• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!انور پيرزادو

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا
سا رات اڃا به جاري آ
۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون
هي پنڌ پري جو واري آ
مان ڪنهن سان پنهنجا سور سليان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اڄ رات رُنو آ رت ڦڙو
۽ تارا سور پيئن ٿا پيا
هوءَ سانجهي سُڏڪي روئي ٿي
۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا
توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
مون تنهنجي راڳن جي سر ۾
جان سنهڙي سينڍ وڃائي آ
هر ماڻهوءَ ڀينڊ هنئي آهي
هر گهر گهٽي ڄڻ ڦاهي آ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
مون تنهنجي ڏات ڏيا مان اڄ
جان هڪڙو چڪڙو چاهه چکيو
ويڙهاند سندو آ راڳ ڪيو
هر ماڻهوءَ کي آ مون ڀاءُ ڪيو
ٿي تنهنجيون وايون آءٌ وڙهان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي
ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن
ٿيون تنهنجيون وايون وار پٽن
۽ سرڙا تنهنجا اوسارن
هي ارهي سرهي دانهن ڏجان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ڪنهن انڌوڪار انڌا ڪيا هن
ٿا ماڻهو توکي شاهه چون
۽ تنهنجي راڳ رسالن کي
ٿا آيت سمجهي ڪنڌ هڻن
تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!


****
 
Back
Top