• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مئ نوشي - ميئڪش سومرو

جڳ واقعي وشال آ سائين
زندگي خال،خال آ سائين
آ تباهي مڃان ٿو مئ نوشي
درد آڏو ت ڍال آ سائين
عاشقيء جو حسين سرمايو
بيوفائي بحال آ سائين
هر ڪويتا آ جام جهڙي؛
هر ڪوي ڄڻ ڪلال آ سائين
ڪجھ به ماضي نه آ نه مستقبل
پل به پل پيش حال آ سائين

***
 
موري جو مئڪش سومرو سٺو انسان دوست ۽ بھترين شاعري خيالن جو مالڪ آھي، سندن جي شاعري وڻندڙ شيئر ڪرڻ جا قرب سائين
 
Back
Top