ڪڏهن جهنگل ۾ جهاتيون هن ڪڏهن ميدان ماري ٿي ..

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪڏهن جهنگل ۾ جهاتيون هن ڪڏهن ميدان ماري ٿي
    _____________________________________________
    ڪڏهن جهنگلن ۾ جهاتيون هن ڪڏهن ميدان ماري ٿي
    اها هن جي ته خوبي آ وڏا ير خان خاري ٿي .....
    سڄون سوچون هلن لوچون نماڻي نينهن ۾ بي وس
    آهي ڄڻ بند ۾ باندي جڏهن کان بره بيماري ٿي ....
    اسان جي اوت ۾ جي جوت جلوو ڪو پسائي پيار
    ائين دلگير ٿي دلڙي او پل پل هي پڪاري ٿي ....
    نسورو نانگ ناحق آ اهو ير نينهن نر مل جو
    بنائي ٿي فقيرن جيئن نه فقر ۾ ڌيان ڌاري ٿي ....
    اها حب آ ڪري ديوانو دلبر لئه ڪري دانهون
    نه وسري ٿي اها ڪنهن وقت پيارل کي پڪاري ٿي ...
    رسول بخش دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو