منور سراج سڄو ورانڊو انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهتل اميدوارن سان سٿيو پيو هئو. پنهنجي پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪندڙ اميدوارن جي هٿن ۾ فائيل هئا ۽ اکين ۾ سٺي مستقبل جا خواب. ورانڊي ۾ ٿوري گھڻي سس پس هوندي به عجيب خاموشي ڇانيل هئي، عجيب ۽ اڻ وڻندڙ!، اندرئين ڪمري جو دوازو بند هو. در وٽ هڪڙو ڪلارڪ ميز جي آڏو رکيل فائيلن تي ڪنڌ نوايون ويٺو هو. اوچتو گهنٽيءَ جو آواز ٿي ٻريو ته هن ڪنڌ فائيلن تان کڻي ڪنهن نه ڪنهن جو نالو ٿي پڪاريو ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري فائيلن ۾ گم ٿي پئي ويو. هن جي جھوليءَ ۾ فائيل رکيو هئو. پوئتي ورايل گھاٽا وار لوڻن وٽان ڪجھ ڪارا ڪجھ اڇا هئس. تازي شيو ٿيل هوندي به سندس منهن تي وقت کان اڳ پوڙهي ٿي ويل شخص جو ڏيک ڏئي رهيو هو، پر سندس چهري تي اطمينان جي روشني هئي. خيالن ۾ گم ان مهل هو شهر جي هڪ وڏي سونارڪي دڪان ۾ ويٺو هو. سندس سامهون شيشي جي شويڪيسن ۾ رکيل ڊزائينن جا سونا زيور ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ جڳ مڳ ڪري رهيا هئا. دڪان واري زيورن جي تصويرن جو هڪ البم سندس اڳيان رکندي چيو: ” سر هن البم ۾ هڪ سو کان وڌيڪ خوبصورت ۽ نئين کان نئين نموني جي جھومڪن جون تصويرون آهن. . . . . جيڪا ڊزائين اوهين پسند ڪيو اها توهان کي ٻن ڏينهن ۾ ٺهي ملندي.“ هو البم جا صفحا هڪ هڪ ڪري اٿلائڻ لڳو. هر صفحي تي هڪ کان هڪ ڊزائين جا جھومڪ ڄڻ مرڪي ڏانهنس گھوري رهيا هئا. هر ٻيو نمونو پهرئين نموني کان وڌيڪ سٺو ۽ سهڻو ٿي لڳس. هيترن سارن ۽ ههڙن سهڻن جھومڪن مان ڪو هڪ نمونو پسند ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو. هو تمام گھڻو خوش هئو. . . . . دراصل کيس ڳولا هئي انهن جھومڪن جي جيڪي سندس زال پيڪيتن مان پائي آئي هئي، پراڻي ڊزائين جا ٿلها ڳرا ۽ وڏا پر تمام سهڻا جھومڪ جيڪي جھومڪ هن ڪنهن مجوري ۾ وڪڻي ڇڏيا هئا. جھومڪ وڪڻڻ واري ڳالهه تي نئين پرڻجي آيل ڪنوار ڪيڏو نه بگابگو ڪيو هئو. ”ڪون وڪڻڻ ڏيندس توکي مان پنهنجي ڪنن جا زيور ـ ـ ـ ـ ڪهڙا تو مون کي پنهنجي کٽيءَ مان وٺي ڏنا آهن ـ ـ ـ ـ ـ جو هليو آهين وڪڻڻ ـ ـ ـ ـ ـ“ الائي ڪيترين منٿن کان پوءِ راضي ٿي هئي ـ ـ ـ ـ ـ ”جيئن نوڪري ملي تو کي هنن کان به وڌيڪ سٺا ۽ سهڻا جھومڪ ٺهرائي ڏيندس ـ ـ ـ ـ ـ ايمان سان واعدو ڪيو هئائينس!“ ۽ هاڻي جڏهن سالن جو ڪيل واعدو پاڙڻ جي مهل ٿي هئي ته سندس دماغ ڪم ڪون پئي ڪيو. سڄي البم مان ڪنهن هڪ نموني تي اکيون ڪونه پئي بيٺس ـ ـ ـ ـ ـ صفحن مٿان صفحا اٿلائيندو پئي ويو ـ ـ ـ ـ ـ سڄو البم ٻه ٻه ٽي ٽي ڀيرا ڏسي چڪو هئو. نيٺ اکيون ٻوٽي کڻي هڪڙي ڊزائين تي آڱر رکيائين . . . . . بس هي نمونو ٺيڪ آهي. . . . . مراد علي ولد خميسو . . . . . ڪنن تي پنهنجي نالي جو پڙلاءُ پيس . . . . . ۽ پوءِ پاسي ۾ هلڪي ٺونٺ لڳس ته ڇرڪ نڪري ويس. ”مراد علي ولد خميسو ڪهڙو آهي؟“ڪلارڪ ڪاوڙ ۾ ٻيو دفعو سندس نالو پڪاريندي سامهون ويٺل اميدوارن کي ڏسي رهيو هئو. ”جي . . . . . جي مان آهيان مراد علي ولد . . . . . “ ”مراد صاحب . . . . . مهرباني فرمائي ٿورو اندر وڃڻ جي تڪليف ڪريو . . . . . ننڊ پوءِ ڪجو“ ڪلارڪ ڪمري ڏانهن اشارو ڪندي چيس. هو تڪڙ ۾ فائيل سنڀاليندي اٿي کڙو ٿيو. ڪمري ڏانهن ويندي در وٽ ٿورو ٿاٻڙجي پيو. پويان ڪنهن جي کلڻ جو هلڪو آواز ڪن تي پيس. ڪير کليو، ڪنهن ڳالهايو. . . . .؟ هو اهو ڏسڻ کان پهريائين ڪمري ۾ داخل ٿي چڪو هئو. ”السلام عليڪم سر“ هن فائيل آهستي وڏي ميز تي رکي ڪرسي تي ويهندي سامهون ويٺل انٽرويو ڪاميٽي جي ميمبرن کي سلام ڪيو. ڪنهن به سندس سلام جو جواب نه ڏنو. شايد ڪنهن هڪ ڄڻي ڪنڌ لوڏي جواب ڏنو هجيس، پر هو ڏسي نه سگهيو، ڇو جو ان مهل هو ڪرسيءَ تي ويهي، فائيل سامهون پنجن ميمبرن جي وچ ۾ ويٺل هڪ ميمبر کي ڏئي رهيو هو. ان کان اڳ جو ڪوئي ميمبر کائنس ڪو سوال ڪري فائيل ڏسندڙ ميمبر پنهنجي ٿلهي آواز ۾ چيو: “I am sory man! You are unable to join any gov Service, you have becom overage” ”جي سر“ هن ائين هلڪي دانهن ڪئي ڄڻ سمجهندي به ڪجھ نه سمجهي سگهيو هجي!، ساڳئي ميمبر گھنٽي وڄائيندي فائيل سندس سامهون رکي . . . . . ٿڌي لهجي ۾ . . . . . ڌيمي ۽ نرم آواز ۾ چيو ”تنهنجي عمر سرڪاري نوڪري کان چڙهي ويئي آهي، هاڻي سمجهئي“. هو فائيل کڻي ڪرسيءَ تان اٿيو ته ڄنگهون رڦي رهيون هئس. هو آهستي دروازو کولي ٻاهر نڪري آيو. دروازو هلڪي چيڪاٽ سان بند ٿي ويو . . . . . صاحبن جي آفيسن جا دروازا به صاحبن جيان ڏاڍا بااخلاق هوندا آهن. . . . . گوڙ بلڪل نه ڪندا آهن. . . . . در وٽ ويٺل ڪلارڪ ڪنهن ٻئي اميدوار جو نالو پڪاري رهيو هئو. . . . . هو آفيس جي چوداريءَ مان ٻاهر نڪري آيو. . . . . ٻاهر ايندي پوڙهو ٿي ويو. پڇتاءُ جيڪر اڳ ۾ ملندڙ ماستري يا ڪلارڪي وٺي ڇڏيان ها، اجايو وڏي ڪرسيءَ جا خواب نه ڏسان ها. . . . . ڊوميسائيل، پي آر سي، شناختي ڪارڊ نوڪري جي درخواست سميت سڀ ڪاغذ ڦاڙي هوا ۾ اڏائي ڇڏيائين. . . . . ڄڻ مٿي تان ڪو بار لهي پس. سالن کان دل تي رکيل ڇپ لهي ويس.! ريل گاڏي تيزيءَ سان پٽڙين تي ڊوڙي رهي هئي. عيد جو موقعو هئڻ ڪري سڀ گاڏا ڪيولين جيان مسافرن سان سٿيل هئا. پهرين بوگي ۾ ڇولا وڪڻندڙ شخص ماڻهن جي پيهه مان جاءِ ٺاهيندو، هٿن ۾ جھليل ڇولن جو اڌ منو ٿالهه سنڀاليندو اچي در وٽ پهتو. ريل جي رفتار ۾ ٿورڙي ڪمي اچي وئي هئي. اسٽيشن باقي ٿوري فاصلي تي هئي. ڇولن واري سڀني کا اڳ ۾ هيٺ لهڻ ٿي چاهيو. انهيءَ تياري ۾ هن جيئن ئي در جي سيخ ۾ هٿ وجھي ڏاڪي تي پير رکيو ته هٿ اسٽيل جي لسي راڊ مان ڇڏائجي ويس. ڇولن جو ٿالهه اتي ئي اونڌو ٿي ويو. ڪجھ ڇولا گاڏيءَ ۾ اندر هارجي ويا. ڪجھ ٿالهه سميت ريل کان ٻاهر وکري ويا. . . . . در تي بيٺل ڪنهن نوجوان جو هٿ ڇولن واري جي قميص ۾ پئجي ويو. . . . . بلڪل سڪ پٺيان داون ۾ . . . . . . پر ايستائين ڇولن وارو پنهنجو توازن وڃائي چڪو هو . . . . . . هو ڪجھ فاصلي تائين گهلجندو رهيو. پر ريل اسٽيشن تي اچي بيٺي ته نوجوان جي هٿ ۾ رڳو هڪ اڌوراڻي قميص جي چيهاڙي وڃي بچي هئي. ڇولن واري جو منهن چچريل، رتو رت لاش اسٽيشن جي فرش تي پيو هو. . . . . جنهن جو ڪو به ڄاڻو سڃاڻو، والي وارث نه هو. . . . . پوليس کي پڪ هئي ته هيترن ماڻهن مان لاش سڃاڻڻ وارو ڪونه ڪو ماڻهو ضرور نڪري پوندو. . . . . پر ڏسندڙن ۾ اڃا ڪو به اهڙو ماڻهو شامل نه هو. ماڻهن جا هشام لاش کي ڦريو بيٺا هئا. . . . . ريلوي پوليس جي پريشاني وڌي رهي هئي. . . . . مئل شخص جي کيسي مان شناختي ڪارڊ سميت ڪا به ٻي اهڙي شيءِ نه لڌي هئي جنهن سان سندس سڃاڻپ ٿي سگهي ها. پوليس کي سندس قميص جي اڳئين کيسي مان فقط ويهه روپيه روڪ ۽ چوڪور وڍيل رديءَ جي ڪاغذن جو هڪ ننڍڙو ٿهو مليو. . . . . پاسي واري کيسي مان هڪ بال پين، ٻه پن جون ٻيڙيون ۽ قميص جي هيٺان پاتل صدريءَ جي هڪ کيسي مان ننڍڙي پراڻي بندي. . . . . صدريءَ جا ٻيا کيسا بلڪل خالي هئا. ريل کي اسٽيشن تي بيٺي گھڻي دير ٿي وئي هئي. نيٺ پوليس لاش کي لاوارث ڄاڻائي ايڌي وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ريل گاڏي وسل هڻي اوتي رواني ٿي وئي ۽ ڪيترين ئي اسٽيشن تي پهچندي ڪجھ مسافر لاهيندي ڪجھ کڻندي لاهيندي رهي. رات جو دير سان هڪ سپاهي سوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجھي هڪ پن ٻيڙي ۽ بندي ڪڍي، هٿ جي اوٽ سان تيليءَ ٻاري ٻيڙي دکائي پوءِ بلب جي روشنيءَ ۾ بندي کولي ڏسڻ لڳو. بنديءَ جا پهريان ٻه ٽي ڪاڳر ڦاٽل هئا. هڪ صفحي تي لکيل هو: ”ٻه سير چڻا، اڌ پاءُ ليما، اڌ ڪلو بصر، اڌ پاءُ ساوا مرچ. . . . سپاهي چپن ۾ مشڪڻ لڳو. . . . . رات ڪافي گذري چڪي هئي، بوگي ذري گھٽ خالي ٿي چڪي هئي، ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ مسافر موجود هو، سو به اکيون پوريون ريل جي لوڏن تي ننڊ ۾ جھولي رهيو هو. ٽيون چوٿون صفحي تي رڳو ابتا سبتا ليڪا ڇڪيل هئا. هڪ صفحي تي ڪوئي شعر لکيل هو، جيڪو سپاهي پڙهي ته ويو پر سمجهي نه سگھيو. سپاهيءَ بيزاري مان ٻيو صفحو اٿلايو جنهن تي خوبصورت اکرن ۾ لکيل هو: ”ڇولن وارو پنهنجي زال لاءِ ڪڏهن به سونا جھومڪ وٺي نه سگهندو آهي.“ باقي سڀني صفحن تي به اهو ساڳيو جملو لکيل هو. سپاهيءَ آخري سوٽو هڻي ٻيڙي جو ٽوٽو دريءَ کان ٻاهر اڇلي ڇڏيو ۽ اٿي ٻي بوگيءَ ڏانهن هليو ويو. وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
جواب: سونا جھومڪ اڙي ادا طاهر، ڏس رنگيءَ جا رنگ صاحب جي صاحبي به عجيب آهي، ڪن جون ڀريون ڀريل ته ڪن جو کيسي خالي، ڪي پيٽ ڀريل ڪي، پيٽ بکايل ۔۔۔ ڪٿي آ موت ته ڪٿي آ زندگي ۔۔۔ ڪالهه ئي الله جي رسول جو هڪ قول پڙهيو ته ؛ الله جو فرمان آهي ته تون مونکي ياد ڪر ۽ رزق جو فڪر نه ڪر جو مون هن دنيا ۾ ايترو رزق پئدا ڪيو آهي جو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو ۔۔۔ ادا طاهر، اهو قول پڙهي سوچ ۾ پئجي ويس ته پوءِ ڇو ڪجهه ماڻهون انتهائي پست حالت ۾ آهن ۽ ڪجهه انتهائي آسودگيءَ ۾ آهن ۔۔۔ ؟؟؟؟ ان سوال جي ڳولها ۾ مون ڪتاب ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۔۔۔ امير ٿيڻ جي سائنس ۔۔۔ جنهن جا ٽي باب ونڊ به ڪيا آهن، وقت مليو ته اڃان به اڳتي ترجمو ڪندس ۔۔۔ بهرحال انسان جي دنيا آهي ۔۔۔ ظالم دنيا آهي ۔۔۔ انسان جو خمير به عجيب آهي ۔۔۔ ڏيڻ تي اچي ته سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏي ۔۔۔ جي کسڻ تي پوي ته سڀ ختم ۔۔۔ الله ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن
جواب: سونا جھومڪ مانَ وارا مون اوهان جا اهي 3 ئي باب پڙهيا آهن دنيا ته ساڳي آهي دنيا وارا ظالم ٿي سگهن ٿا