محمود مغل جي ڪتاب سنڌ ٽاڪيز جي مهورتي تقريب ۽… محمد مٺل جسڪاڻي هر ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هوندو آهي. سندس اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، مخاطب ٿيڻ، ردعمل ظاهر ڪرڻ ته سڃاڻپ جا اهم عنصر آهن، پر ماڻهو جو ڪردار، عمل، ڪرت، وندر پڻ سڃاڻپ جو سبب بنجي ٿي. ڪالم نويس، ناول نويس، ناٽڪ نويس، ميزبان / انائونسر، مٺڙي ٻولي جا مٺڙا ٻول، هڪ مالها ۾ پوئي، مخاطب ٿيندڙ مٺڙو ماڻهو، جهڙو محبتي تهڙو ئي محنتي، اڻ ورچ، محقق ماڻهو محمود مغل پاڻ ته ڪنهن به تعارف جو محتاج محسوس نه ٿو ٿئي، پر سندس ڪردار، سندس ڪم به، گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن به لکيل پڙهيل، پڙهندڙ ۽ ٽي وي ڏسندڙ لاءِ اوپرو نه هوندو. ڪتابن جي دنيا ۾ تحقيق تي مبني هڪ نئين ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ جو اضافو ۽ ان جو چوٻول پڻ منهنجي خيال ۾ ڪنهن لاءِ به نئين خبر، نئون احوال، نئين ڳالهه نه هوندي. ان ڪري سوچيان پيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ محمود مغل جي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ جي رونمائي واري تقريب جو احوال لکان ته ڪيئن؟ شروعات ۾، وچ ۾ ۽ آخر ۾ ڇا لکان؟ منهنجو جيستائين اندازو آهي، ته جيئن ئي ڪتاب جي مهورت وارو پروگرام طئه ٿيو، ته محمود مغل سندس سنگت سان، ساڻس محبت ڪندڙن سان، پهرين فرست ۾، ان پروگرام ۾ شرڪت جي سڏ طور، ڪنهن سان روبرو، ڪنهن سان فون تي، ڪنهن ڏانهن موبائيل نياپو، ته ڪنهن ڏانهن دعوت نامي وارو ڪارڊ موڪلي، اهڙو اطلاع ۽ ائين رونمائي تقريب ۾ اچڻ لاءِ دعوت پهچائي. آئون پاڻ انهن سان شامل آهيان، جن ڏانهن موبائيل نياپو پهتو، ته…. جمع جي ڀلاري ڏينهن، آگسٽ 2015ع جي 28 تاريخ، صبح جو 9 وڳي، تيار ٿي سنگت جو انتظار ڪيم. نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. آئون، مير اعظم علي ٽالپر ۽ فقير محمد ڍول حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي، ٽنڊوڄام ۾ جهڙالي صبح جي ٿڌڙي هوا ۾ بيٺا هئاسين، ته اسان جي اڳيان هاءِ ايس (وين) اچي بيٺي، جنهن مان ٻه چار دوست هيٺ لٿا، اسان کي سولين سيٽن تي آرام سان ويهارڻ جو اسرار ڪيو، پر اسان ان شرط تي سوار ٿياسين، ته اسان انهن سيٽن تي ويهنداسين، جيڪي اوهان خالي ڇڏيون. منهنجي حصي ۾، ٽن سيٽن ۾ شامل ڪيل چوٿين اضافي سيٽ آئي، آئون ٽنڊوڄام کان ڪراچي ويندي ۽ ورندي، ان ئي سيٽ تي، ٻيا به، ساڳئين سيٽ تي، فقير محمد انڙ، غلام رسول نهڙيو، عنايت لغاري ۽ محمد علي ميرجت جي انتظام ڪاري ۾ ويا ۽ ورياسين. اسان گاڏي ۾ اڏيرولعل، نصرپور، ٽنڊو الهيار، ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد جا 18 ليکڪ، ڪي شاعر ته ڪي اديب گڏ هئاسين. توڙي جو اسان مان ڪي هڪ ٻئي لاءِ بلڪل نوان به هئا، تنهن هوندي به ويندي ۽ ورندي، اسان هڪ ٻئي سان هر قسم جا يادگار ڀوڳ چرچا به ڪيا، اسان سڀني هڪ ٻئي کان پنهنجي پرائي شاعري به ٻڌي. نصرپور جي هڪ شاعر دوست جيڪو ذات جو سولنگي هو، ان واپسي ۾ رات جو ساڍي ٻارهين وڳي عثمان شاهه تي چانهن پيئندي سندس شاعري ترنم ۾ ٻڌائي، ته نه صرف اسان، پر اتي ويٺل ۽ سندس آواز انهن جي ڪنن تائين پهتو، ته انهن نون اڻ سڃاڻ ٻڌندڙن کان پڻ سولنگي داد حاصل ڪيو. جڏهن ته حيدر امان جسڪاڻي ۽ فرهاد جروار جي مڌر آواز ۾ سندن شاعري به وسارڻ جهڙي نه آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ ڌاري اسان هڪ هوٽل تي بيٺاسين، جتي س ا س جو مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جيڪو ڪراچي مان واپس ڳوٺ پئي ويو، ان سان ڪجهه گهڙيون گڏجاڻي ٿي. اتي اسان گڏجي ماني کاڌي. ڪنهن ڦڪي ته ڪنهن مٺي چانهن پيتي، ته ڪنهن بوتل ۽ شايد هڪ اڌ دوست صرف پاڻي پيتو ۽ مهورت واري هنڌ پهچڻ کان اڳ، سمنڊ ڪناري اهڙي وقت پهتاسين، جنهن وقت سمنڊ جو وسيع ڦهلاءُ اکين اڳيان نه هجي ها، ته آئون سمجهان ها، اهڙي وقت تي کيسانو موري آيا آهيون، جنهن مهل ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اسان جهڙا ئي ڀلجي آيا آهن. سمنڊ ڪناري تي غلام نبي بهراڻي اسان کي اچي ڳولي لڌو. هن گهڻو ئي اسرار ڪيو ته سڀ دوست وٽس هلي، چانهن پيئن، پر سياڻن جي سنگت پاران سمنڊ کي اهميت ڏيڻ ۽ ڪراچي جهڙي ڳتيل آبادي واري شهر ۾ هڪ دوست وٽ جلوس جي صورت ۾ نه وڃڻ واري صلاح کي مون به اهميت ڏني ته آئون، مير اعظم علي ٽالپر ۽ حيدر امان جسڪاڻي گڏجي غلام نبي بهراڻي وٽ وڃي چانهن پيتي. جڏهن ته سمنڊ تي رهجي ويل دوست اتان آرٽس ڪائونسل جي ڀر ۾ ساجد چاڪراڻي سان گڏ سندس آفيس وڃي مليا، ڪچهري ڪئي ۽ سندس چانهن پيتي. اسان مهورت واري ماڳ تي گهڻن کان اڳ پهتا هئاسين. ان ڪري هال کان ٻاهر بيٺي تقريب ۾ ايندڙن کي به ڏٺوسين پئي، ته پاڻ ۾ ڪچهريون به پئي ڪيوسين. ان دوران ريڊيو پاڪستان جو هڪ پراڻو آواز، پراڻو ڪارڪن عبدالمنان ميمڻ سان منهنجي ملاقات ۽ روبرو ڪچهري پهريون دفعو، پر يادگار ڪچهري ٿي. اتي ئي نوجوان ليکڪ محمد سليمان وساڻ سان پڻ پهريون دفعو، ڳچ دير تائين ڪچهري جو موقعو مليو. جڏهن هال ۾ اندر ويٺل دوستن ٻڌايو ته هاڻ پروگرام شروع ٿيڻ وارو آهي، تڏهن منظر هال ۾ اندر وياسين ته اتي جو منظر ڏسي منهنجي حيرت جي حد نه رهي! ان هال ۾ ٿيندڙ اڳوڻين تقريبن جون خبرون پهتل آهن، ان ڪري منهنجو پنهنجو ذاتي اندازو اهو آهي، ته هي تقريب انهن چند يادگار تقريبن مان هڪ ٿي، جن ۾ ايندڙن، شريڪ ٿيندڙن جو تعداد ايترو وڌي ويو، جو شريڪ ٿيندڙ ڪجهه دوست، پروگرام جي پڄاڻي تائين پيرن ڀر بيٺا رهيا! محمود مغل جي 15 سال لاڳيتي محنت جي نتيجي ۾ آيل ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ پنهنجي جاءِ تي، پر پروگرام شروع ٿيڻ کان پهرين ڪراچي واري پي ٽي وي پروڊيوسر ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ سولنگي سان محمود مغل جي سهڪار سبب تيار ٿيل سنڌي فلمن جي تاريخ تي مبني ڊاڪومينٽري ڏيکاري، پوڙهن جون يادون تازيون ڪرائڻ سان گڏوگڏ، جنهن نوجوان نسل ڪا به سنڌي فلم سينيما هال ۾ نه ڏٺي آهي، انهن جون دليون کٽي ورتيون ۽ تمام گهڻين، زوردار تاڙين سان داد حاصل ڪيو. ”سنڌ ٽاڪيز“ ڪتاب جي مهورت واري تقريب جي خصوصي مقررحميد هارون جيتوڻيڪ انگريزي ۾ بهترين، مفيد، مثالي تقرير ڪئي، پر اها گهڻن ٻڌندڙن کي تمام گهٽ سمجهه ۾ آئي، جنهن جو وڏو ثبوت سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل مختصر خبر ئي ڪافي آهي. ان تقرير جو مختصر تت به آئون هتي ان ڪري لکڻ نه چاهيندس، جو پڙهندڙ ڀلي ائين سمجهن ته مون کي به اها تقرير سمجهه ۾ نه آئي! ياد رهي ته هن پروگرام جي تفصيلي خبر صرف ڊان اخبار ۾ شايع ٿي! هن پروگرام ۾ ٻئي نمبر تي جنهن گهڻو ۽ سٺو تجزيو پيش ڪيو، اهو هو نوجوان صحافي ڊاڪٽر قاسم راڄپر، جنهن ڪتاب جي توڙي ليکڪ جي تعريف ۾ اها به سچي ڪري ڏني، ته سندس پي ايڇ ڊي جو هڪ پهلو سنڌي فلم به هو، پر ان تي کيس ڪٿان معلومات هٿ نه آئي، ان ڪري ان موضوع کي سندس پي ايڇ ڊي مان خارج ڪرڻو پئجي ويو! ”سنڌ ٽاڪيز“ تي محمود مغل کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ملي سگهجي ٿو؟! پروگرام جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهرالحق صديقي ڪئي. صديقي صاحب به گهڻو ڳالهايو، پر منهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪري ٻڌائڻ، لکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، ته صديقي صاحب گهڻو ڪتاب تي، محمود مغل تي، محمود مغل جي ڪم تي، ڇا تي گهڻو ڳالهايو، ڪنهن جي تعريف، ڪنهن جو وڌيڪ تعارف ڪرايو؟ روزاني عوامي آواز جي ايڊيٽر ۽ ليکڪ ايوب شيخ به ڪتاب تي ۽ محمود مغل تي مختصر، پر جامع ڳالهايو. ڪاروائي هلائيندي شاعر، مشهور ميزبان ۽ ليکڪ ياسر قاضي به سٺو ڳالهايو. اها ٻيءَ حقيقت آهي ته پي ٽي وي جي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري، توڙي پروگرام جي ڪاروائي هلائيندي، ياسر قاضي ڪيترا ئي نج سنڌي لفظ صحيح اچار ۾ اچاري نه سگهيو!؟ هن تقريب ۾ حميد هارون صرف انگريزي ۾ ۽ آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل احمد شاهه صرف اردو ۾ ڳالهايو، پر ٻنهي تمام سٺو ڳالهايو، گهڻيون ڪم جون ڳالهيون ڪري، سهڻيون صلاحون ڏنيون. ان جي ردعمل ۾ خبر پئي ته غلام مصطفا سولنگي ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي. ڪتاب جي سرجڻهار محمود مغل عادت موجب ساڻس پير ڀريندڙن، ساڻس ساٿ ڏيندڙن، کيس محبتون ڏيندڙن جا ٿورا مڃيندي، ڀلايون ڳائيندي، ڪتاب جي شروعاتي ڪوششن کان ويندي مهورت واري تقريب تائين، جنهن جنهن به ساڻس سهڪار ڪيو، همٿ ڏياري، انهن سڀني جا ٿورا ۽ مهربانيون مڃيندي، جيڪو ڪجهه به ڳالهايو، ان جو ڳچ ۽ ڪم وارو حصو سندس ڪالم ۾ شايع ٿي چڪو آهي، ان ڪري ورجائڻ سٺو نه پيو سمجهان. ڪنهن به مهورتي تقريب يا ڪهڙي به پروگرام جي تفصيلي رپورٽ، جيئن هتي مون لکي آهي، تيئن نه لکي ويندي رهي آهي، ڇو ته آئون سمجهان پيو ته تقريب جي حوالي سان جيڪي به خبرون اخبارن ۽ مختلف ٽي وي چينلز، خاص طور تي سنڌ ٽي وي ۽ مهراڻ ٽي وي تي به اچي چڪيون آهن، انگريزي اخبار ڊان ۾ به جهڙو ڪر تفصيلي رپورٽ شايع ٿي چڪي آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ آئون ساڳيو احوال ٻيهر لکڻ بدران صرف اهي ڳالهيون لکان، جيڪي اڳ ۾ ڪنهن نه لکيون آهن. ان ڪري جنهن به پڙهندڙ کي منهنجي هي تحرير اڻ پوري، اڌوري محسوس ٿئي، اهو مهرباني ڪري ڇنڇر 29 آگسٽ 2015ع جون سنڌي اخبارون ۽ انگريزي اخبار ڊان اک مان ڪڍي وٺي. بهرحال، ڪلاسيڪل راڳي ڀائرن ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين، جيڪا شاه عبدالطيف ڀٽائي جي وائي آلاپي، ان تي کين ڀيٽا ڏيڻ، مڃتا ڏيڻ لاءِ، انهن جي تعريف ۾ پڙهندڙن جي آگاهي لاءِ ورجاءُ ئي سهي، پر هتي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. پاڻ وٽ هاڻ اهڙا راڳي گهٽبا پيا وڃن. لطيف جو راڳ ٻڌندڙ انهن راڳين کي ضرور ٻڌن. کين وڻندا. (عوامي آواز سنڊي ميگزين، آچر 06 سيپٽمبر 2015ع)