پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ سنڌ جا سور

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ وقت سنڌ جي ماڻهن جي هڪ وڏي طبقي انهي خوشفهمي جو اظهار پئي ڪيو ته هاڻ سنڌ کي پنهنجا حق ملندا. پاڻي، ناڻي، وسيلن ۽ روزگار جي معاملن ۾ ٿيندڙ نا انصافيءَ جو خاتمو ممڪن بڻجي سگھندو. انهن سمجھيو ٿي ته پوين اٺن ڏهن سالن کان وٺي سنڌ جيڪي تڪليفون ڀوڳي پئي انهي جي هڪ وجه اها آهي ته پيپلز پارٽي کي اقتدار ۽ اختيار نه مليو آهي. پر هن وقت جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي مدت جا ٻه سال پورا چڪي آهي ته تڏهن جيڪڏهن سرسري نظر سان به ويهي سنڌ جي دردن ۽ سورن جو ذڪر ڪجي ته اهي اسان کي ٻيڻا ئي نطر ايندا اهوئي سبب آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مقبوليت جو گراف تمام هيٺ وڃي چڪو آهي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جنرل ضياءَ الحق ۽ ٻين آمرن جيڪي حربا هلايا هئا انهن ايترو نقصان پارٽي کي نه پهچايو جيترو حڪومت جي ڪارگذاري جي ڪري سندس ساک کي هن وقت پئجي رهيو آهي.

    سنڌ جي ماڻهن سمجھيو ته پيپلز پارٽي ايندي ته اهي ڪجهه سک جو ساهه کڻي سگھندا. سو ٻيو ته ٺهيو وفاقي ليول تي گھڻي ڪجھه عذر ۽ بهانا پيش ڪري به سگھجن وفاقي ليول تي ته پنجاب ئي اهو چئي سگھي ٿو ته ”بجلي بلن جي ادائيگي جي حساب سان صوبن ۾ ورهائي وڃي جيڪو صوبو وڌيڪ بجلي بل جمع ڪرائي ٿو ان کي بجلي وڌيڪ ملڻ کپي“ اسان جي سنڌ جي نمائندن ۾ اها همت ڪٿي آهي ته اسلام آباد ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي ٻه هزار ارب جي آمدني مان 2 سئو ارب روپيه جي خيرات تي راضي ٿي اچي سنڌ کي خوشخبري ٻڌائڻ هليا ته اسان سنڌ جو اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو وڌرايو آهي. ٻه هزار ارب روپين جي اسان جي پنهنجي ئي روينيو مان جيڪڏهن وفاق ۽ پنجاب اسان کي ٻه سئو ارب روپيه ڏين ٿا ته انهي ۾ انهن کي ڪهڙو نقصان؟ نقصان ته سنڌ جي غريب عوام جو ٿئي ٿو جتان ٽئڪس وصول ته ڪيو وڃي ٿو ۽ موٽ ۾ ڪنهن اسپتال ۾ توهان کي پونسٽان جي گوريءَ به نه ملندي ته ڪٿي وري ڪنهن اسڪول ۾ ٻارڙا وڻن جي ڇانوَ هيٺ علم پرائيندي نظر ايندا. پر سنڌ ۾ آخر ڪهڙي مجبوري آهي جو ٽن سالن ۾ به پپيلز پارٽي جي حڪومت مشرف دور ۾ سنڌين خلاف ٺاهيل امتيازي قانون ۽ غير اعلانيه بندشن کي ختم ناهي ڪري سگھي حالت اها آهي ته ڪراچي جنهن کي مني پاڪستان ته چيو وڃي ٿو پر بدقسمتي سان اتي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن جي داخلا تي بندش آهي. ۽ وري بدبختي جي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي جي ڪنهن وزير کان انهي بابت سوال پڇيو ويو ته انهي جو سياڻپ ڀريو جواب اهو هو ته ”سنڌ جي شاگردن کي ڪراچي اچڻ جي ضرورت نه آهي اسان سندن شهرن ۾ يونيورسٽيون قائم ڪنداسون“ انهي کي چئجي ٿو ته گدڙ ڊاک کي نه ٿو پڄي چئي ٿو کٽا آهن“ صاف ظاهر آهي ته مفاهمت جي آڙ ۾ يار سوديبازيون ڪيو پاڻ ٻڌيو ويٺا آهن تنهن ڪري سنڌ جي مفادن جي تين وال تي ڪجهه ڪڇڻ ۽ پڇڻ تي بندش لڳل آهي. ته ڪٿي متان مفاهمت جي عمل کي ڪو ڌڪ لڳي ۽ ڪراچي هڪ دفعو ٻيهر بند ٻورين جي سياست حوالي ٿي وڃي. لڳي ٿو داخلائن کان وٺي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ وارا معاملا انهي مفاهمتي سياست جي نظر ٿي ويا آهن. ۽ ايندڙ وقت ۾ جڏهن مڪاني ادارن جو ترميم شده نظام جڙڻو آهي تڏهن لڳي ٿو ته اهو به ”بهائي“سان مفاهمت جي عمل تحت ئي هوندو جنهن تحت ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جو اقتدار ۽ اختيار کين پليٽ ۾ رکي پيش ڪيو ويندو.

    پيپلز پارٽي جي نه رڳو سنڌ ۾ مضبوط حڪومت قائم آهي پر وفاقي ليول تي به وزيراعظم کان وٺي صدر تائين سڀ سندس جا پنهنجا ئي آهن ۽ هڪ سنڌي ايوان صدر جي ڪرسي تي ويٺل آهي اسپيڪر جو تعلق به سنڌ سان آهي انهي کان پوءِ وزيرن ۽ مشيرن جي ڊزن ڏيڊ جي انگ جو تعلق سنڌ سان ضرور آهي پر ان باوجود به سنڌ هر معاملي ۾ بي اختيار محسوس ٿئي ٿي اڄ به وفاقي ۽ پلاننگ جي کاتن ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ جي برابر آهي (پڙهي ڏسو روزاني ڪاوش بروز جمع 7 مئي 2010) ۽ جيڪڏهن پاڻي جي مسئلي کي ڏسجي ته سنڌ اڄ به ساڳئي طرح سورن ۽ تڪليفن جي حوالي آهي جهڙي طرح جنرل مشرف جي دور ۾ هئي. تڏهن ته سنڌ جو ڪيس اڳتي کڻڻ وارو ڪير به نه هو ۽ پيپلز پارٽي مخالف ڌر ۾ هوندي گھڻا ئي وس واڪا ۽ احتجاج ڪندي رهندي هئي. سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاه صاحب انهي وقت ٺهيل ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي جو صدر هو نثار کهڙو به انهي ڪاميٽي ۾ شامل هو ۽ هاڻ جڏهن اهي ئي ماڻهو حڪومت ۾ ويٺل آهن ته تڏهن ٿل ڪئنال جي تعمير جي لاءِ بجيٽ رکيو وڃي ٿو ۽ دليل ڏنا وڃن ٿا ته انهي تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي هاڻ احتجاج ڪرڻ اجايو آهي؟ ٻي پاسي چشما جھلم پاور پروجيڪٽ ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي هميشه لاءِ قبضو ڪرڻ جو رٿيو پيو وڃي. هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال اها آهي ته سنڌ جا اڪثر ننڍا وڏا واهه تقريبن ٽن مهينن کان وٺي مسلسل سُڪل يا وارابندي تحت هلي رهيا آهن جنهن جي ڪري سنڌ جي زراعت کي تمام وڏو نقصان پهچي چڪو آهي پوکيل ٻج ضايع ٿي چڪا آهن ۽ ٻنين ۾ بيٺل فصل پاڻي نه ملڻ جي ڪري سڪي رهيا آهن. آبادي ۽ پوک ته پري جي ڳالهه وڃي رهي آهي سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ ته جانورن ۽ ماڻهن پيئڻ لائق پاڻي به نه آهي جيڪڏهن ايترن سارن سنڌي ميمبرن وزيرن ۽ سنڌي صدر جي هوندي به سنڌي ماڻهن کي ٻيو ته ٺهيو پر صرف پنهنجو حق نه ملي سگھجي ته پوءِ انهي ۾ ڪابه هڪ ڳالهه ٿي سگھي ٿي يا ته اهي پنجابي اسٽيبلشمينٽ کان خوفزده آهن ته جيڪڏهن اهي سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين تي اقتدار ۽ اختيارن جي ايوانن ۾ ويهي آواز اٿاريندا ۽ پنهنجي وزات ۾ ويهي حڪم جاري ڪندا ته کين اختيار ۽ اقتدار کان بي دخل ڪيو ويندو جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ ائين به ٿي سگھي ٿو ته انهن اقتدار ۽ اختيار جو مزو وٺندي سنڌ کي وساري ڇڏيو هجي ۽ سنڌ جا ماڻهو کين اقتداري مزن ۽ عيشن ۾ ياد ئي نه رهيا هجن. هئن به سندن تعلق هڪ اهڙي سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي سان آهي جنهن طبقي کي اها خبر ئي ڪانهي ته نٽهڻ اُس ۾ جڏهن گرمي پد 48 سينٽي گريڊ هوندو آهي تڏهن ان جي تپش ڇا هوندي آهي؟ کين ناهي خبر ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڻ لڀ ٿيندڙ پاڻي جي ڪري ماڻهو پيئڻ جي پاڻي خاطر به پنج پنج ميل پنڌ ڪري وڃن ٿا ته سندن تڪليفن کي ڪهڙن لفظن سان بيان ڪري سگھجي ٿو؟ ۽ ها اهي ماڻهو انهي هاري جي احساس کي نٿا ڄاڻي سگھن جنهن جي گذر سفر جو واحد ذريعو اهي ئي ٻه ايڪڙ هئا جيڪي پاڻي کوٽ جي نظّر ٿي ويا انهي پاڻي جي آسري قرض کڻي پنهنجي ٻني ۾ هر کيڙيا ۽ ٻج ڇٽيا ته مٿان پاڻي جي کوٽ جي ڪري پاڻي جو وارو نه اچي سگھيو ۽ سندن پوکيل ٻج سندس ئي اکين اڳيان سڪي تباهه ٿي ويو؟ انهن اکين ۾ جيڪي حسرتون ۽ ارمان هوندا ڇا اهي ماڻهو انهن ارمانن کي ڄاڻي سگھندا انهن حسرتن کي سمجھي سگھندا جيڪي هزارين ايڪڙ ٻنين جا مالڪ هجن ۽ جنن جي خاطر ايريگيشن جي ايس ڊي او کان وٺي بيلدار تائين سڀ ونگار ۾ مقرر هجن ته سندس جي ٻني تائين مڪمل پاڻي پهچائين ۽ انهي جي ضرروت پوري ٿيڻ کان پوءِ ئي پاڻي باقي خدا جي مخلوق کي ملي سگھي؟

    سنڌ جي ماڻهن کي سمجھڻ جي ضرورت آهي هاڻ انهن سان گھڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي هي سڀ ڪجهه انهن سان انهي پارٽي جي حڪومت هوندي ٿي رهيو آهي جيڪا پارٽي مخالف ڌر ۾ هئڻ وقت سنڌ سنڌ ڪندي وتي ٿي. ”جيئي جيئي“ جي نعرن سان سنڌ سان اهڙي ويڌن ڪئي ويئي آهي جو هتي حياتي کان موت بازي کٽيندو ٿو وڃي. گذريل 62/63 سالن جي سياسي ڪلچر ۽ قيادت سنڌ کي سواءِ مايوسي، مسئلن ۽ مشڪلاتن جي ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو، سنڌ جڏهن پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي ته هو هڪ مالامال ۽ خوشحال سنڌ هئي ۽ اڄ به سنڌ وسيلن سان مالا مالا ۽ آباد آهي پر صرف سياسي قيادت جي نا اهلي ۽ چونڊيل نمائندن جي لا غرضيءَ جي ڪري سنڌ نه پنهنجن وسيلن جي مالڪ بڻجي سگھي آهي ۽ نه وري سنڌي ماڻهو جو سفر خوشحالي ڏانهن وڌيو آهي بلڪ هر ايندڙ ڏينهن سنڌ جو ماڻهو معاشي حوالي سان ابتري ڏانهن ئي ويندو رهيو آهي. ان جو بنيادي سبب هڪ ئي سمجھه ۾ اچي ٿو ته اسان وٽ انهن 62/63 سالن ۾ هڪ ته آمريت جا دور رهيا ٻيو ته مسلم ليگ يا پيپلز پارٽي جي وڏيرن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن ۾ پهچايو آهي سنڌ انهي ئي سرڪل ۾ پنهنجي سياسي ڦيري کي محدود ڪيو ويٺي آهي. اصل ۾ اسان جي ووٽن سان اقتدار جو مالڪ اهو وڏيرو ۽ جاگيردار بڻجي ٿو جيڪو اسان جي خون کي ڄئور جيان چوسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پيپلز پارٽي يا مسلم ليگ جو هئڻ باوجود به بنيادي طرح اهو وڏيرڪو طبقو سنڌ جي عام ماڻهو جي مسئلن کي سمجھڻ کان عاري آهي هو صرف نعري جي حد تائين ئي غريب ماڻهن سان شامل رهي ٿو، اليڪشن جي موسم ۾ راڄن ۾ نڪري مدتن کان رهيل فاتحائون ڏيئي ڪوڙا واعدا ۽ ڏٽا ڏيئي ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ پهچڻ کان پوءِ علائقي جي ڪنهن ماڻهو سان ملڻ به کين گوارا ناهي هوندو.

    سنڌ جو غريب ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ وڏي طاقت رکي ٿو، هئن انفرادي طور تي ڪنهن لين دين يا اڳواڻي جي معاملي ۾ اسان ڪنهن جي اهليت ڪردار، ايمانداري ۽ شرافت جي باري ۾ 10 دفعا سوچي سمجھي پوءِ قدم کڻندا آهيون پر جڏهن معاملو ملڪي ايوانن ۾ پنهنجي ڏکن سورن بيان ڪرڻ جي لاءِ نمائيندي چونڊجڻ جو اچي ته اسين بجاءِ ان جي ڪردار ۽ عوام دوستي شرافت ۽ ايمانداري کي نظر ۾ رکندي ائين کيس ڪنهن شخصيت جي نالي وٺڻ تي يا واسطي وجھڻ تي يا وري ڪوڙن واعدن ۽ نوڪري جي آسرن تي کيس پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي 5 سالن لاءِ پنهنجي بري ڀلي جي واڳ سندس هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ پوءِ اڳتي هلي خود اسان جي لاءِ نا اهل نمائندگي جي ڪري جيڪي مسئلا ۽ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون انهن کي ڀوڳيندا رهون ٿا ۽ خبر هوندي آهي ته اڳئين دفعي به اليڪشن دوران واعدو ڪيو ويو هو ته اسڪول، بنيادي صحت مرڪز ۽ بجلي ڏيندس پر ڪونه ڏنائين ”ادا پوءِ به ڀٽي جو نالو وٺي ٿو اسان کيس ئي ووٽ ڏينداسين“. هاڻ انهي ڪلچر ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرروت آهي سنڌ جي ماڻهن کي ووٽ جو معيار ۽ ماپو ڪنهن شخصيت کي نه پر خود سنڌ ۽ پنهنجن مشڪلاتن توڙي مسئلن کي ئي بنائڻ گھرجي ته انهن جي حالت ۾ ڪيتري قدر تبديلي آئي آهي يا اچي سگھي ٿي سنڌ جو ماڻهو پنهنجي ووٽ جو استعمال جوش بجاءِ هوش سان ڪري، ڪنهن به خوشنما نعري، ڪنهن به شخصيت جي بجاءِ تبديلي کي پنهنجو معيار ۽ ماپو بنائي ووٽ جي حق جو استعمال ڪري ۽ وري انهي پنهنجي ووٽ جو حساب ڪتاب به وٺي ته ڪوبه سبب ناهي ته سنڌ جو ماڻهو سندس چونڊيل عيوضين هوندي ائين ننڌڻڪو ۽ لاوارث هجي جهڙي طرح هن وقت هيڏي سڄي ساري سنڌين جي سرڪار هوندي آهي.


    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو