مان سوشل ورڪ سبجيڪٽ ۾ 1971.72 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي، سنڌ يونيورسٽي استوڊنتس يونين جو صدر پڻ رهيس .19 سال سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهايو، سنڌ يونيورسٽي ٽيڇرس ايسوسيئيشن جو نائب صدر ٿي رهيس ۽ 3 سال سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿي رھيس.
سنڌ يونيورسٽي ڇڏي 12 سال ڪينيڊين سيڊا جي سمال پراجيڪٽس آفيس اداري ايس پي او۾ ڪم ڪيو اتي ڊپٽي چيف ٿي رهيس. ايس پي اواداري کي پوري پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ وارن بانين مان ھڪ آهيان.
ھڪ سال ٽرسٽ فار والنٽري آرگنئيزيشن جي ڪراچي آفيس جو ريجنل ڊائريڪٽر ۽ سنڌ جوانچارج ٿي رهيس. جنهن ۾ هڪ سال ۾ سنڌ کي 40 پراجيڪٽس ڏياريا.
3 سال يورپين يونين ۽ برٽش ڪائونسل طرفان سنڌ حڪومت ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ريفارم سپورٽ يونٽ ۾ ايس ايم سي فنڊز جو ايڊوائيزر ٿي رهيس جنهن ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ وڃي ڊپارتمينٽ جا 43000 ايس ايم سي اڪائونٽس بينڪن جي مدد سان بند پيل اڪائونٽ ايڪٽيويٽ ڪرايا، نوان ايس ايم سي ميمبر چونڊرايا ۽ اسڪولن جي اڪائونٽس ۾ ڊئريڪٽ پئسا جمع ڪرايا.
4 سال يو ايس ايڊ اسرا سکر۽ خيرپور ضلعن جو پروگرام ڪو آرڊينيٽر ۽ پروگرام مينيجرجي طور تي استادن ۽ ڪميونٽي جي مدد سان 1350 اسڪول بلڊنگ يا ايڪسٽرا ڪمرا تعمير ڪرايا، ھڪ سال اسلام آباد ۾ ايگرا پروجيڪٽ ۾ سينئيرايڊوائيزرطور پوري پاڪستان ۾ پائلٽ طور 33500 ڪلاس ٽئين ۽ پنجين جي اسٽوڊنتس جون ريڊنگ ٽيسٽن وٺڻ ۾ ۾ددگار رهيس ۽ ھڪ سال سنڌ ريڊنگ پروگرام ڪراچي ۾ ڪولابريشن ايڊوائيزرطور سکر جي معصوم شاه لائبريري کي رينوويٽ ڪرائي ٻارن ۽ عورتن جو سيڪشن کولائي 5000 ڪتاب عطيئي طور ڏياريا.
ھن وقت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڪيريئر بلڊنگ نيٽ ورڪ (ڪيبنيٽ) پاڪستان ۾ روزي ڊاٽ ڪام کانپو۽ ٻئي نمبر تي کي مون ۽ منهنجي دوست نصير ميمڻ 2001 ۾ قائم ڪيو(گذريل 3 سالن کاننصير ميمڻ صاحب مصروفيت سبب وقت نٿو ڏيئي سگھي)، جنهن ۾ 14500سنڌي نوجوان سنڌ، پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ، پڙهندڙ۽ نوڪريون ڪندڙ ريگيولر ميمبر آهن. ڪيبنيٽ ۾ سنڌي نوجوانن لا۽ روزانه جي بنياد تي اخبارن، ادارن، ڊونرز، اين جي اوز ۾ ايندڙ نوڪريون ، ٽريننگس، ورڪشاپس، اسڪالرشپس شِيئر ڪيا وڃن ٿا. انکان علاوه ڪيريئر ڪائونسلنگ پڻ ڪئي وڃي ٿي.
مون ۽ منهنجي گھرواري پنهنجي پينشن مان ٽنڊو الھيار شهر جي ٻاهران غريب ٻارن لا۽ ايجوڪيٽ سنڌ جي نالي سان اسڪول قائم ڪيو آهي جنهن ۾ ٻارن کان ڪابه فيس نٿي ورتي وڃي. ڪتاب، اسڪول بيگ، يونيفارم، شوز، سڄو سال ڪاپيون پينسلون ۽ ھر ٻئي مهيني صابڻ جي چڪي وغيره ٻارن کي فري ڏنا وڃن ٿو. هر چوٿين مهيني ٻارن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي مفت دوائون ڏنيون وڃن ٿيون.
اوهان جي ڪم خاص ڪري ڪيبنيٽ سروس کان ڀلي ڀت واقف آهيان جو مان به ان جو ڪيئي سال ميمبر رهيو آهيان. مونکي ان جو ڏس ان وقت اسان جي دوست صادق ڀنڀري ڏنو هو، جيڪو اڄڪلهه انگلينڊ ۾ آهي. اوهان جا تعارف ۾ ڏنل سڀ ڪم تعريف لائق آهن، خاص ڪري اسڪول وارو ڪم تمام گهڻو وڻيو.