• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سسئي معذوري جُتِيُون سَي پائِيندِيُون، جَنِين پَيرَ پِرِين

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جُتِيُون سَي پائِيندِيُون، جَنِين پَيرَ پِرِين
لاتِيُون سَڀِ پَرِين، سَسُئِيءَ سُپَيرِيَنِ کَي


سر معذوري ( سسئي )

پِرِين = پيارا
پَرِين = ريتون، رسمون - لفظ پَرِ جنهن جي معني' ريت يا رسم آهي ان جو جمع پَرِين
سُپَيرِيَنِ = پِرِيُنِ، محبوبن

بيت جو پس منظر

~ جن کي پنهنجا پير پيارا آهن، سي ئي جتيون پائينديون.
~ سسئيءَ اڄ سڀ ريتون، رسمون ۽ رواج ٽوڙي ڇڏيا آهن.

سمجهاڻي

جڏهن اسان ڪنهن احترام لائق، مقدس، پاڪ ۽ پوتر اهڃاڻ ڏانهن پنڌ ڪندا آهيون. تڏهن محبت ۽ عقيدت جي اظهار طور جتي لاهي پيرين اگهاڙين پنڌ ڪندا آهيون.
سسئيءَ اڄ دنيا جي ريتن، رسمن ۽ رواجن کي ٽوڙي هڪ نئون ۽ شاندار مثال قائم ڪيو آهي. ڇو تہ هن پنهونءَ ڏانهن پنڌ ڪندي پيرن مان جتي لاهي ڇڏي آهي. سسئيءَ پنهنجي محبوب پنهون سان انتهائي پيار، پاٻوھ ۽ محبت جي اظهار طور جتي لاهي اگهاڙن پيرن سان پنڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڀٽائيءَ جو هي بيت شاعراڻي نازڪ خياليءَ سان گڏ، محبوب سان محبت جو لازوال اظهار بہ آهي ۽ کيس شاندار ڀيٽا
بہ آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top