساخته اڇل مادي عملن ۾ بي معنويت جي شڪار ڪري ڇڏيندي آهي.

    روح ۽ مادو فطرت جا ٻه حصا آهن. فطرت جي ويجهو ۽ فطرت ۾ ضم زندگي ويڳاڻپ کان بچيل هئي پر شعور جي اڇل آهستي آهستي فطرت کان ٻاهر حرڪي طور الڳ وجود بنجي وڃي ٿي، اتان بوريت بي معنويت شروع ٿي وڃي ٿي. جيئن سرمائيداري دور شروع ٿيو واپاري مقصدن لاءِ هر شيءَ استعمال ٿيڻ لڳي ته ماڻهو وکر بنجي ويو ۽ روح اڪيلو رهجي ويو.مقابلي بازي جي ڊوڙ گلئيمر جي ڌنڌ ۾ جسمن جي نمائش، مادي حاصلات ۽ مادي آسائشون، شين جا انبار ، رشتا ناتا مفادن ۾ گم، منافقي، ٻهروپي، قدر بنجي ويا روح ويڳاڻو ٿي ويو. دنيا ۽ ماڻهوءَ کي ماديت جي خطرناڪ بيماري لڳي ويئي هر طرف خونريزي، خون، دهشتگردي، لاش، وحشي پڻو ماڻهو منجهـ مرون پيدا ٿي پيو ڇو ته ماڻهوءَ پنهنجي روح جو خون ڪري ڇڏيو.

    When modern philosophies pronounced God is dead. It was the divine in human that died, not God (3)

    ايڇ بي ڊينش نيٽشي جي انهيءَ ڳالهـ ڏانهن اشارو ڪيو آهي جيڪا هن ڊرامي Joyful wisdom ۾ ڪئي هئي پر اصل ۾ انسان اندر روحانيت کي ماري ماڻهو ماديت جي بيماري ۾ وٺجي ويو.

    ماديت جي دنيا ۾ زندگي هڪ ڪٺن جاکوڙ بنجي ويئي آهي، پيار هڪ بوجهـه محسوس ٿئي ٿو علم وکر بنجي وڃي ٿو ۽ خوبصورتي عياشي جو سامان بنجي وڃي ٿو ۽ امن پروس پکيئڙو بنجي ويو آهي.

    نتيجي ۾ جنهن روح کي زندگي کي معني ڏيڻي هئي ۽ جنهن روح کي لڳ لاڳاپو (Communicate) ڪرڻو هو اهو بي دخل ٿي ويو بنيادي طرح جسم اهو ذريعو آهي جنهن جي وسيلي روح جو سفر زندگيءَ کي قائم رکي ٿو. يعني جسم روح جي استعمال لاءِ آهي پر هن واپاري دنيا ۾ جسم ئي استعمال لاءِ آهي باقي روح جي ضرورت ناهي، ٻين لفظن ۾ اسان ايئن چئون تـ واپاري دنيا ۾ انسان جي ضرورت ناهي مشين جي ضرورت آهي ماڻهو مشين بنجي جيئندو ته واپاري دنيا قبول ڪندي اڄڪلهـ جي نسل کي اهڙن بي مقصد مشغلن ۾ الجهايو ويو آهي جو هن جي سوچ محدود ۽ مرده ٿيندي وڃي جيسن ڊڪسن هن طرح انهيءَ ڳالهـ کي رکيو تـ:

    The upwardly mobile generation has really broken all records of scripting and lexicography where whether at home or at school oroffice, the fingers and brain are busy clicking away. (4) P477


    اهڙي صورتحال ۾ آخر زندگي جي وهنوار ۾ ماڻهو ورچي وهي ٿو. بوريت ۽ ڪراهت ۽ بي معنويت اندر مان ڦٽيو پوي زندگي جو هر عمل واهيات ۽ بي تڪو ۽ بي سُرو ٿيو پوي، بي روح عمل ۽ بي روح زندگي مان بيزار ٿي ماڻهو نفسياتي مريض بنجندو وڃي. روز به روز نشي آور گوريون، آرام لاءِ گوريون، ڊپريشن ختم ڪرڻ جي دوائن جو واهپو وڌندو وڃي يورپ ۾ ته اسڪول هجي، ڪارخانو، آفيس، اسپتال هڪ نفسياتدان به رکڻو پوندو آهي ته جيئن ماڻهن جي نفسياتي رهنمائي ڪجي ۽ کيس ٿانيڪو ڪجي پر پوءِ به ڏسجي ٿو ته

    If we look at the world of man, the meaningless, the absurdity does not decrease but increase. (5) P-27 (Between Faith and Thought)

    روز به روز بي معنويت ۽ واهياتپڻو گهٽجڻ جي بجائي وڌندو رهي ٿو. سرمائيداري دنيا جا دانشور سڀئي گڏجي اهي جتن پيا ڪن تـ ماڻهن کي بي معنويت مان ڪيئن ڪڍجي. مايوسي ۽ بيزاريت کان ڪيئن بچائجي انهي لاءِ هنن نوان نظريا نوان خيال ۽ اندر جي سوچ تبديل ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيا آهن توهان ڏٺو اسٽيفن ڪووي Stephen R. Covey

    "The Seven Habits of Highly Effective People"

    ڪتاب لکيو جنهن تي عمل ڪندي ڪيترين تنظيمن ادارن جي ماڻهن جون تربيتون (Trainings) شروع ڪيون وري ٻيو ڪتاب لکيائين

    "8th Habit from Effectiveness to Greatness"(6)

    ايلين ٽافلر به ڪيترائي ڪتاب لکيا نئين معشيت جا درس ڏنائين ،مطلب ته مارڪيٽ ڀري پئي آهي ڊيل ڪارنيگي کان وٺي تو مون تائين پر فائدو ڪجهه به نٿو ٿئي ڇو ته بيماري ڪا ٻي آهي . ڀارت جي وزير خارجه ايم سي چاڳلا جو جملو هتي ورجائيندس

    Kashmir is not disease; Disease is much more deep rooted"(7)

    سو بلڪل اهڙي طرح

    Disease is not in man; disease is much more deep rooted"

    بيماري اها آهي ته هڪ اڻ کٽ مقابلي جي ڊوڙ شروع آهي جنهن کي

    "stupid competition"(8)

    چوندا آهن صرف ڏيکاءُ پرستي لاءِ,هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ دنيا هڪ "vanity fair" بنجي چڪي آهي ،ننڍو وڏو شو پرستي "Ostentation"جو شڪار ٿي چڪو آهي

    We are living in stark conflicts of ideas, values and actions of our own making people utter so many things that words lose their meaning and become mere utterance. Thus begins a chain reaction of simply repeating and reiterating the same message over and over again without actually granting any meaning or action to it, a life condition where probably it seems that we have stopped living and only passing through life.(9) (By Seema Raja (Bukhari Daily Dawn) (Vanity Fair) 20 April 2008

    رينڊم ٿيوري ۽ واپاري دنيا :

    (Random theory and commercial world)

    جديد واپاري دنيا جو فارمولو آهي m=E/c²جنهن جو مطلب آهي مادو انرجي کان بالاتر ناهي يا انرجي جي اڳيان ڪجهـ به ناهي رفتار کي m=E/c²it tells us that matter is nothing more than energy slowed down to a velocity that mind can comprehend (10) p:92

    مادو سڀ ڪجهـ ناهي. مادي دنيا ۾ مادي جو خاتمو هڪ عجيب ڳالهـ آهي. پر توهان ٿورو غور ڪريو 20 واليوم انسائيڪلوپيڊيا جو هڪ تمام وڏو مادو ڀريل الماري جو خانو جديد اليڪٽرانڪ دور ۾ هڪ DVD ۾ سمائجي ويو. علم موجود آهي مادو سڪڙجي ويو. خود ڏوڪڙن جا ڍير مادي معني وڃائي چڪا آهن توهان وٽ هڪ اليڪٽرانڪ ڪريڊٽ ڪارڊ آهي جنهن ذريعي توهان لکن جو سودو ويٺا ڪريو مادي جي تصوير تي اصل ويليو ڳڻجي ٿي ويليو ڇا آهي اها طاقت اها انرجي آهي جيڪا ڪنهن عمل جي ضمانت آهي، اڳ ڪمپيوٽر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪمري جيتري جڳهـ کپي ٿي هاڻي پاڪيٽ ڪمپيوٽر ٺهي چڪا آهن. ساڳيو ڪم اڃا وڌيڪ، پر شين کي ڇهڻ جي بـه ضرورت ناهي اسان غير مادي ، اڻ ڇهندڙ يا مايا Intangible) ) جيدنيا ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. اڳ فوٽو گرافي لاءِ ڪاغذ ڪيمرائون گهڻو مواد کپندو هو پر هاڻ اسان کي بغير ڪاغذ جي ڊجيٽل ڪيئمرا سان سوين فوٽو ڪڍي اتي ئي ڏسي سگهون ٿا. اڳ ۾ ڪار کي چاٻي لڳائڻي پوندي هئي هاڻ ڪار کي ڇهڻ کان بغير ڪار کي کوليو يا بند ڪريو چاٻي جي ضرورت ناهي. نيٽ تي سڄي دنيا جو علم ۽ معلومات توهان جي آڱرين جي اشاري تي موجود آهي. وڏن دفترن، فائلن جا ڍير لک پڙهـ ختم واپاري دنيا ۾ شين مختصر يا ننڍڙو ڪرڻ (Miniaturization ) جو عمل تمام گهڻو وڌي ويو آهي. جيڪو دنيا کي انرجي جي ڪرشمن ڏانهن موٽائي پيو. هي اهو رينڊم مسلسل عمل آهي جيڪو اسان جي دور ۾ شروع ٿيو آهي يعني اسان شروعات ڪندڙ(Opener) آهيون . 50 سالن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟؟ شايد Matrix انهيءَ جي اعلي اسٽيج هجي.

    آدم سمٿ Adam Smith) (کان پوءِ ڪارل مارڪس Karl Marx)(تمام وڏو معيشت دان هو پر هنن جي ذهن ۾ به نه هو ته 21 صدي ۾ ڪمرشل دنيا ۾ ايڏيون تبديليون اينديون ۽ پيداوآر جا ذريعا ۽ خود پيداوار اهو رخ اختيار ڪندي ڇو ته اهي معيشت دان نيوٽن جي ڪلاسڪ ٿيوري جا پوئلڳ هئا هنن رينڊم ٿيوري تي سوچيو بـه نه هو. ڇا صنعتي دور کان پوءِ (Post capitalism) جو وڏو معيشت دان مينارڊ ڪينس (John Maynard Keynes) جو ذهن بـ اسان جي موجود معيشت تائين وڃي سگهيو پر اڳتي هن کي سڀ ڪجهـتصوراتيڳالهه ) (Fantasy لڳي. پر حقيقت اها آهي ته هي سڀ مايا جو کيل آهي ۽ اسان انهي مايا جي راند ۾ هڪ وڏي ڪاڪ محل ۾ داخل ٿينداسين.

    في الحال تـ غير مادي ، اڻ ڇهندڙ يا مايا (Intangible) ڌندي ۾ ايترو سمجهڻ ضروري آهي ته اسان جي آس پاس ئي ماڻهو فائل هيڏان کان هوڏانهن ڪندي ارب پتي ٿي وڃن ٿا. شيئرز مارڪيٽ ۾ ويٺي ويٺي آڱرين جي اشاري سان بلينئر يا زيرو.


    شاهـ لطيف جي شاعري ۾ ترتيب ۽ بي ترتيبي

    (Regular and Random theories in the poetry of Shah Latif)


    ريگيولر يا رينڊم ٿيوريز نـه تخليق ڪيل آهن نـ وري من گهڙت آهن. تنهن ڪري انهن ٿيوريز کي هر عمل ۽ هر ڪم تي جاچ ڪري چڪاسي سگهجي ٿو تـ انسان جي فطرت ۾ اهي لاڙا ڪهڙي ريت رهيا آهن. شاهـ نـه نيوٽن پڙهيو هو نه وري آئنسٽائن پر شاهـ فطرت ۽ سماج ۽ انسان جي نفسياتي ڪيفيتن کان ثَقافتي طور واقف هو. شاهـ جو مشاهدو ايترو گهرو هو جو شاهـ ڄڻ فطرت کي زبان ڏئي ڇڏي. جماليات کي لفظ ڏئي ڇڏيا شاهـ وٽ هر ڪردار پنهنجي فطرتي نفسيات ۾ ڀرپور طور عڪاسي ڪري ٿو. فطرت جو هر ذرو بي جان يا جاندار پر هڪ ڪردار آهي. جاندار ڪردار جي نفسيات ۽ انهي جا عنصر جاچڻ هڪ الڳ موضوع آهي پر اڄ رينڊم ٿيوري ثابت ڪيو تـ اصل شي intelligence Questionnaires (IQ) نـ پر) Emotional questionnaires (EQ آهي ۽ شاهـ جي هر ڪردار جي EQ مظبوط آهي.

    شاهـ جي شاعريءَ متعلق اڪثر اهو بحث الجهندو رهيو آهي ته شاهـ وٽ شاعريءَ ۾ تضاد يا ابتڙ وارن فڪرن جي نمائندگي ڇو آهي؟؟

    مثال صبر ۽ شڪر کي ڪاڏي آئون ڪندي

    آهيان جنهن سندي، سوئي گهرجي ساڻ مون (آبري 6/10)

    وري ٻي جگهه تي چوي ٿو

    صبر ۽ شڪر کي هٿ ڪيو موڻ هاڻ

    پريم اچي پاڻ پٽيءَ کي پڇيج تون (آبري 6/12)

    يا ڪٿي چوي ٿو

    هڻ ڀالا پوءَ ڀاڪرين ، آڏي ڍال م ڍار

    م ٿيڪ ترار ، مار ته متارو ٿئين (ڪيڏارو 5/3)

    وري ٻئي جگھه تي چوي ٿو

    هو چوني تون م چوءَ واتان ورائي

    آخر اهي تضاد شاهه وٽ ڇو آهن انهن سڀني جو هڪ ئي جواب آهي ته شاهه فارمولائيز شاعر ناهي حالتن مطابق سچ بدلجي ٿو وڃي جتي جيڪا شيءَ ضروري آهي اهو سچ آهي اهو ئي رينڊم اسلوب آهي.

    شاھ جي هن دعا کان ا سان شروع ڪريون ٿا

    ” عدل ڇٽان آنءُ نه ، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو“

    عدل انصاف ڪلاڪ وائيز ۽ فارمولائيز آهن پر فضل رينڊم آهي هر ماڻهو جي اندر ۾ نتيجا مختلف طرح جا موجود هوندا آهن ، قدرتي طرح اسان اميد ۽ نااميد جهڙا عمل شڪ ۽ شايد جي بنياد تي به ڪندا آهيون جڏهن ته فارمولي ۾ اهڙي ڪابه گنجائش ناهي پر پوءِ به نتيجا ڪهڙا به نڪري سگهن ٿا انهن امڪاني نتيجن تي ئي تصوراتي ۽ تخيلي دنيا قائم ٿيندي آهي ۽ شاھ وٽ تخيل جي اڏام ڏسو.

    نو نير ، ڏھ ڏاوڻيون، پندرنهن پئند پياس

    سڄڻ ياد پياس ، ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي. (کنڀات 2/27)

    *

    سهين سڄن اڀري ، چوراسي چنڊن

    بالله ريءَ پرينءَ، سڀ اونداهي ڀانئيان. (کنڀات '1/6ڪلياڻ آڏواڻي)

    تصور گهڻي ڀاڱي رينڊم ۽ ممڪن شين کان بـه بالاتر هوندو آهي.

    شاهـ لطيف وٽ عشق جو بنياد رينڊم آهي. عشق ڪڏهن به فارمولائز ۽ ڪلاڪ وائيز نه ٿيندو آهي. عشق جي پنهنجي دنيا آهي اها طئي شده رستن تي سفر نه ڪندي آهي.

    مثال

    ڪونر پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس

    ٻنين سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس

    تنهن عشق کي شاباس ،جنهن محبتي ميڙيا. (ڪارايل1/9 ڪلياڻ آڏواڻي)

    پاتال ۽ آڪاس جو سنگم ناممڪن آهي پر عشق ۾ ممڪن ٿي ويو. جيئن معجزن جي تاريخ ۾ ناممڪن ۽ عقل جي بر خلاف شيون ممڪن ٿي ويون. خود حضرت محمد صلعم جن جو پيدا ٿيڻ رينڊم ٿيوري جو ثبوت آهي.

    برو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اجارئو

    لاٿو سڀ ڪنهن لوڪ تان ، هاڙي ڌڻيءَ هور

    ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور

    آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏک ويهاريون. (حسيني 3/8)

    مڪي ۾ جتي هر طرف برائي هئي، ماڻهن ۾ انسانيت نه هئي، خون، دشمنيون، ڪوڙي غيرت، نياڻي کي جيئري پورڻ (سفاڪي جو نمونو اڄ به ڪٿي نٿو ملي). جوا، عياشي، غلامي، ڪوڙ، ٺڳي، بي ايماني، جهالت جي طوفان ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو پيدا ٿيڻ جيڪو سري کان انهن شين کان پري بـه هجي ۽ خود شرافت ۽ انسانيت جو نمونو هجي جنهن سڄي زندگي ڪوڙ نـه ڳالهايو. اهو معجزو ئي چئبو ۽ اهو رينڊم اسٽائل ۾ ئي ممڪن آهي. هر شيءَ ممڪن آهي ۽ صحيح بـه آهي.

    ماڻهوءَ جا رويا نفسياتي طور مختلف هوندي بـه ان ۾ ڪا يڪسانيت (Consistency) ضرور موجود هوندي آهي جيڪا سندس سڃاڻپ آهي يعني ڪرادار جو ڪلاڪ وائيز بنياد به آهي ، ته منجهس رينڊم اسٽائيل به آهي مثال سهڻي جو مظبوط ارادي سان مهيار سان ملڻ پيار ۾ ثابت قدم رهڻ (Determination) فارمولائيز آهي پر خود سندس اهو عمل سماجي قدرن ۽ رواج خلاف بغاوت آهي هئڻ ته ائين گهرجي ته سهڻي پنهنجي تقدير سمجهي ڏم سان ئي زندگي گذاري ها، اها سوچ فارمولائيز هئي پر هن ابتا پير کنيا ۽ ان کي صحيح (Justify) به مڃيو ويو. سهڻيءَ کي ڪير به نٿو نندي ته هن غلطي ڪئي پر ان ڳالهه کي به ڪير نٿو مڃي ته هر عورت کي ائين ڪرڻ گهرجي يعني صحيح به آهي ته غلط به آهي بس اهو ئي رينڊم اسٽائيل آهي .

    اهڙي طرح سسئيءَ جو ڪردار ڏسو هن جي ثابت قدمي ۽ ارادي جي پختگي فارمولائيز آهي پنهون لاءِ واجهائڻ ته سڀاويڪ آهي پر گهر ڇڏڻ، شهر ڇڏڻ ، جبل جهاڳڻ ، پنڌ پوڻ ، خوفناڪ اونداهين ۾ اڪيلائي ۾ ، جهنگلي جانورن جي وچ ۾ پنهون پنهون ڪندي جان ڏئي ٿي اهو سڀ ڪجهه عام رواجي (Usual) ناهي اهو رينڊم اسٽائيل آهي .

    سڀ کان وڌيڪ رينڊم اسٽائيل مارئيءُ جو آهي هڪ اڪيلي غريب عورت ، بي وس، ۽ پر وس ، محل ماڙيون ،سون مين، کاڌا ، عيش آرام، ڏسي ته جلد هرکي پوي ها فطرت به اها آهي مارئي عمر سان شادي رچائي ويهي رهي ها ته عام ڳالهه هئي ڪير کيس ڪجهه به نه چئي ها اها فارمولائيز ڳالهه هئي ڪلاڪ وائيز ٿيوري مطابق ائين ئي ٿيڻ گهرجي ها پر مارئي جو سڀني ڳالهين کي ٺڪرائڻ ۽ واپس وڃڻ لاءِ واجهائڻ رينڊم آهي اڄڪلهه جي گليمرائزڊ دور ۾ ته اهو سڀ ڪجهه ناممڪن ٿو لڳي شاهه جي اها سٽ ته

    ” لوڪ وهي لهوارو ، تون اوچو وهو اوڀار“ ان جو مثال آهي

    اصل ۾ رينڊم اسٽائيل ئي ته افسانو ٺاهي ٿو جيڪو ماڻهو کي پنهنجي سڃاڻپ ڏئي ٿو جيڪو ماڻهو کي جينئس ٺاهي ٿو

    شاهه لطيف کان وٺي تمام وڏن عالمن Genius ماڻهن ۽ ڏاهن خدا جو تصور ڪنهن نـ ڪنهن طرح قائم رکيو آهي. جيئن آئنسٽائن چيو هو.

    "I believe in "Spinoza's God" who reveals himself in law, full harmony of the world, not in a God who concerns himself with fate and the doing of mankind"(11) (website)

    ترجمو. آئون ان خدا ۾ يقين رکان ٿو جنهن جي ڳالهه اسپينوزا ڪئي هئي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي دنيا ئي هم آهنگي ۾ ضاهر ڪري ٿو . آئون ان خدا کي نٿو مڃان جيڪو ماڻهن جي قسمت ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ سان لاڳاپيل هوندو آهي .

    جيڪي بـه ماديت پرست فلسفي رهيا آهن انهن جو مذهب سان اختلاف ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن تقدير ۽ اخلاقيات جو مسئلو بنجي ٿو، جيڪو فارمولائز آهي محدود آهي خدا جو مسئلو زمان و مڪان جي حدن ۾ ۽ مادي حدن ۾ ته واقعي فارمولائز ٿي ويندو پر جي

    لامحدود تصور ۾ اسان ڏسنداسين ته اهو رينڊم آهي. بنيادي طرح اسان جو ذهن جي صلاحيت محدود آهي جيڪا فارمولائز ناهي ڇو ته ذهن هڪ سلسلـ عمل آهي يعنيناقابل (Incapable ) آهي خدا جي حقيقت سمجهڻ لاءِ ان وقت ٻه رستا آهن يا خدا کي مڃو بغير دليل جي يا انڪار ڪريو دليلن سان.

    جواهر لال نهروءَ خداجي تصور کي ايترو وسيع ۽ لا محدود قرار ڏنو جو هن موجوده تصور خدا کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.

    "What the mysterious is I do not know. I do not call it God because God has come to mean much that I do not believe in. I find my self incapable of thinking of a deity or of any unknown supreme power in anthropomorphic term".(12) P 28

    مجموعي طور زمان ۽ مڪان ۾ زبان مان لفظن سان سماجي ٻوليءَ سان خدا کي بيان ڪرڻ نهروءَ لاءِ نا ممڪن هو.

    شاهـ لطيف وٽ خدا جو رينڊم تصور آهي. يعني اهو تصور جنهن جو ڪو تصور ناهي. ڪا شڪل ناهي ۽ هر شڪل خدا جي آهي. ڪو وجود ناهي ۽ هر وجود خدا جو آهي جيڪڏهن اسان دهريت جي فلسفي کي ڏسون تـ خود اهو تصور به خدا جي وجود جو اقرار آهي. هتي مان هڪ سائنسي مثال ڏيندس_

    ترقي ياآفتـه ملڪن ۾ Polygraphsمشين ذريعي ماڻهن جي ڪوڙ ۽ سچ جي پرک ڪئي ويئي جنهن ۾ ڪجهـ اهم ماڻهو جيڪي دهريا Atheist) ) هئا انهن کان جڏهن پڇيو ويو ته توهان جو مذهب ڪهڙو آهي؟ ته هنن جواب ڏنو اسان خدا کي نـه مڃندا آهيون ۽ واقعي به دهريا هئا. پر مشين ٻڌايو تـ هي ڪوڙ پيا ڳالهائين. بار بار سندن مشين ذريعي چيڪ اپ ڪيو ويو پر نتيجو ساڳيو آهيو.

    ان جو مطلب تـ دهريت بـه خدا کي مڃڻ جو هڪ نمونو آهي يعني توهان جيڪڏهن خدا کي نٿا مڃو تـ ڀلا ڇا ڪندا مذهب کي مڃڻ کان انڪار ڪندا. پر مذهب ۽ خدا ٻـه الڳ الڳ مسئلا آهن. مذهب جو بنياد سماج آهي خدا جو بنياد لا محدود ڪائنات کان به بالاتر آهي وجود يا عدم جو بنياد هڪ آهي. تنهن ڪري لطيف وٽ خدا لا محدود آهي بلڪـ آهي ئي خدا ٻيو ڪجهـ آهي ئي ڪونه.

    ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار

    جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چئان. (ڪلياڻ 1\24)

    انهي ڪري خدا (God) کي مڃڻ يا نه مڃڻ جو مطلب مذهب کي مڃڻ يا نه مڃڻ ته ٿي سگهي ٿو پر خدا کي مڃڻ يا نه مڃڻ جو سوال ئي فارمولائز ناهي رينڊم آهي يعني نـ مڃڻ ۾ بـ مڃڻ موجود آهي. لطيف وٽ بـ خدا ۽ مذهب ٻـ الڳ الڳ مسئلا رهيا آهن. سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ شاهـ خدا ۽ مذهب جو واضع تصور پيش ڪيو آهي. مذهب فارمولائز آهي. پر خدا رينڊم آهي.

    ”سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي“

    هي هڪ واضع اشارو آهي رينڊم اسلوب جو مذهب ۾ گناهـ ۽ ثواب، عذاب ۽ راحت جا تصور واضع ۽ الڳ الڳ آهن. وحدت الوجودي تصور خود رينڊم آهي.

    شاهـ لطيف وٽ ڪائنات جا واضع اشارا آهن جيڪي فطرت مابعدالطبعاتي حقيقت ۽ رينڊم ٿيوري جا حقيقي نمونا آهن ڪائنات ۾ مايا جوتصور رينڊم آهي. سڀ ڪجهـ حقيقي آهي ۽ ڪجهـ بـ حقيقي نـاهي، آهي جي وچم ناهي.

    هي ڏسو_

    مڙي منڌ ڏي آيون، سرتيون سڀيئي

    وتواصو بالحق وتواصو باالصبر، هوءِ تون هتيئي نه تو سنڱ نـه سڱيڻا، نـ ڏاڏاڻا ڏيهي

    تني کي روئي، جڏو ڪيئي جمال کي. (ديسي 112/)

    هن بيت ۾ سورت ”والعصر“ جو آخري حصو آيل آهي. ۽ ساڳي سورت کي هڪ ٻئي بيت ۾ بـه پيش ڪيو ويو آهي.

    عشق جي اسباب کي پر ۾ پڇيائون

    دارون هن درد جو ڏاڍو ڏسيائون

    آخر ”والعصر“ جو ائين اتائون

    تيهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي. ڪلياڻ(8/3)

    هاڻ زمان ۽ مڪان جو فلسفو مڪمل طور سورت ”والعصر“ ۾ موجود آهي جيڪو انسان تي ڪهڙي طرح اثر انداز آهي. پهرئين بيت ۾ صبر جي تلقين ڪئي ويئي ڇو تـ هن دنيا ۾ ڪير به حقيقي طور ناهي سڀ رشتا سڀ ناتا رومانوي آهن ڪو به ڪنهن جو ناهي پل ڀر لاءِ ظاهري طور سڀ هڪ ٻئي جا آهن رشتا ناتا به آهن پر وقت جي وهنوار ۾ سڀ ڪجهـ مٺ مان واري وانگر نڪريو وڃي، ڪجهـ به نٿو بچي سڀ فنا، وقت ڪنهن جو به ناهي. انهن لاءِ ڪهڙو روئڻ، ڪهڙو وڇڙڻ ،ڪهڙو ملڻ، سڀ عارضي ۽ مايا آهي. ٻي بيت ۾ واضع اشارو آيل آهي تـ ”والعصر“ جي فلسفي سمجهڻ کان پوءِ_

    ”روئنديڏٺيون مون هن در مٿي دادليون“

    ڪو بـ اپاءُ نـه آهي ڪو بـ حل ڪو بـ دائمي رشتو نـاهي، ڪا به دائميت ناهي، درد وجود جو انگ آهي. هاڻ سوچڻ جي ڳالهـ اها آهي تـ مادي وجود حقيقت آهي پر وقت جي وهنوار ۾ حقيقت سراپ آهي. آهي به نـاهي به . مصري شاهـ واري ڳالهـ ته

    ”عيش دنيا جا مڙئي مان وارا ملوڪ،

    سک هڪ ساعت جو، عمر ڀر جو سور ٿيو.“!

    اهائي رينڊم ٿيوري آهي به ناهي به. غلط به، صحيح به، نتيجو مثبت به منفي به، مطلب ڪو به فارمولو ناهي ڪابه شيءَ ڪلاڪ وائيز ناهي.

    نتيجو _

    Conclusion

    اسان جي سماج جي قدرن رشتن ۽ ناتن جو بنياد فارمولائز رکيل آهي. ايتري قدر جو تعليم، ٻارن جي تربيت ۽ ازدواجي زندگي فارمولائز آهي. انهي ڪري روز بـه روز زندگي عذاب بنجندي وڃي جيئن جيئن سائنس ترقي پئي ڪري دنيا نئين شڪل ۾ اسان جي سامهون اچي رهي آهي تئين انسان لاءِ فارمولائز رهڻ مشڪل ٿيندو وڃي. دنيا ترقي ڪندي فطرت جي گود مان نڪري نروار ٿي آزاد خلا ۾ بولاٽيون کائيندي، ڇو ته انسان مادي طور فطرت ۾ ڪلاڪ وائيز جيئڻ سکيو آهي هڪ ئي طرز جي زندگي گذري آهي، تنهن ڪري رينڊم اسٽائل ۾ جيئڻ ۽ قدرن کي پنهنجائڻ هڪ نئين طرز زندگي آهي.

    (1) طبقاتي ڪمرشل دنيا هڪ خوفناڪ راند پئي کيڏي، انسان جي رينڊم اسلوب کي استعمال ڪندي اربين رپيا ڪمائي ٿي پر کيس جيئڻ لاءِ ڪو بـ اسلوب نٿي ڏئي.

    (2) وحدت الوجودي فلسفو رينڊم آهي منجهس نئين طرز جي جيئڻ جو اسلوب آهي پر مذهبي جنونيت ۽ صوفين جي ڪجهـ لاعلمي جي ڪري وحدت الوجود کي سندس اصلي معني ۾ عملي جامو نه پهرايو ويو. نه وري وحدت الوجود جي روح کي سمجهيو ويو.

    (3) رينڊم اسلوب زندگي مان شدت پسندي، جنونيت، هٻڇ ، لالچ ختم ڪري ڇڏي ٿو، نئين سر سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.

    (4) رينڊم اسلوب سوچ جا ۽ جيئڻ جا هزارين نوان رستا پيدا ڪري ٿو. مسئلن جي شدت کي گهٽائي ٿو. هڪ قسم جي تحليل نفسي (Psycho therapy) ڪري ٿو.

    (5) رينڊم اسلوب سائنسي ترقيءَ کي استعمال ڪرڻ جو روحاني طريقو به سيکاري ٿو يعني مادي سک کي روح جي سک ۾ تبديليءَ جو بنياد رکي ٿو.

    (6) رينڊم ٿيوريءَ کي سمجهڻ کان پوءِ شاهـ لطيف جي شاعريءَ ۾ تضادن واري فڪر کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. شاهـ وٽ ڪردارن جو رينڊم اسلوب موجود آهي، قدرن جو رينڊم اسلوب آهي. ۽ سماج ۾ گذارڻ جو رينڊم اسلوب آهي.

    (7) سماج کي بدلائڻ جو ۽ نئين معاشي نظام جو رائج ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي هن وقت سڄي دنيا جي دولت ۽ وسيلا چند خاندانن ۽ فردن جي هٿ ۾ اچي ويا آهن. ڪلاسيڪل ٿيوري ۽ ڪلاڪ وائيز ٿيوري مطابق غريب کي بک مرڻو آهي دولت مند کي عياشي ڪرڻي آهي. پر رينڊم ٿيوري مطابق دنيا ۾ انقلاب ڀرپا ڪرڻو آهي ۽ نئين سر دنيا جي تعمير ڪرڻي آهي.

    (8) رينڊم ٿيوري ۾ روحانيت جو مطلب موجوده مذهبي روحانيت ناهي پر انساني قدرن جي مثبت اهڃاڻن ۽ جذبن کي روح سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن مادي جو ضد روح آهي تـ مادي دنيا جي ظلم جو ضد انسانيت آهي.


    حوالا ۽ حاشيه

    1.http://en.wikipedia.org/wiki/Parmenides.

    2. H.B Danesh "The Psychology of Spirituality" P71 Sterling Paper Back Dehli 1998.

    3. Ibd p 65

    4. Jean Dixon "Yesterday, Today and for Ever” Chapter “A Word to the World" P. 477 University Book Club USA 2005

    5. Richard Kroner "Between Faith and Thought" P. 27 Greenwood pres publication Oxford University presses .1966.

    6. Stephen R Covey "Seven Habits of Highly Effective People"

    هي ڪتاب سڀ کان پهرئين 1992 ۾ برطانيه ۾ڇپيو هو عالمي بيسٽ سيلر جو ايوارڊ ماڻي چڪو آهي ۽ ڏهه لک کان به وڌيڪ ڪاپيون دنيا ۾ وڪجي چڪيون آهن ليکڪ ايڏي مقبوليت ڏسي انهي سلسي جو ٻيو ڪتاب لکيو جنهن جو نالو آهي

    "8th Habit from Effectiveness to Greatness"

    هي ڪتاب به برطانيه ۾ 2004 ۾ ڇپيو ، دنيا جون وڏيون گهڻ قومي ڪمپنيون واپاري مقصدن طور هن ڪتاب جي بنياد تي پنهنجي ملازمن کي تربيت ڏئي رهيون آهن.

    7.

    هي ڳالهه 1964 جي آهي جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪشمير جي مسئلي جي سلسي ۾ يو اين او ۾ مٽر محمد ڪريم چاڳلا (جيڪوڀارت طرفان هو) تقرير ڪئي جواب ۾ ذولفقار علي ڀٽو (جيڪو پاڪستان جي نمائيدگي ڪري رهيو هو) جواب ۾ چيو ته

    Mr. chagla has brought a gup (mud) of bhindi bazaar from Bombay and thrown in to UNO.

    جواب ۾ مسٽر چاڳلا چيو ته

    "Kashmir is not disease; disease is much more deep rooted"



    8.هن نظريي مطابق گهڻ قومي ڪمپينين جي اندر ٻن طرحن جو مقابلو ٿيندو آهي هڪ

    Cooperation + competition = Co-optation

    جنهن مطابق ڪمپنيون پاڻ ۾ مقابلو به ڪنديون آهن ته وري هڪ ٻئي سان تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مدد به ڪنديون آهن، مثال قيمت وڌائڻ محل گڏجي وڌائينديون .

    ٻيو مقابلو ٿيندو آهي بغير سمجهه ۽ مدد جي انڌا ڌند مقابلو ان کي stupid competition چئبو آهي.


    9. Seema Raza Bukhari "Vanity Fair" Daily Dawn 20 April 2008.

    10. Stanley M. Davis "Future Perfect" P. 92. Addison Wesley Publishing seventh edition 1993.

    11. http/en.wikipedia.org/wiki/AlbertEinstein.

    12. Jawaharlal Nehru "The Discovery of India" P. 28. Oxford University Press 13th edition 1993.

    13. شاهه لطيف جي بيتن جي سلسلي ۾ ٻن رسالن تان مدد ورتي ويئي

    1 . ٻانهون خان شيخ ”شاهه جو رسالو“ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي2000کان 2002.

    2. ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سنڌيڪا 2004
     
  2. ميمڻ جاويد جاني

    ميمڻ جاويد جاني
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليڪچرار ( استاد )
    ماڳ:
    مدئجي ضلع شڪارپور سنڌ
    سائين جن جا ٿورا بهترين مواد پڙهڻ لاءِ مليو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو