امر جليل مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. اُهو فرشتو ڪا آسماني مخلوق نه هو. هو اسان وانگر حرڪت مان برڪت ۾ آيو هو، ۽ ماڻهو ماڻهو جو پُٽ هو. فرشتو سندس نالو به نه هو. مان جنهن کاتي ۾ نوڪري ڪندو آهيان، تنهن ۾ جيڪو وڌيڪ چست ۽ برجستو هوندو آهي، تنهنکي فرشتو سڏيو ويندو آهي. مان توهان کي پنهنجي کاتي جو نالو ٻُڌائيندس. نالو ٻُڌائڻ ڏوهه آهي. توهان منهنجي کاتي جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا، ته نوڪريءَ ۾ چونڊجڻ کان پوءِ پهريون دفعو کاتي جي سربراهه، يعني صاحب بهادر آڏو پيش ٿيو هوس، تڏهن منهنجي بدني بناوٽ ۽ وجود جي ڀڙڀانگ جاگرافيءَ کان بنهه بي پرواهه ٿيندي، هن مونکي چيو هو، ”هينئر مملڪت خداداد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جو بقا،سالميت ۽ يڪجهتي جو بار تنهنجن ڪلهن تي آهي. ايمانداري سان اِهو بار کڻندين ته جلد ترقي ڪندين ۽ مون واري ڪرسي ماڻيندين.“صاحب بهادر جي ڳالهه ٻڌي مون سوچيو هو، مان، جيڪو پنهنجي گهر جو بار سهندي کڻندي ڳچيءَ تائين فڪرن جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿي ويو آهيان، سو هيڏي ساري مملڪت خداداد اسلامي جهوريه پاڪستان جو بار ڪيئن کڻي سگهندس، جنهنجي آدمشماري پندره ڪروڙ ۽ جنهن مان 99.9 سيڪڙو آدم مون وانگر جوکيو آهي!. تڏهن سوچيو هوم، ته مان اُن ملڪ جي سلامتي، يڪجهتي ۽ بقا جي ڀرجھلو ڪيئن ٿي سگهندس، جنهنجي چئن صوبن جي تهذيب تمدن، تاريخ ۽ ثقافت کي ملياميٽ ڪري، ابوجھل قسم جي سياستدانن ون يونٽ ٺاهڻ جو تاريخي ڏوهه ڪيو آهي! پر پوءِ به پاڻ کي سمجهايو هوم، ته مون کي جيئن ته پنهنجي ڪٽنب جو بار کڻڻ لاءِ پرمٽ آهي، ۽ نه پروانو، تنهنڪري مونکي مملڪت خداداد، اسلامي جمهوريه جي بقا جو بار کڻڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پالڻو پوندو. تنهن ڪري، گذريل چوويهه سالن کان ملڪ جي يڪجهتي ۽ سالميت جو بار من پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي، جنهن جي عيوض مونکي هڪ سو پنجهتر رپيا ۽ پنجھتر پيسا پگهار ۾ ملندا آهن. فرشتو چوڌري ڪرم الاهي به مون وانگر ملڪ جي بقا جو ڀرجھلو هو. هو بيحد برجستو آهي، يعني فرشتو آهي. هو مونکان وڌيڪ پگهار کڻندو آهي ۽ کاتي جي صاحبن کي وڻندو آهي. چوڌري ڪرم الاهي، عرف فرشتو ان بار هيٺان بيحد خوش آهي. اهو بار کڻڻ لاءِ هن وڏي قرباني ڏني آهي. هن پاڪستان کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن جلال آباد پور جٽان کي خير آباد ڪري سنڌ جا وڻ اچي وسايا آهن، ۽ هتي ڪيترن ئي يارن جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. هڪ دفعي ذري گهٽ منهنجا وڻ وڄائي ڇڏيا هئائين. پڇيو هومانس، ”يار فرشتا، اهو ڪهڙو راز آهي، جو پاڪستان جي سالميت کي سنڌ مان خطرو آهي، ۽ تون جلال پور جٽان مان هجرت ڪري، پاڪستان جي بقا لاءِ سنڌ ۾ اچي واسو ڪيو آهي؟“ فرشتي ڏاڍي رازداريءَ مان ٻڌايو هو، ”هتي، سنڌ ۾ زيرِ زمين تحريڪون هلي رهيون آهن.“ مونکي ڏندين آڱريون اچي ويو هيون. پڇيو هومانس،”سنڌ جي تپاس جو ٿرماميٽر سنڌ کان ٻاهر آهي ڇا؟ تون زيرِزمين تحريڪن جي ڳالهه ٿو ڪرين، هتي زيرِ زمين تحريڪن جو ته نالو نشان ئي ڪونهي.“ فرشتي تمام خوفناڪ راڪاس جھڙو ٽهڪ ڏيندي چيو هو،”تون به ڪنهن زيرِ زمين تحريڪ جو ڪارڪن آهين.“ فرشتي جي ڳالهه ٻڌي منهنجا وائيسر ڍرا ٿي ويا، ۽ مون پاڻ کي پنهنجي ڪُٽنب سميت صليب تي چڙهندي محسوس ڪيو هو. ڊپٽي صاحب فرشتي کي سڏائي ورتو هو ۽ مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. فرشتو ڊپٽي ڪمشنر صاحب جو خاص چمچو آهي، ۽ گرائين به، ڊپٽي صاحب گهڻو ڪري کيس گهرائي وٺندو آهي ۽ کانئس سنڌ جي خراب ٿيندڙ سياسي حالت جو احوال وٺندو آهي. ٿوري دير کان پوءِ موٽي آيو. منهن لٿل هوس. مون ڏانهن نه ڏٺائين. بازار ڏانهن کُلندڙ دريءَ وٽ وڃي بيهي بيٺو. ان وقت شام جو وقت هو. سمورو عملو ڊيوٽيءَ تي وڃي چڪو هو. ان ڏينهن شهر ۾ ٻه ــ ٽي جلوس نڪتا هئا. ٻن ـــ چئن هنڌن تي اسٽرائيڪون ٿيون هيون، پٿر بازي ٿي هئي ۽ باهين لڳڻ جا واقعا ٿيا هئا. ڪجھ شاگرد بک هڙتال تي ويٺا هئا. شام جو پڪي قلعي، ڪچي قلعي ۽ لطيف آباد ۾ عام جلسا ٿيڻا هئا. اهو دور ون يونٽ خلاف ٻرندڙ جبل وانگر پڄرندڙ ۽ کامندڙ دور هو. اسان کي گهڙيال جي ڪانٽن وانگر چويهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو، پر تنهن هوندي به مٿان فون تي فون پئي ايندي هئي، ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي! ايڏو گوڙ، ايڏو گھمسان ڇاجو آهي، جو سموري اولهندي پاڪستان ۾ ٻئي ڪنهن صوبي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي!. فرشتو دريءَ وٽان هٽي، منهنجي ميز وٽ اچي بيٺو. ان وقت مان کانئس موڪلائي گهر وڃي رهيو هوس. فرشتي ٻئي هٿ ميز تي رکي مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڊبو، توتي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي.“ پڇيومانس، ” ڪنهن هٿرادو زيرِ زمين تحريڪ ۾ منهنجو نالو شامل ته نه ڪيو اٿئي؟“ چيائين، ”وڃ. ڊپٽي صاحب ٿو سڏيئي.“ مان ڏڪندو ۽ ڪنبندو، ڏاڍي احترام ۽ ادب سان ڊپٽي صاهب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڊپٽي صاحب پنجھاهه ـــــ پنجونجھاهه ورهين جي لڳ ڀڳ آهي، پر اکروٽ جھڙو سخت ۽ ڏاڙهونءَ جھڙو ڳاڙهو آهي. بدن جو ڀريل، قدآور ۽ طاقتور آهي. مونکي ڏسنديئي بُل ڏنائين، ”اوي ڦٽي مونهه! مفت جو پگھار ٿو کائين؟“ ائين ٻاڏايم، جيئن آسمان ڏانهن هٿ کڻي اڻ ڏٺي الله جي درگاهه ۾ ٻاڏائبو آهي. چيم، ”سائين، حلال جو پگھار ٿو کاوان. هڪ سو پنجھتر رپين ۽ پنجھتر پيسن جي عيوض مان چوويهه ڪلاڪ لاڳيتي ڊيوٽي ڏيندو آهيان. شاگردن ۽ مظاهرو ڪندڙ مزورن جا پادر ۽ پٿر کائيندو آهيان. ماڻهن جي ملامت سهندو آهيان، هي ڏسو.“ مون ڊپٽي صاحب کي بدن جا مختلف عضوا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن تي مظاهرن جي مُهر لڳل هئي. کيس پنهنجي ڏائي اک ڏيکاريندي چيم، ”ڏسو، هڪ ڪاليجي ڇوري اهڙو ته چتائي ٽماٽو وهائي ڪڍيو، جو ذري گھٽ راجا رنجيت سنگھ ٿيندي بچي ويو آهيان. ۽ سائين هي ڏسو!“ ٽوپي لاهي ڊپٽي صاحب کي پنهنجي ٽڪڻ ڏيکاريندي چيم، ” هي ڊُولو ڏسو. روهڙيءِ وارا چوندا آهن ــــــ جج قبول، مٿي ۾ ڊول، پٿر گل ۽ لسو نه هجي ها ته جيڪر ٽڪڻ جو پنچر ڪري ڇڏي ها، ۽ هيءُ ڏسو.“ قميض مٿي ڪري ڊپٽي صاحب کي پٺي ڏيکاريندي چيم، ”مان ڏسي نٿو سگهان، فقط عذاب محسوس ڪيان ٿو. هڪ مڇريل مزور پُٺيءَ تي هاڪي هڻي ڪڍي. هيءَ ٺونٺ ڏسو، سوڍا واٽر جي بوتل لڳي هئي، ۽ هيءَ پِني ڏسو، هڪ شاگرد باٺو هنيو هو ۽ هي ڏسو.“ مون پتلون لاهڻ لاءِ ٻئي هٿ بٽڻن ۾ وڌا، چيم، ”هيءُ ڏڪ به ڏسو“ ”بس بس.“ ڊپٽي صاحب رڙ ڪئي. چيائين، ” قوم لاءِ جان قربان ڪبي آهي، تون معمولي ڌڪن ۽ رهڙن کان ٿو گهٻرائين، اوئي ڦٽي مونهه.“ عرض ڪيم، ”اهي ڌڪ مونکي قوم هنيا آهن.“ ”اوئي ڦٽي مونهه.“ ڊپٽي صاحب جو پارو چڙهي ويو. ڊپٽي صاحب جي وات تي ”اوئي ڦٽي مونهه“، ائين چڙهيل آهي، جيئن سندس وجود تي مڪر، فريب ۽ تڪبر جو تهه چرهيل آهي. هو اصل امرتسر جو ويٺل آهي، پوءِ 1942ع ۾ جڏهن انگريزن حُرن تي هوائي جھازن مان بمباري ڪري سندس ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا، تڏهن ڊپٽي صاحب، جيڪو ان وقت کاتي جي سڀ کان هيٺين خاڪي ۾ هو، انگريزن جي اشاري تي امرتسر مان هجرت ڪري سانگهڙ اچي وسايو. ان وقت کان، يعني 1942ع کان ڊپٽي صاحب سنڌ ۾ آيو. هو ان عرصي ۾ سنڌي ڳالهائڻ ٻولهائڻ به سکي ويو آهي. ڪَلَ اٽڪندي اٿس فقط هڪ جملي تي ـــ ”اوئي ڦٽي مونهه“ ڊپٽي صاحب ميز تي بيد جو لڪڻ وهائيندي پڇيو، ”اوئي ڦٽي مونهه، اسٽيشن روڊ تي ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏٺي اٿئي؟“ ”ها سائين، ڏٺي اٿم.“ ”ڪيئن آهي؟“ ”تمام مضبوط آهي.“ ”اوئي ڦٽي مونهه.““ هڪدم چيم، ”ها، ڀت اُڀي آهي. ڪابه عورت ويم ڪري، بنا پئسن ڏيڻ جي اُها ڀت ٽپي ڀڄي نه سگھندي.“ جواب ٻڌي ڊپٽي صاحب آپي مان نڪري ويو. تمام کُهري لهجي ۾ چيائين، ”ڦٽي مونهه! اها ڀت ڏسي تونکي پنهنجو فرض ياد نه ايندو آهي؟“ مان هڪدم سوچ ۾ ٻڏي ويس. سوچيم: ليڊي ڊاڪٽر ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مون کي ڪهڙو فرض ياد اچڻ گھرجي! ائين برابر هو، ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي گهر واري خير سان ڏهون دفعو اُميد سان هئي ۽ مان سخت نااُميد هوس. پر منهنجي گهر واريءَ جي اميد، ۽ منهنجي نااميدي جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان نه سڌو، ۽ نه وري ڪو اڻ سڌو واسطو هو. مون خواب ۾ به نه سوچيو آهي ته مان پنهنجي ملڪ جي آدمشماريءَ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ داخل ڪرائي سگهندس. مون ڦليلي پار پريٽ آباد جي هڪ دائيءَ سان ٻڌي ليکي سودو ڪري ڇڏيو آهي. هو هر سال محرم جي مهيني ۾ بنا سوچڻ جي هلي ايندي آهي، ۽ منهنجي گهر واريءَ کي هڪ عدد ٻار ڄڻائي موٽي ويندي آهي. تنهن ڪري منهنجو، يا منهنجي زال جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان ڪوبه واسطو نه هو، نه آهي، ۽ نه رهندو. جڏهن خاموش رهندي ۽ سوچيندي ڪافي دير ٿي ويئي، تڏهن ڊپٽي صاحب رڙ ڪندي چيو، ” اوئي ڦٽي مونهه! ليڊي ڊفرن اسپتال جي اُٺ جيڏي ڀت ڏسي، تونکي ڪوبه خيال نه ايندو اهي!“ تڏهن اوچتو هڪ خيال ذهن کي روشن ڪيو. هڪدم وراڻيم، ”سر ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مونکي هڪ خيال ايندو آهي.“ ”ڪهڙو خيال؟“ ڊپٽيءَ پچيو. ”جنهن رفتار سان اسين جيل ڀري رهيا آهيون، تنهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته انشاء الله تمام جلد سينٽرل جيل ۽ نارا جيل ۾ هائوس فل ٿي ويندو.“ پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيم، ”هنگامي حالتن ۾ ليڊي ڊفرن اسپتال کي جيل بدران استمعال ڪري سگهجي تي. مجال آهي جو ڪو شاگرد، مزور يا سياسي قيدي اها اُڀي ڀت ٽپي ڀڄي سگهي!“ ڊپٽي صاحب جي منهن ۾ گُهنڊ پئجي ويو. شوڪي ڏٺائين. پوءِ چيائين، ”تون لاپرواهه آهين. مان تنهنجي بدلي لورالائي ڪرائي ڇڏيندس.“ ”اهڙو ظلم نه ڪجو سائين.“ عرض ڪيم، ”پرديس ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو رڪارڊ خراب ڪيم ته پادر کائيندس. خدا جي واسطي منهنجي بدلي لورالائي نه ڪجو.“ ڊپٽي صاحب جي ڪاوڙ ڍري ٿي. پڇيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت ڏٺي اٿئي.“ ”ها سائين.“ ”ان ڀت تي طرحين طرحين جون لکڻيون نظر اينديون آهن ه؟“ ”ها سائين.“ ”هاڻي هڪدم ٻڌاءِ ته ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي ڇاڇا لکيل هوندو آهي.“ مون حافظي تي زور ڏنو. منهنجو حافظو اسان جي هوش وانگر ڪمزور آهي. گهڻي سوچ ويچار، ۽ ذهني ولوڙ کان پوءِ ڀت تي لکيل ڪجھ جملا ۽ نعرا ياد آيا. چيم، ”سائين. ڪجھ جملا ياد آيا آهن.“ ”ٻڌاءِ“ مون کيس جملا ۽ نعرا ٻڌائڻ شروع ڪيا، اهڙي نموني، جھڙِي نموني منهنجي ذهن ۾ ايندا ويا. چيم، ”سائين، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت تي لکيل هوندو آهي: اسلامي سوشلزم مڙده باد ــــــ مزدور ڪا مطالبه اسلامي نظام ــــــــ ڊئم جا حامي، سڀ حرامي ـــــــ وڃايل طاقت ۽ جواني ٻيهر حاصل ڪرڻ کاءِ اچو، هونو لولو هيلٿ سينٽر ۾ ـــــــــــــــ ڪميونسٽون ڪا قبرستان، پاڪستان پاڪستان ــــــــ شاليمار ۾ ڏسو يڪي والي فلم ۾ مسرت نظير جا هوشربا ناچ ــــــــ پاڪستان ۾ قرآني قانون نافذ ڪريو ـــــــــ ڏهن ڏينهن ۾ ٽائيپ ڪرڻ سکو ــــــــ زناني ۽ مرداڻي پوشيده بيمارين لاءِ ياد رکيو حڪيم جالينوس رامپوري ــــــــــ راجا ڏاهرر مڙده باد، محمد بن قاسم زنده باد ــــــــ جاگو جاگو مهاجر جاگو ـــــــــــــ سابق صوبه سنڌ ڪا نام باب اسلام رکا جائي ــــــــــ باٽا بوٽ مضبوط ۽ پائدار آهن ــــــــــ ڊالر انڪ ....................“ ”بس“ ”بس سائين.“ ”اوئي ڦٽي مونهه!“ ڊپٽيءَ چيو، ”انهن نالن جي وچ ۾ لکيل هوندو آهي ــــــــــ ون يونٽ مڙده باد ـــــــ ون يونٽ ختم ڪريو.“ ”ون يونٽ ختم ڪريو!“ ”ها، ون يونٽ ختم ڪريو.“ ڊپٽيءِ چيو، ”پاڪستان جي سالميت ون يونٽ ۾ آهي، جيڪو شخص ون يونٽ جي خلاف آهي، سو پاڪستان جي خلاف آهي، پاڪستان جو دشمن آهي. هي ملڪ اسلام جي نالي ۾ ورتو ويو آهي، تنهنڪري اسين سڀئي اسلامي اخوت ۾ ٻڌل آهيون. اسين هڪ مذهب جي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهيون. صوبن جو بحال ٿيڻ ڪفر آهي.“ پوءِ هڪ پَهَرُ اهڙو به آيو، جيڪو سوچ ۾ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيو. ڊپٽيءَ جي کهري آواز منهنجن خيالن ۾ خلل وڌو. چيائين، ”ويچارا منسپالٽيءَ وارا ”ون يونٽ مرده باد“ جي نعري تي روز پوچي ڦيرائيندا آهن، پر ڪو خطرناڪ سنڌ پرست انقلابي راتو واهه ٻيهر ون يونٽ خلاف نعرو لکي ٿو وڃي.“ چيم، ” اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي.“ ساڳي لهجي ۾ چيائين، ” تونکي اُهو خطرناڪ، تخريبڪار ۽ پاڪستان جو غدار ڳولڻو پوندو. جيستائين اُن باغي کي هٿ نه ڪندين، تيستائين سمجھ ته نوڪري خطري ۾ اٿئي. صبح تائين جيڪڏهن ان بدمعاش کي گرفتار نه ڪري سگهين، ته پوءِ ياد رک، تنهنجي بدلي لورالائي ڪري ڇڏيندس.“ مون حسرت ڀريل نگاهن سان ڊپٽي صاحب ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ کيس سلام هڻي (منهنجي کاتي ۾ سلام ڪبو ناهي، هڻبو آهي) موٽڻ لاءِ ڦريس. در تائين مس پهتو هوندس جو صاحب، ”اوئي ڦٽي مونهه، صبح تائين اهو خوفناڪ ملزم منهنجي سامهون هئڻ گهرجي. سمجهيئه.“ مان پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. پگهر اُگهي فرشتي ڏانهن ڏٺم. مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مون فرشتي کان پڇيو: ”يار فرشتا، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي هزارين نعرا لکيل آهن. ڊپٽي صاحب ”ون يونٽ مرده باد“ تي ڇو اچي مڇريو آهي.“ ”ڇو جو هي پاڪستان جي خلاف آهي.“ ”۽ برباد جواني حاصل ڪرڻ ۽ مسرت نظير جا هوشربا ناچ!“ ”اهي ٽانڪ آهن.“ فرشتي چيو، ” جيڪڏهن صبح تائين ان دشمن کي پڪڙي نه سگهئين ته پوءِ يار، اسان کي پڪ ٿي ويندي ته تون انقلابي ۽ سنڌ پرست گرهه سان سٽل ۾ آهين.“ مان فرشتي سان هٿ ملائي، خيال ڊوڙائيندو، سنڌ پرست کي گرفتار ڪرڻ جون تدبيرون سوچيندو، گهر آيس. مان جنهن وقت گهر پهتس، تنهن وقت رات جا اٺ ٿي رهيا هئا. منهنجي گهر واري چلهه وٽ ويٺي هئي ۽ ٻارن لاءِ ڊنر تيار ڪري رهي هئي، يعني دال چانورن جي کچڻي رڌي رهي هئي ۽ شڪر ڪري رهي هئي. مٿي تي رئو رکندي پڇيائين، ”اڄڪلهه ڏاڍي دير سان گهر اچو ٿا؟“ ”ڇا ڪريان، ڪم وڌي ويو آهي.“ آهستي وراڻيم. خوش ٿيندي پڇيائين، ” فقط ڪم وڌي ويو اَٿو، يا پگهار به وڌي اَٿو.“ ٻڌايومانس ته، نه فقط ڪم وڌي ويو آهي، پر اٽي، چانور ۽ دال جي قيمت به وڌي ويئي آهي. پگهار نه وڌي آهي. مون ڏانهن نهاريندي پڇيائين، ” ڏاڍا فڪرمند پيا ڏسجو. خير ته آهي نه؟“ وراڻيم، ”ملڪ جي سالميت خطري ۾ آهي.“ ”ملڪ ته ٻاويهه سالن (هي ڪهاڻي 1970ع جي آهي) کان خطري ۾ آهي.“ باهه کي ڦوڪ هڻندي چيائين، ” محمد علي جناح جي ڏينهن به توکي ملڪ خطري ۾ نظر ايندو هو. خواجه ناظم الدين جي ڏينهن به تون چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي. غلام محمد لنگڙي ۽ سڪندر مرزا جي ڏينهن ۾ به چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي. هينئر جنرل آغا يحيا خان جي ڏينهن ۾ به چوين ٿو ته ملڪ خطري ۾ آهي. اهو ماريو خطرو آخر ڪڏهن ٽرندو؟“ ”اهو خطرو نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٽرندو.“ کيس اجائي بحث کان ٽآرڻ لاءِ چيم، ”کچڻيءَ ذرو ڏي ته کائي رات پاليءَ تي وڃان.“ گهر واريءَ پاٽڙيءَ ۾ مونکي ۽ ٻارن کي کچڻي وجهي ڏني. مان کچڻي جا ڪوسا ڪوسا گرهه کائيندو ويس ۽ ٻارن جي آدمشماري به ڪندو رهيس. منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن غائب هو. گهر واريءَ کان پڇيم، ” اهو رولو ڇورو حاجن اڃا نه موٽيو آهي ڇا؟“ ”شام ڌاري آيو هو.“ ”پوءِ ڪيڏانهن ويو؟“ ”پاڙي وارن سان ونجھ وٽي راند ڪرڻ ويو آهي.“ ”منسپالٽيءَ وارا گهٽيءَ ۾ وري بلب هڻي ويا آهن ڇا؟“ ”ها.“ ”پوءِ ويندي ويندي پٿر هڻي ڀڃي ٿو وڃانس.“ چيم، ” نه هوندو بلب، ۽ نه ئي ڇورا رات جو سڙڪن تي ونجھ وٽي ڪندا.“ گھر واريءَ پڇيو، ”وري ڪڏهن موٽندين؟“ ”شايد صبح تائين نه موٽان.“ وراڻيم، ” اڄ رات مونکي خطرناڪ سنڌ پرست گرفتار ڪرڻو آهي.“ خوف وچان چيائين، ”متان پاڻ مارائي اچين.“ ”پرواهه نه ڪري.“ وراڻيم، ” منهنجي کاتي منهنجو اٺ سو رُپين جو انشورنس يعني ويمو ڪرايو آهي. مري ويس ته ان قاروني رقم مان سڄي عمر ٻارن سميت عيش ڪجانءِ.“ ان کان اڳ جو منهنجي فرمانبردار ۽ چئي واري زال منهنجي موت جي تصور کان هنجون هاري، مان گهر کان ٻاهر نڪري آيس. گهٽيءَ ۾ اچي مون پٿر کڻي منسپالٽيءَ جو بلب ڀڃي ڇڏيو ۽ گهڻيءَ ۾ گگهه اونداهه ٿي ويئي. مان سنڌ پرست جي ڳولا ۾ نڪري پيس. مون سڀ کان اڳ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت جو جائزو ورتو. برابر. برباد جوانيءَ ۽ سوشلزم مرده باد جي وچ ۾ لکيل هو، ”ون يونٽ ختم ڪريو.“ مون اسٽيشن روڊ تي نظر ڊوڙائي سامهون وارين سوڙهين گهٽين ڏانهن شڪي نگاهن سان ڏٺم. انهن گھٽين مان هڪ گھٽيءَ ۾ ٻه سنڌي افسانه نگار رهندا آهن. جن مان هڪ رسالو به ڪڍندو آهي. ٻيءَ گھٽيءَ ۾ به هڪ افسانه نگار رهندو آهي. منهنجو خيال انهن ٽنهي ڏانهن ڇڪجي ويو. انهن ٻن گھٽين ۾ ڪجھ سنڌي شاگرد به رهندا آهن. انهن تي به شڪ پيم. خيالن جا لغڙ پئي اُڏايم، جو پريان هڪ شخص کي ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت وٽ بيهندي ڏٺم. کيس ڪوٽ پتلون پاتل هو ۽ وار جائيتا هئس. ڀانيم، اهوئي بدمعاش آهي، جيڪو اُٿڻ شرط هٿ لڳو آهي. ڀرسان وڃي، پٺيان بيهي کانئس پڇيم، ”ڇا پيو ڪرين.“ وراڻيائين، ”انڌو آهين ڇا! ڏسين نه ٿو، پيشاب پيو ڪريان.“ مان ڪياڙي کنهندو پري هليو ويس. ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت فرلانگ کن ڊگهي آهي. اڻپوريءَ روشنيءَ ۾ سڄيءَ ڀت تي نظر رکڻ مشڪل محسوس ڪيم، تنهنڪري ڀت آڏو هلڻ شروع ڪيم. اسپتال جي اوائلي در کي بند ڪيو ويو آهي. ان در آڏو بڙ جو وڻ آهي، جنهنجي اوٽ ۾ اوائلي در جي ڏاڪڻ جا پنج ڏاڪا آهن. انهن ڏاڪن تي ٻه شخص ويٺا هئا ۽ سگريٽ ڇڪي رهيا هئا. کين غليظ ڪپڙا پاتل هئا. شڪل شبيهه مان موالي پئي لڳا. هو مونکي ڏسي سس پس ڪرڻ لڳا. ٻه چار چڪر هڻڻ کانپوءِ سوچيم، ته ٿي سگهي ٿو، سنڌ پرست غدار ٻهروپيو ٿي پنهنجو ڪم ڪندو هجي، تنهنڪري چڪر هڻندي، ڏاڪڻ جي ويجهو ٿي لنگهيس. هو چرس ڇڪي رهيا هئا. هڪ ڄڻي کنگهڪار ڪندي چيو، ”باشائو، گولي شولي گهرجيئي؟“ مان اتان گولي ٿي ويس. روڊ جي ٻئي پاسي هلڻ شروع ڪيم. اک اسپتال جي ڀت تي رکيم. هر دم اهو اونو لڳل هو ته ڪٿي اهو غدار اک بچائي نعرو لکي الوپ نه ٿي وڃي. هلندي هلندي، ايندي ويندي، اک ڀٿ ٿي رکيم. ٻه ــــ چار دفعا فٽ پاٿ تي ٿاٻا به کاڌم، پر ڀت تان اک نه ڪڍيم. فردوس هوٽل ٻاهران ڪجھ نوجوانن جو ٽولو بيٺو هو. هو پاڻ ۾ اردو ڳالهائي رهيا هئا، تنهنڪري مٿن شڪ نه ڪيم. سوچيم، هِنن جو ون يونٽ سان ڪهڙو وير! جڏهن سندن پاسي مان لنگهم، تڏهن هڪڙي ڄڻي مونکان پڇيو، ”ڪنهن نرس جي چڪر ۾ آهين ڇا.“ ڏاڍو ککو وکو ٿيم. جواب ڏيڻ بدران تڪڙو تڪڙو اتان هليو ويس. صالح بلاول گهٽيءَ وٽ بجليءَ جي ٿنبي کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس ۽ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏانهن ڏسندو رهيس. گاڏي کاتي کان ٽي ڇوڪراٽ اسپتال ڏانهن اچي رهيا هئا. پريان ئي تاڙي ورتم ته هو ڪنهن زبردست بحث ۾ مبتلا هئا ۽ هڪٻئي کي مات ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا. مان هڪدم روڊ ٽپي اسپتال جي ڀت وٽ وڃي بيٺس. هو ڳالهائيندا منهنجي پاسي کان اچي لنگهيا. ڪا انگريزي فلم ڏسي موٽيا هئا، جنهن جا مڪالما کين سمجھ ۾ نه آيا هئا. مڪالمن جي معنى ۽ مفهوم تي بحث ڪري رهيا هئا. مان مايوس ٿي، موٽي اچي بجليءَ وٽ بيٺس. بيٺي اڌ ڪلاڪ کن مس گذريو هوندو، جو هڪ سائيڪل اسپتال جي ڀت وٽ اچي بيٺي. سائيڪل تي ڊبل سواري هئي. هڪ ڄڻي جي هٿ ۾ دٻو هو ۽ ٻئي جي هٿ ۾ برش. هنن سائيڪل فٽ پاٿ تي بيهاري ڇڏي ۽ ڀت تي ڪا خالي جاءِ ڳولڻ لڳا. مان ڪرڙي اک سان کين ڏسندو رهيس ۽ ٻنهي کي هڪ ئي مهل گرفتار ڪرڻ جي ترڪيب سوچڻ لڳس. هنن کي هڪ هنڌ ڀٿ ٿي خالي جاءِ نظر آئي. هڪ ڄڻي بنا هٻڪ جي دٻي ۾ برش ٻوڙي ڀت تي لکڻ شروع ڪيو. مان ذري گھٽ ڊوڙندو مٿن وڃي ڪڙڪيس. ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ اکر نه پئي اُڪليو. سندن سائيڪل ۾ هٿ وجھي بيهي رهيس. جنهنجي هٿ ۾ دٻو هو، تنهن پڇيو، ”اڙي، سائيڪل چور ته ناهين؟“ ” نه، نه.“ مون کين وراڻيو، ”توهين اطمينان سان جيڪي وڻيو لکو.“ هڪ ڄڻي ڏاڍي چستيءَ ۽ فڙتيءَ سان ڀت تي لکيو، ” قسمت جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ملو ــــــ پروفيسر آر. آر. ڪي . ڪي پرديسيءَ سان.“ مايوسي مَنَ کي وڪوڙي وئي. موٽي وڃي بجليءَ جي پول وٽ بيٺس. ڪجھ دير لاءِ ائين محسوس ڪيم، ته رات جا اٺ پهر اڏامي ويندا، پر خطرناڪ سنڌ پرست باغي هٿ نه ايندو ۽ صبح جو ڊپٽي صاحب منهنجي بدلي لورالائيءَ ڏانهن ڪرائي ڇڏيندو. مان دل ۾ ون يونٽ، سنڌ پرست باغيءَ ۽ ڊپٽيءَ کي پاراتا ڏيندو رهيس. ڪجھ دير کانپوءِ ٽرئفڪ جي آمدروفت گھٽ ٿي ويئي. ماڻهن جو لنگهڻ به گھٽ ٿي ويو. پول وٽان منهنجي نگاهه سموري ڀت تي پئجي رهي هئي. اوچتو هڪ شخص کي ڀت ڏانهن وڌندي ڏٺم. هو ڀت جي پرئين پاسي هو ۽ چڳيءَ طرح نظر نه پئي آيو. هڪ ڦاٽل پُراڻن ڪپڙن وارو ملنگ ڀت وٽ گودڙي وڇائي ليٽي پيو. سوچيم، هيءُ ئي اهو سنڌ پرست باغي آهي، روپ بدلائي آيو آهي ۽ اڌ رات جو ڀت تي ون يونٽ خلاف نعرو لکي ڀڄي ويندو. مان سندس ڀرسان وڃي بيٺس. هن مون ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو. هو ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو. پڇيومانس، ”ڪير آهين ۽ هت ڇو سمهيو پيو آهين.“ ورائي پڇيائين، ”تون ڪير آهين ۽ اهرو واهيات سوال ڇو ٿو پڇين؟“ مان منجهي پيس. ڪجھ به نه اُڪليو ته چيومانس، ” مان به ڀت وٽ سمهڻ چاهيان ٿو.“ ”مون وانگر بي گهر آهين؟“ ”ها.“ ”لت کوڙي سمهي پَئُه.“ چيائين، ”اڌ رات جو جڏهن چوڪيدار ايندو، تڏهن کيس پائلي ڏيئي ڇڏجانءِ.“ مان سندس ڀرسان ويهي رهيس. کيس کوٽن لاءِ چيم، ”ون يونٽ به وڏي لعنت آهي، اسان کي بي گهر ڪيو اٿائين.“ پڇيائين، ” ون يونٽ ڇاهي؟“ وراڻيم، ” سالميت جي نالي ۾ پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙڻ واري حرڪت.“ لاپرواهيءَ وچان پڇيائين، ” ۽ اهو پاڪستان وري ڇاهي؟“ مون حيرت مان ڏانهنس ڏٺو. چيم، ” نشي ۾ ته ناهين جو پاڪستان جي به ڪا خبر نه اٿئي.“ پڇيائين، ” پاڪستان ڪنهن ملڪ جو نالو آهي ڇا؟“ ”ها.“ هڪدم وراڻيم، ”پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي. جيئن هندستان ملڪ آهي. تيئن پاڪستان به هڪ ملڪ آهي.“ آرام سان پڇيائين، ” ۽ اهو هندستان وري ڪٿي آهي.“ ”ايشيا ۾. “ ”۽ ايشيا ڪٿي آهي؟“ مان مٿي کي هٿ ڏيئي اتان اٿي ويس. اميد جي تند ٽٽڻ لڳي. لورالائي ڏانهن بدلي ٿيڻ جي پڪ ٿيندي ويئي. سوچيم، گھر موٽي وڃان. زال ٻارن کي لورالائي ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جو اطلاع ڏيان. اتي بيهڻ بيڪار ڀانيم. موٽڻ لاءِ مُڙيس. وڃڻ کان اڳ هڪ دفعو ڀت ڏانهن ڏسڻ جو خيال جاڳي اٿيو. منهن ورائي ڀت ڏانهن ڏٺم. منهنجي حيرت جي حد نه رهي. هڪ ڊينڊو شخص ڀت تي ڪجھ لکي رهيو هو. مان پير پير ۾ کڻندو، آهستي آهستي هلندو، سندس پٺيان وڃي بيٺس. هن جي مون ڏانهن پٺي هئي. قد بت مان هو ڇوڪراٽ پئي لڳو. هو ڀت تي لکي رهيو هو ــــــــ ”ون يونٽ مرده باد.“ مون وڌي وڃي سندس ڪنڌ ۾ هٿ وڌو. رڙ ڪندي چيم، ”بدمعاش، پاڪستان جي اتحاد جا دشمن، مونکي ذري گھٽ لورالائي بدلي ڪرائيندڙ، سنڌ پرست باغي! اڄ تنهنجو خير ناهي.“ مون ڀَرُ ڪري کيس ڪنڌ تي مُڪَ وهائي ڪڍي. هو ڦيري کائي فٽ پاٿ تي ڪِري پيو. ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ ڏانهس ڏٺم. هو منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن هو! ! ! ! ! . وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان