هو اديب هو آرٽس لابي جي سامهون ويٺي نواز شان کي چيو” وري ڇا ٿيو؟ هر وقت ڇو رونهاڻڪو منهن ڪري ويٺو هوندو آهين يار؟“ ”تون نه سمجهندي اها ڳالهه نواز!“ شان وراڻيو ”اهڙي ڪهڙي ڳُجهي ڳاله آهي يار“ نواز تجسس مان پڇيو شان بنا نواز ڏانهن ڏسندي ڪنڌ هيٺ ڪري چوڻ لڳو” يار سوچيان ٿو ته دنيا ۾ جيتري مادي ترقي ٿي آهي ماڻهن جا قدر اوترا پوئتي رهجي ويا آهن.“ .”الله کي مڃ، پنهنجا فلسفا پاڻ وٽ رک!“ نواز بيزاري مان چيو ڪجه پل ٻيئي ماٺ رهيا ڪنهن به نه ڳالهايو وري ٿوري دير کان پوءِ نواز چوڻ لڳو ” هو ڏس آرٽس لابي ۾ ڪيترا حسين چهرا آهن ، جنت جون حورون ويٺيون آهن هرپاسي ماڻهو پيار جي ڳولا ۾ آهن، ڏس ڏس پريان ڪيئن هو هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکڙيون وجهي ويٺا آهن!“ نواز چپن کي موڙو ڏيندي چيو ” ايسيتائين جيسيتائين هڪ ٻئي جي ڳالهه مڃندا جيئن هڪ ٻئي جي اميدن تي پورا نه لهندا ان ڏينهن کان پوءِ هڪ ٻئي جي شڪل به ڪونه ڏسندا.اهو انهن جو پيار اٿئي! ڇڏ انهن جي پچر ، هل ته هلون اڄ ڪو پروگرام آهي پنهنجي ڊپارٽمنٽ ۾. شان ڳالهايو صدارت تي ڪير آهي ؟ نواز پڇيو شان وراڻيو ”اهو ئي آهي، جنهن جي تون هلندڙ دور ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت ڪندو آهين“ ”.ها پو هلون ٿا. نواز چيو پر يارنواز هڪ ڳالهه ٻڌ ”مون کي اديبن ۾ جانور ڇو ڏسڻ ۾ ايندا آهن؟ “ شان انتهائي ڏکائتي انداز ۾ پڇيو ” ڇو ته تون ايب نارمل آهين نواز ڪوڙي کل کليو ! ڀلا انهيءَ ۾ ڪجهه ڏسڻ ۾ آيئي جيڪو اڄ صدارت تي آهي ؟ “ ” اهو اڃا تائين ته انسان ٿو لڳي جيڪڏهن ڪجهه ٻيو ڏسڻ ۾ اچي ها ته مان ڄڻ هلان ها“ شان وراڻيو. ”نواز چوڻ لڳو ” هن سماج ۾ هر قسم جا ماڻهو آهن پر سچ ٻُڌڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي جيڪڏهن اسان سچ ڳالاهئڻ شروع ڪيو ته پوءِ اسان کي روڊ تي الله جي نالي به ڪير ماني نه ڏيندو“ ” ايئن نه آهي سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي “ شان مٺيون ڀيڙيندي جواب ڏنو. هو آرٽس لابي جي هجوم مان اٿي اڳتي هلڻ لڳا، جنهن به طرف کان هوا لڳي رهي هئي پاڻ سان گڏ هڪ نئين خُوشبو کڻي ٿي آئي! نوازآهستي آهستي چوڻ لڳو” هاءِ هاءِ! خدا واه جو جهان جوڙيو آهي. جهڙا حسين چهرا تهڙي اٿن مرڪ، مٿان وري اِها سڳنڌ!اصل مدهوش ڪريو ڇڏين!“ شان هڪ عجيب ڏک ۾ مبتلا هو پر دوست جي دل رکڻ لاءِ ڦڪي مُرڪ مُرڪي چوڻ لڳو” نواز تنهنجي قبر به هتي ئي ٺاهينداسين“ ” ها يار اها ته مهرباني ڪج ،هونهن به ٻي ته ڪا به تمنا ناهي، بس حسين چهرا ڏسان ۽ سڳند ايندي رهي ٻيو ڇا کپي!“ هاڻي هو پروگرام ۾ پهچي چڪا هئا. پروگرام ۾ ڪيترائي ماڻهو ويٺل ها نواز جو پسنديده اديب وچ ته ويٺو هو نواز آهستي آهستي شان جي ڪن ۾ چوڻ لڳو ”لله کي مڃ هتي ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪجان نه ته ٻنهي جو ڪيرئر تباه ٿي ويندو“ شان ” ها خبر آ ،خبرآ“ نواز ”خبر ته اٿئي پر ڪڏهن ڪڏهن چريائپ واري رڳ ايندي اٿئي ان ڪري پارت اٿئي ادا“ پروگرام جي دوران ڪيترن اديبن ڳالهايو، جن ڳالهين جو پاڻ سندن ڪردار تي ذرو به اثر نه هو. شان جي ذهن ۾ ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو پر,نواز جي ڳالهه وري وري اُن جي ذهن ۾ اچي رهي هئي ان ڪري ماٺ رهيو. نيٺ پروگرام پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. شاگردن کي سوال ڪرڻ جي اجازت ملي ، سڀني پنهنجي پنهنجي سوچ آهر سوال پئي ڪيا اُتي هڪ معصوم نيگري اٿي سوال ڪرڻ لڳي ”سائين مون کي ادب سمجهه ۾ نه ٿو اچي، مان ڇا ڪيان؟“ صدرِ محفل مسڪرائي چوڻ لڳو ”امان ادب پڙه استاد ڪر ادب به سمجهه ۾ اچي ويندئي ۽ اديب به ٿي وينديءَ“ پووگرام ۾ اتي هر قسم جو اديب موجوده هو ڪجهه ته اهڙا به اديب هئا جن جي عمر ته موت کي ياد ڪرڻ جي هئي پر خواب اڃا 18 سالن جي ڇوڪرن وارا هئن ،شان ۽ نواز اٿيا ڪينٽين جي طرف هلڻ لڳا ايتري ۾ مرزا اچي ويو . ”ڪاڏي ٿا وڃو“ ” ڪينٽين تي! هلندين ؟ “ ”هلو ڀلا يارچانه پي اچون “ مرزا چوڻ لڳو . شان جي ذهن ۾ لڳاتار اها ڇوڪري اچي رهي جنهن اتي سوال ڪيو هو اُن کي اڻ تڻ هئي ته ان نياڻي جو هاڻي الاءِ ڇا ٿيندو ڇو ته شان آخر ۾ ان کي انهيءَ ماڻهو سان بيٺل ڏٺو هو، جيڪو ڪيترن ئي جسمن سان کيڏي چڪو هو شان پنهنجو ڌيان نواز ڏي ڪيو ٻڌ؟ ها نواز اتي تو هڪ اديب ڏٺو هو؟ جيڪو سڀ کان وڏي ڄمار جو هو؟ ” ها ها ها پر ڇو؟ .وڏو عالم اديب دانشور آهي ،مون کي ان جي چهري ۾ پوڙهو رڇ نظر ايندو آهي، جيڪو پاڻ کا گهٽ طاقت وارن کي عذاب گهٽ پر ڇيڇاڙيندو گهڻو آهي.“ يار شان تون ڪڏهن سڌرندي ماڻهو ان جي پيرن تي هٿ رکي ملندا آهن ان جي سڀن کان وڌيڪ عزت ڪندا آهن.اُن جي لاءِ اهڙا لفظ ڳالهاين ٿو؟ پو ڇا ٿيو سنڌي قوم ته معصوم قوم آهي جيڪا هر شخص کي پيار ڏيندي آهي ڇو ته اهي ظاهري علم ۾ اهڙيون اخلاقي ڳالهيون ڪندا آهن جن تي انهن ڪڏهن به عمل نه ڪيو هوندا آهي. شاه جي هن بيت وانگي آهن ”اندر ڪارو ڪانءُ ٻاهر ٻولي هنج جي ،اهڙو ٺلهو ٿانءءُ ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪريان ، ٻيو ته هر ماڻهو ان جي حرڪتن کان واقف به ته نه آهي .مرزا عادت کان مجبورٿي وچ ۾ ڳالهايو تون ايڏي يقين سان ڪيئن ٿو چئي سگهين ته هو اهڙي ڪردار جو مالڪ آهي. مون کوڙ ٻڌو آهي ان جي باري ۾ پر ڪڏهن موقعو مليو ته اوهان کي به ضرور ڏيکاريندس ڇڏ يار ماڻهن جو ڳالهيون هونديون آهن جيڪو ماڻهو وڏين منزل تي هوندا آهن انهن جي باري ۾ اڪثر اهڙيون ڳالهيون ءٻڌڻ ۾ اينديون آهن .نواز خاموش رهيو ۽ ٿڏو ساهه ڀريائين ڇو جو جيڪو هن ڏٺو هو سو ڪنهن به نه ڏٺو هو . گهر وڃڻ جو وقت ٿي چڪو ٽئي اٿي گهر هلڻ لاءِ سلور جوبلي گيٽ ڏانه وڃڻ لڳا . ٻئي ڏينهن معمول موجب هو يونيورسٽي پهتا اڄ مند ڀلي هئي هلڪو هلڪو مينهن وسي رهيو هو شان ڪلاس کان پوءِ لان ۾ ويهي چانهن پيئڻ لڳو ۽ مسلسل انهن ماڻهن جي باري ۾ سوچيندو رهيو ته هيءَ ڪهڙي قسم جا انسان آهن ڪيڏو نه سٺو ٿا لکن هٿن ۾ ڪهڙي ڪلا اٿن پر اند ۾ ڪيترا ننڍڙا ماڻهو آهن، نفس جي هٿان مجبور آهن.شان جي ذهن ۾ ماضي جا ڪجهه ورق اٿلي آيا هڪ محترمه ميڊم جو جملو ذهن تي تري آيو ”هتي جيڪو به پڙهو ٿا ان تي عمل ڪندو ته توهان کي ڄٽ جاهل سمجهيو ويندو.“ ايئن ڇو آهي؟ پڙهون هڪ ڪيون ٻيو ايئن ڇو آخر ڪيستايئن منافقت جي زندگي گهارڻي پوندي ؟ ”اسلام عليڪم شان مان مسلسل ميسج ڪري رهيو آهيان جواب ڇونه ٿو ڏين اهو ته چڱو جو هتان گذرندي مون لان ۾ جهاتي پاتي ته توتي نظر پئجي وئي.“نواز چيو ” ها يار مان پنهنجي دنيا ۾ گم هيس“ شان وراڻيو ڪجهه دير کان پوءِ مرزا سهڪندو سهڪندو آيو. ”مرزا ڇا ٿيو ؟خير ته آهي“ نواز پچڻ لڳو مرزا ساڳي حالت ۾ تڪڙا ساهه ڀريندو رهيو. هاڻي شان به پريشاني کان اٿي بيٺو ” خير ته آهي ڪير وڙهيو اٿئي ڇا ؟“ ”نه نه اهڙي ڳاله ناهي “ مرزا وڏو ساه ڀري زمين تي منهن هيٺ ڪري ويهي رهيو ڪافي دير تائين نواز ۽ شان ان کان پڇندا رهيا مگر مرزا مڪلي جي مقبرن جيان ماٺ ۾ هو. گهڙي کن ٽيئي خاموش رهيا ۽ اُن خاموشي کي موبائل فون جي رنگ ٽوڙيو ۽ مرزا جي موبائل تي ميسج آيو نواز هٿ وڌائي مرزا جو فون کنيو جنهن تي ڪومل جو ميسج آيل هو ”مرزا اڄ تو جيڪو به ڏٺو پاڻ تائين رکجان، ان ۾ منهنجي رضا ڪانه هئي مونسان زبردستي ڪري رهيو هو مان بيوس هيس پليز مون کي معاف ڪجان مان ڄاڻان ٿي ته تون مونسا ن هاڻي ڪڏهن به نه ڳالهائيندي پر اهو راز پاڻ وٽ رکجان! نه ته مان سڄي عمر هن معاشري ۾ ڪنڌ کڻي نه سگهنديس “. نواز ميسج پڙهي موبائل شان جي هٿ ۾ ڏنو، موبائل ڏسي شان رت جا ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳو ڪير هيو مون کي ٻڌا مان قتل ڪري ڇڏيندو سانس نواز، مرزا ڪير هئو، مون کي ٻڌا مرزا جي اکين مان ڳوڙها مسلسل وهي رهيا هئا. شان تو سچ چيو هو ” هي اهوئي اديب هو “ ليکڪ مظهر شاه