• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀاشا ڊيم جي اڏاوت 2037 تائين ملتوي ڪئي وئي ـ سنڌ سميت پاڪستان خلاف سازش

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سوشل ميڊيا تي اهي خبرون شايع ٿيون آهن ته رٿيل ڀاشا ڊيم جي اڏاوت سال 2037 تائين ملتوي ڪئي وئي آهي ـ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت ۾ دير واريون اٽڪلون درحقيقت سنڌ سميت پاڪستان خلاف سازش آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب سان واسطو رکندڙ حڪمران ۽ ڪامورا، پنجاب ۾ تڪراري ڪالاباغ ڊيم اڏڻ چاهين ٿا ته جيئن پنجاب سنڌ جو حصي جو پاڻي وڌيڪ سولائيءَ سان چورائي سگھي ـ حقيقت اها آهي ته پنجاب گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائيندو رهيو آهي ۽ هاڻ پنجاب ڪالاباغ ڊيم پنهنجي صوبي اندر ٺاهي، پاڻيءَ جي چوري ڪري سنڌ جي نڙيءَ تي مڪمل لت ڏيڻ چاهي ٿو ـ شهيد بينظير ڀٽي ڪمون شهيد وٽ تاريخي ڌرڻي دوران چٽن لفظن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪالاباغ ٺهيو ته سنڌ رڻ پٽ ۾ بدلجي ويندي.
حيرت آهي ته ڀاشا ڊيم تي چار ئي صوبا هڪراءِ آهن ۽ ان ۾ پاڻي ڪٺي ڪرڻ توڙي بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش، بدنام ڪالاباغ ڊيم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي پر پوءِ ڀاسا ڊيم جي اڏاوت ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اٽڪل چار سال اڳ، ڀاشا ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي چڪو آهي پر تنهن هوندي به ڀاشا ڊيم جي اڏاوت ۾ ڪا خاص ترقي نه ٿي آهي.
 
ھن حڪومت تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي راھ ھموار ڪرڻ لاء اردو چينلن تي پروگرام شروع ڪيا ويا آھن مان 2 ڏينھن اڳ دنيا ٽي وي تي ھڪ پروگرام ھلندي ڏٺو جنھن ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر قادرمگسي کي گھرايو ويو ھئو جيڪو ڳالھائي ئي ن پيو سگھي يا وري ايڏو زور سان وزندار نموني سان ڳالھائڻ ئي ن پئي چاھيائين.
 
اسان جي سڀني اڳواڻن کي انهيءَ موضوع تي مڪمل تياري ڪرڻ گھرجي ـ
 
Back
Top