پروفيسر گل محمد مستوئي
سينيئر رڪن
- مان سوشل ورڪ سبجيڪٽ ۾ 1971.72 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي، سنڌ يونيورسٽي استوڊنتس يونين جو صدر پڻ رهيس .19 سال سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهايو، سنڌ يونيورسٽي ٽيڇرس ايسوسيئيشن جو نائب صدر ٿي رهيس ۽ 3 سال سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿي رھيس.
- سنڌ يونيورسٽي ڇڏي 12 سال ڪينيڊين سيڊا جي سمال پراجيڪٽس آفيس اداري ايس پي او۾ ڪم ڪيو اتي ڊپٽي چيف ٿي رهيس. ايس پي اواداري کي پوري پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ وارن بانين مان ھڪ آهيان.
- ھڪ سال ٽرسٽ فار والنٽري آرگنئيزيشن جي ڪراچي آفيس جو ريجنل ڊائريڪٽر ۽ سنڌ جوانچارج ٿي رهيس. جنهن ۾ هڪ سال ۾ سنڌ کي 40 پراجيڪٽس ڏياريا.
- 3 سال يورپين يونين ۽ برٽش ڪائونسل طرفان سنڌ حڪومت ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ريفارم سپورٽ يونٽ ۾ ايس ايم سي فنڊز جو ايڊوائيزر ٿي رهيس جنهن ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ وڃي ڊپارتمينٽ جا 43000 ايس ايم سي اڪائونٽس بينڪن جي مدد سان بند پيل اڪائونٽ ايڪٽيويٽ ڪرايا، نوان ايس ايم سي ميمبر چونڊرايا ۽ اسڪولن جي اڪائونٽس ۾ ڊئريڪٽ پئسا جمع ڪرايا.
- 4 سال يو ايس ايڊ اسرا سکر۽ خيرپور ضلعن جو پروگرام ڪو آرڊينيٽر ۽ پروگرام مينيجرجي طور تي استادن ۽ ڪميونٽي جي مدد سان 1350 اسڪول بلڊنگ يا ايڪسٽرا ڪمرا تعمير ڪرايا، ھڪ سال اسلام آباد ۾ ايگرا پروجيڪٽ ۾ سينئيرايڊوائيزرطور پوري پاڪستان ۾ پائلٽ طور 33500 ڪلاس ٽئين ۽ پنجين جي اسٽوڊنتس جون ريڊنگ ٽيسٽن وٺڻ ۾ ۾ددگار رهيس ۽ ھڪ سال سنڌ ريڊنگ پروگرام ڪراچي ۾ ڪولابريشن ايڊوائيزرطور سکر جي معصوم شاه لائبريري کي رينوويٽ ڪرائي ٻارن ۽ عورتن جو سيڪشن کولائي 5000 ڪتاب عطيئي طور ڏياريا.
- ھن وقت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڪيريئر بلڊنگ نيٽ ورڪ (ڪيبنيٽ) پاڪستان ۾ روزي ڊاٽ ڪام کانپو۽ ٻئي نمبر تي کي مون ۽ منهنجي دوست نصير ميمڻ 2001 ۾ قائم ڪيو(گذريل 3 سالن کاننصير ميمڻ صاحب مصروفيت سبب وقت نٿو ڏيئي سگھي)، جنهن ۾ 14500سنڌي نوجوان سنڌ، پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ، پڙهندڙ۽ نوڪريون ڪندڙ ريگيولر ميمبر آهن. ڪيبنيٽ ۾ سنڌي نوجوانن لا۽ روزانه جي بنياد تي اخبارن، ادارن، ڊونرز، اين جي اوز ۾ ايندڙ نوڪريون ، ٽريننگس، ورڪشاپس، اسڪالرشپس شِيئر ڪيا وڃن ٿا. انکان علاوه ڪيريئر ڪائونسلنگ پڻ ڪئي وڃي ٿي.
- مون ۽ منهنجي گھرواري پنهنجي پينشن مان ٽنڊو الھيار شهر جي ٻاهران غريب ٻارن لا۽ ايجوڪيٽ سنڌ جي نالي سان اسڪول قائم ڪيو آهي جنهن ۾ ٻارن کان ڪابه فيس نٿي ورتي وڃي. ڪتاب، اسڪول بيگ، يونيفارم، شوز، سڄو سال ڪاپيون پينسلون ۽ ھر ٻئي مهيني صابڻ جي چڪي وغيره ٻارن کي فري ڏنا وڃن ٿو. هر چوٿين مهيني ٻارن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي مفت دوائون ڏنيون وڃن ٿيون.
- وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جورابطو نمبر 03337121139