ڪالاباغ ڊيم . . . . .

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪالاباغ ڊيم تي جڙيل فني ڪاميٽي جي ممڪنه رپورٽ ۽ چيئرمين جي ماضي کي نظر ۾ رکندي پنجاب حڪومت ۽ آبپاشي کاتي فني ڪاميٽي جي رپورٽ جي رد عمل ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ تفصيلي رپورٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪا فني ڪاميٽي جي رپورٽ کانپوءِ صدر حوالي ڪيئي ويندي. جيئن ته ڪالاباغ ڊيم تڪراري ۽ ملڪي سالميت جي حوالي سان هڪ نازڪ مسئلو آهي پر اسان وٽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي کان ڪم وٺڻ جو فقدان رهيو آهي. ڪالاباغ ڊيم ڪنهن مسئلي يا بحران جو حل نه پر خود هڪ تهذيب، سرسبز علائقي جو مسئلو آهي. ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهون ڪالاباغ جي تعمير کي پنهنجي لاءِ معاشي، ثقافتي ۽ تهذيبي موت قرار ڏيئي ان خلاف سياسي جنگ وڙهي رهيا آهن. ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ايتري حد تائين جو ڪالاباغ ڊيم جا حامي سنڌ جو نام نهاد اقتدار پرست طبقو به کليل طريقي سان نه ٿو ڳالهائي سگهي. دٻيل دٻيل لفظن ۽ مصلحت جي لباس ۾ ويڙهيل ڳالھ هو ڪنهن عوامي جلسي ۾ ڪري ٿا ويهن ۽ ان جو بعد ۾ سنڌي ميڊيا طرفان منھن ٽوڙ ملندڙ جواب تي هو پنهنجي بيان تان هٿ کنيو وڃن.

    سنڌ جا ماڻهون هڪ يا ٻه ڏينهن کان نه پر مسلسل پوئين ٻن ڏهاڪن کان وٺي پاڻي تڪرار جي حوالي سان نا انصافي جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. ڪڏهن نگران حڪومت کان اٻهرائي ۾ پنهنجي مفادن وٽان معاهدو صحيح ڪرايو ٿو وڃي ان معاهدي ۾ شامل پنهنجن مفادن وٽان ڳالھين تي عمل درآمد ڪيو وڃي ٿو ۽ باقي ڳالھين کي ردي ٽوڪري حوالي ڪيو وڃي ٿو. ٿل ڪئنال جي تڪراري پروجيڪٽ تي سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج جي برعڪس هلندڙ ڪم جو ڪوبه آئيني جواز نٿو بنجي ايسين تائين جو جنن فورمن تان انهي پروجيڪٽ جي منظوري لازمي هئي انهن کي به نظر انداز ڪندي ٿل ڪئنال تي ڪم شروع ڪيو ويو. جنهن جي خلاف سنڌ اسيمبلي پنهنجي قرارداد منظور ڪري ٿل ڪئنال تي ڪم روڪڻ جو مطالبو ڪيو. انهي قرارداد کي ڪابه مڃتا نه ملي سگهي. سنڌ جي عوام طرفان ٿيندڙ مسلسل احتجاج کان به ڪن لاٽار ڪئي ويئي. ۽ ڪالاباغ ڊيم فقط سياسي حوالي سان تڪراري نه آهي بلڪه سنڌ جا پاڻي ماهر فني ميدان ۾ به واپڊا چيئرمين کي انگن اکرن سان شڪست ڏيئي چڪا آهن. ڏٺو وڃي ته اهو سنڌ جي ماڻهن وٽ زندگي ۽ موت جو سوال بڻيل آهي ته آيا هو ڪالاباغ ڊيم تي خاموشي اختيار ڪري سنڌ ۽ سنڌو کي ماضي جو داستان بڻائڻ چاهيندا يا ان ڊيم خلاف سياست، دليل ۽ ٽيبل جي ميدان تي جنگ وڙهي هڪ پوري قديم تهذيب، انساني تاريخ ۽ فطرت کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

    انهي ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌ جي نام نهاد اقتدار پرست ٽولي کي ڇڏي سڄي سنڌ جو عوام اول کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري پنهنجي بقا سان لاڳاپيل انهن خطرن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. اهوئي سبب آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ ڊيم مخالف تحريڪ پنهنجي نوعيت جي پهرين طويل ۽ مضبوط تحريڪ آهي.

    پنجاب جي آبپاشي کاتي جي هڪ ٽيڪنيڪل ونگ سمجهي ويندڙ پنجاب واٽر ڪائونسل بيانن جي حد ڪري ڇڏي آهي. ڪجھ ڏينهن پهرين پنهنجي اجلاس ۾ هڪ بيان ذريعي انهن صدر مشرف کي ڪالاباغ ڊيم جي تعمير کي في الفور شروع ڪرڻ جو مشورو ڏيندي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي چيئرمين کي ڪاري پاڻي جي سزا ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفن کي ڦاهي ڏيڻ جھڙو مضحڪه خيز ۽ غير ذميوارانه مطالبو به ڪري ڇڏيو. اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو ان حوالي سان اهڙي قسم جي لب ڪشائي ڪئي وئي آهي پر ان کان اڳ به اهڙي قسم جا بيان پڙهڻ لاءِ ملندا رهيا آهن. ٻين کي صبر کان ڪم وٺڻ جي تلقين ڪرڻ وارا خبر ناهي هت ڇو حامد ملهي مافيا جي سرگرمين جو ڪوبه نوٽس نه پيا وٺن. اهڙا بيان جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن حلقي مان اچن ها ته ملڪ ۾ ممڻ مچي وڃي ها. غداري، ملڪ دشمني، ترقي جا دشمن ۽ نه ڄاڻ ته ڪهڙن لقبن سان انهن کي نوازيو وڃي ها.

    سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو انهي حوالي سان سنڌ جي عوام جي پوئيواري ڪري ڪنهن به مصلحت جو شڪار نه بنجي، ٻٽي رويئي جو مظاهرو نه ڪري ۽ نه ئي سنڌ جي عوام کي ڪنهن به قسم جو احساسِ محروميت ڏياري.

    عالمي ادارن ۽ ملڪن کي انهي سلسلي ۾ اڳتي وڌي سنڌ واسين جوساٿ ڏيئي فطرت جي تباه ٿيندڙ نظارن کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇوته سنڌ واسي ڊيم جي مخالفت فطرت جي عين مطابق ڪري رهيا آهن. فطرت جي تباهي جي اڳيان ظاهري انگن اکرن جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي.


    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو