آدرش *** اٽليءَ ۾ سٺو ليکڪ اشفاق احمد جڏهن اُستاد هو ته هن سان هڪ امير ترين ۽ هڪ مافيا جو اڳواڻ ٽڪريو، تنهن کيس پنهنجو سربستو حوالُ ڏنو. مون کي جوئا جي بيماري لڳل هئي. گهوڙن جي گوءِ هجي شرطون رکان. مطلب ته هر جوئا جي ويجهو هيم. هڪ ڀيري پنهنجو سڄو مال ميڙي، وڃي گوءِ تي لڳايم، ان آٿت سان ته کٽندم ضرور. الله جي من ۾ هڪڙي ته بندي جي من ۾ ٻي، سو سڀ ڪجهه هارائي، ڪنگلو ٿي ٻاهر نڪتم. مان واپس اچان پيو ته رستي تي شديد ”ٻه“ لڳا. مون وٽ روپئي وارو سِڪو به ڪونه هو جو واش روم جي دروازي ۾ سِڪو وجهي در کوليان. هڪ باغ ۾ ويم. بئنچ تي همراھ اخبار پڙهي رهيو هو . مون وڃي کانئس نماڻائيءَ مئون هڪ روپئي جو سوال ڪيو. منهنجي منهن ڏانهن ڏٺائين ته رحم آيس، روپئي جو سِڪو گيدي مان ڪڍي ڏنائين. مان واش روم آيس. دروازي وٽ پهتم مس ته در کُليو. سڪو منهنجي هٿ ۾ هو. جيڪو ماڻهو ٻاهر نڪتو پئي سو مرڪندي، محبت ۽ شرافت سان در کي جهلي بيٺو. مون کي چيائين ” روپيو ڇو ٿو وڃائين؟ ائين ئي وڃ.“ مان سندس ٿورا مڃي اندر ويم. مان ٻه ڪري پر سڪون ٿي ٻاهر نڪتم ته روپيو منهنجي هٿ ۾ ئي هو. ٿورو اڳتي آيم ته هڪ ڪيسينو (جوئا خانو) تي نظر پئي. اندر ويم ته هڪ مشين وٽ لکيل هو ته داوَ تي هڪ روپيو لڳايو، هزار رپيا حاصل ڪريو. مان به توڪل رکي داوَ تي روپيو لڳايو ته هزار جو ڪڙڪڻو نوٽ ٻاهر نڪري آيو. اڳتي وڌيم ته ٻئي هزار تي لک هيو. مون هزار وڌو، رولر گهميو، دل جي ڏڪ ڏڪ تيز ٿي. لک کٽي ورتم ۽ امير ماڻهو بڻجي گهر آيم. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ اشتهار پڙهيم ته ڪوبه بند ٿيل ڪارخانا وٺي هلائي ته کيس هر قسم جي رعايت ڏني ويندي ۽ حڪومت به مدد ڪندي. مون دير ئي نه ڪئي ۽ ڪارخاني ۾ سيڙپ ڪئي. گنجين، جورابن ۽ انگيئن جو ڪارخانو کنيم. ڪارخانو اهڙو هلي پيو جو ڏسندي ڏسندي مان ارب پتي ٿي ويم. اشفاق صاحب! مان اڄ تائين ان همراھ کي ڳوليان پيو جنهن مون تي اهو وڙ ڪيو پر ملي ئي نه ٿو. ”ان کي، جنهن باغ ۾ توکي هڪ رپيو ڏنو؟“ ”نه. سائين نه. ان کي جيڪو مون لاءِ در کولي بيهي رهيو ۽ منهنجو روپيو بچايو هو. هن ڄڻ منهنجي ڀاڳ جو در کوليو هو. الله کيس خوش رکندو!“ *** اشفاق احمد ڪنهن ڪم سانگي لاهور کان شيخوپوره ويو. ڪم ڪار لاهي واپس پئي آيوته دڳ تي گاڏي خراب ٿي وئي. اشفاق صاحب ڊرائيور کي چيو ته هاڻي تون ڀلي اُ تي مٿو ماري ڪري ٺاهي اچجانءِ. مان هلان ٿو. اشفاق احمد هڪ لاريءَ کي هٿ ڏنو ۽ ان ۾ چڙهي پيو. هڪ سيٽ تي ويٺو، جتي هڪ نوجوان، ڪڇ ۾ خالي پڃرو رکيون، جهوٽا پئي کاڌا. نيٺ هن اکيون پٽيون ۽ سجاڳ ٿي ويٺو ته اشفاق احمد پڇيس: ”منَ! هي خالي پڃرو ڇو کنيو اٿئي؟“ نوجوان وراڻيس : ”سائين ! هي پڃرو ڪڏهن خالي هوندو آهي ته ڪڏهن ڀريل.“ اشفاق احمد سنئون ٿي ڪن هن ڏانهن ڏنو ته نوجوان ٻڌايس ته: ” سرڪار! مان هڪ فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو آهيان. هن پڃري ۾ منهنجو ڪبوتر هوندو آهي. سو ٻڌايانوَ پيو ته فئڪٽري لڳي ته گهر وڃي نه سگهان، سو ڪبوتر ۽ مان رات ترسي پوندا آهيون. جنهن ڏينهن اوور ٽائيم نه لڳي ته مان ڪبوتر کي اڏاريندو آهيان ته هو پرن کي لوڏائيندو سڌو منهنجي گهر وڃي، منهنجي زال جي ڪڇ ۾ ويهندو آهي ۽ گهر واريءَ کي نياپو ملي ويندو آهي ته مان اچان ٿو. فون به ناهي ني سائين! اڄ اوورٽائيم نه لڳو، سو ڪبوتر کي اڏاري ڇڏيم. ان ڪري خالي پڃرو آهي. هاڻي هوءَ مون لاءِ ماني ٽڪي تيار ڪري، سورنهن سينگار ڪري ويهندي.“ *** هڪ ڀيري اشفاق احمد پنهنجي فرزند سان پنهنجي موٽر ۾ قصور کان لاهور پيا اچن. هن جي فرزند انيق احمد کي پکين پالڻ جو شوق هو. واٽ تي هڪ دڪان نظر آيس، جتي ٻاجهري ۽ ڏارو ٿيل چانور رکيا هيا. انيق پيءُ کي چيو : ”ابا سائين! پکين لاءِ هي داڻو ڏاڍو سٺو هوندو آهي سو مان ورتيون اچان.“ دڪان وٽ اچي هن ٻه ٽي سير داڻن جو ورتو. گيدي ۾هٿ هنيائين ته ٻٽون هيوئي ڪونه. موٽر ۾ اچي ڳوليائين. اتي به ڪاريءَ وارا ڪک، سو موٽي اچي دڪاندار کي چيائين: ” چاچا! ٻٽون الائي ڪاڏي گم ٿي ويو سو! Sorry“ دڪاندار چيس ” سائين! ڪمال ٿا ڪيو! توهان داڻو کڻي وڃو. پئسا پاڻ ئي اچي ويندا.“ ”توهان مون کي ته سڃاڻو ئي نه ٿا پئسا ڪيئن اچي ويندا؟“ انيق احمد پڇيس. دڪاندار دار چيس ” سائين! توهان ڪو الڪو ئي نه ڪيو. مان توهان کي سڃاڻان ٿو.“ ”ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ ”بابلا! جيڪو ماڻهو پکين کي داڻو ڏيندو آهي سو بي ايمان نه ٿو ٿي سگهي.“ *** لارڊ ڪرزن هندوستان جو وائسراءِ هجي. هن کي پراڻن آثارن سان لڳاءُ هوندو هو ۽ هندوستان ۾ ميوزم ۾ به ٺهرايا هيائين. هڪ ڀيري ان ڳڻ ڳوت ۾ هڪ ڳوٺ اُسهيو. ڳوٺ ٻاهران خيما کوڙجي ويا. عملو به ساڻ هجيس. وائسراءِ وڏي دٻ دٻي وارو عهدو هو. هڪ انگريز ٻيو وائسراءِ، ڇا ٿا سمجهو؟ لارڊ ڪرزن رات جو سمهيو. اڌ رات مهل کيس ڇاتيءَ تي بارُ محسوس ٿيو. اک پٽي، جان کڻي ڏسي ته هڪ ٽيهه سيرکن جو ڪوبرا نانگ ويٺو آهي. نانگ جو منهن هن جي منهن ڏانهن، سو هن جو ساھ ئي سُڪي ويو. اوچتو خيمي جو پردو سُريو، هڪ ماڻهو اندر آيو ۽ ٻئي پير واپس موٽي ويو. هو موٽيو ته هن جي هٿن ۾ هڪ وڏو ٿانءُ هو. ان ۾ هو گرم کير کنيو آيو هو. هن دل جهلي، ٿانءُ اڳيان اچي رکيو. نانگ کير جي خوشبو تي ٿانوَ ڏانهن وڌيو ۽ ٿانوَ ۾ گهڙي جيئن ئي کير پيئڻ لڳو ته همراھ هڪ دم ٿانوَ مٿان ڍڪڻ ڏئي ڇڏيو. ٻاهر ماڻهن کي سُڌ پئي ته ڊڪندا آيا. ناچ پئجي ويو. لارڊ ڪرزن ته خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. لارڊ ڪرزن همراھ کي چيو: ” جانيئڙا! جيڪو گهرُڻو اٿئي سو گهرُ“. همراھ چيس: ” سائين! مون اوهان جي جان بچائي، مون لاءِ اهو ئي هڪ وڏو انعام آهي.“ ماڻهن هن ڏانهن ڏٺو ۽ سوچيو ته ٻيلي! هي ته اسان جي عملي مئون ئي ناهي، نه ئي هن ڳوٺ جو ٿو لڳي.هي ته ٻاهريون ماڻهو آهي سو هن کان پڇيائون ته : ”ابا!ٰ تون آهين ڪير؟“ ان تي وراڻيائين: ” مان بنديڙ کنڊ جو هڪ نالي وارو، چالاڪُ چورُ آهيان. ٻڌم ته وائيسراءِ هتي اچي ٽڪيل آهي، سوچيم وائيسراءِ معنيٰ بادشاھ ۽ هن جي ڪئمپ مان وڏو مال هٿ چڙهندو، سو چوريءَ جي نيت سان آيم، هتي آيم ته نظارو ئي اور هو. ماڻهپي جو ماڻ اهو هو ته مان پنهنجو ڌنڌو حالي پاسي تي ڪري پهريون ڪنهن جو ساھ بچايان.“ *** ڪنهن ملڪ ۾ ٻارن وچ ۾ مقابلو ڪرايو ويو ته اهي محبت کي ڪيئن ٿا سمجهن؟ مختلف ٻارن جا پنهنجا پنهنجا ڏاڍا سٺا جواب آيا. جج صاحب هڪ چئن ورهين جي ٻار کي محبت ڇا آهي؟ جي ان جواب تي پهريون انعام ڏنو. ٻار جي هڪ پاڙيسريءَ جي زال مري وئي. هو ڪراڙو هو. ٻار هن کي روئندو ڏٺو ته ڀت ٽپي ان جي گهر ويو ۽ وڃي هن جي ڀڪ ۾ صوفي تي ويهي رهيو. ٻار موٽيو. ماڻهس پڇيس: ” پٽ! تون روئيندڙ ڪاڪي کي وڃي ڇا چيو؟ ” ٻارُ وراڻيو: ”ڪجهه به نه. مون ته بس هن جي روئڻ ۾ مدد پئي ڪئي.“ *** دنيا جي وڏي ليکڪ دوستو وسڪي لاءِ ڦاسيءَ جو آرڊر هو. صبح جو هن سان گڏ ٻن ٽن ڄڻن ٻين کي ڦاهي ڏيڻ جا پورا سانباها ٿيل هيا ته اوچتو مٽيءَ جي ڌڌڙ مئون هڪ گهوڙي سوار ظاهر ٿيو. جنهن هٿ ۾ هڪ پنو هو ۽ هو پريان لوڏائي ڏيکاري رهيو هو. ڦاسي ڏيندڙ رُڪجي ويا. گهوڙي سوار آيو جيڪو سرڪاري نوڪر هو. هن جي هٿن ۾ ڦاسي رد ڪرڻ جو آرڊر هو ۽ اهي سڀ ڦاهيءَ کان بچي ويا. ڪوئيٽا جي ڪورٽ هڪ ڏوهاريءَ جي موت جي سزا روڪڻ جو آرڊر ڪڍيو. آرڊر جيل وارن وٽ ان مهل پهتو جڏهن اُهي ڦاهي ڏئي چڪا هيا. *** مان هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ چانهن وڪڻندي هيم. هڪ جوانڙو هر ڏهاڙي چانهن وٺڻ ايندو هو ۽ مون سان ڳالهائيندو هو. مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هو چانهن جو دٻو وٺڻ ايندو آهي يا مون سان ڳالهائڻ؟ اوچتو هن اچڻ ڇڏي ڏنو، وري نه آيو. هو منهنجو پهريون پيارُ هو ۽ ان کان پوءِ مون چانهن وڪڻڻ ڇڏي ڏني (ڪورين ناولسٽ يانگ حا ڪُم جي ناول تان) *** مان توهان سان ايئن محبت ڪندو آهيان جيئن ڪو ڏيئو رات سان محبت ڪندو آهي. (ايراني شعر احمد رضا احمدي جي نظم جي سٽ) *** اسان جا پراڻا بادشاھ اسان جي هاڻوڪن بادشاهن کان گهٽ ته ڪو نه هيا. پر ٻه هٿ اڃا اڳتي هيا. محمد شاھ رنگيلو جڏهن پنهنجي خواب گاھ ۾ ويندو هو جيڪا مٿي ٺهيل هئي. هڪ ڏاڪڻ هئي جيڪا رڳو خالي ڏاڪن جي ٺهيل هئي ۽ پاسن کان ڪائي ريلنگ ٺهيل نه هئي. هو جڏهن مٿي ويندو هو ته ٻنهي پاسن کان اگهاڙيون زائفون بيٺل هونديون هيون ۽ سائين رنگيلو انهن جي اُرهن ۾ هٿ وجهي، ڏاڪڻ جا ڏاڪا چڙهندو هو. *** انڊونيشيا ۾ جڏهن سوهارتو صدر هو ته هن جي پنجيتاليهن ورهين جي ڌيءَ رڪمانا کي سوشل ويلفيئر جو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رڪمانا پنهنجي پيءُ سوهارتو ڏانهن خط لکيو. لکيائينس: ” بابا سائين! جيئو سدائين. اوهان جي صدر هوندي مان وزير ٿيان اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.“ *** هر ماڻهو پنهنجي سوچ جو مالڪ هوندو آهي. ان حوالي سان نامياري اردو ليکڪ اشفاق احمد هڪ ڳالهه ٻڌائي. منهنجو هڪ سنگتي وڏو آفيسر هو. گهر ۾ هر چيز هيس. ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه هيس پوءِ به سدائين روئيندو هو. چوندو هو بس! اشفاق صاحب! ڇا ڪيون! اڄ ڪلهه جي دور ۾ جيئڻ جنجال ٿي ويوآهي. وڏا مسئلا آهن. مان پڇانس ڪهڙا مسئلا اٿوَ؟ ته وراڻيندو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائڻ شروع ڪيان ته ڳڻڻ ۾ ئي وقت لڳي ويندو پر اڄ تائين نه ٻڌائي سگهيو آهي مسئلا ڪهڙا اٿس؟ ان جي اُبتڙ هڪ ٻيو دلبر سنگتي هوندوهو. اهو مهانگيون ۽خوبصورت گاڏيون ڳوليندو رهندو هو. هن کي ڪابه مهانگي گاڏي بيٺل نظر ايندي ته ان جي ڀرسان وڃي بيهندو. هيڏي هوڏي نهاري گاڏيءَ مٿان محبت سان هٿ ڦيرائي، چوندو: ” ڪيڏي نه سٺي ڪار آهي. ان ۾ ويهڻ وارو ڪيڏو نه سهڻو هوندو.“ *** ”ايمان ڇا آهي؟“ ”ايمان ڌڻي سڳوري جي چئي تي عمل ڪرڻ ۽ ان بابت ڪو به سوال نه پڇڻ ايمان آهي.“ *** مهان شاعر شيخ اياز ۽ سندس دل گهريو دوست ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي جڏهن پهريون ڀيرو هندوستان ويا ۽ ليکڪ هري موٽواڻي وٽ ٽڪيا ته هو هڪ ڏينهن کين فلم جي شوٽنگ ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو. اردو شاعر جان نثار اختر ”بهو بيگم“ جي نالي سان فلم ٺاهي رهيو هو. ان فلم جي هيروئن ميناڪماري هئي. مينا ڪماريءَ جي سونهن ڏسي اياز صاحب دنگ رهجي ويو. هو ميناڪماريءَ کي چمي به نه پئي ڏئي سگهيو.ان ڪري ڀٽائيءَ صاحب جو پنهنجو ترجمو ڪيل ڪتاب ميناڪماريءَ کي ڏنائين. *** سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽي ڄڻا ذهين ترين ايڊيٽر هيا. مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ محترم طارق اشرف. هنن وٽ ايڊيٽنگ جو اهڙو جوهر هو جو ڪنهن جوهريءَ وانگر موتي الڳ ڪندا هيا ۽ پٿريون الڳ ڪندا هيا. هاڻوڪا رسالن جا ايڊيٽر نه پر ا”ئڊورٽائيزر“ آهن. ايڊورٽائيزمينٽ ملي ته رسالو ڇپبو ۽ مواد ردي سدي جيڪو هوندو، پڙهندائي نه، رسالي جي صفحن جو پيٽ ڀريندا. سڄي صفحي تي، اڌ صفحي تي شاعر جو ڪارٽون جهڙو فوٽو، اڌ صفحي تي غزل، جنهن جا ٻه ٽي بند جوش مليح آباديءَ جي نظم مان ورتل هوندا. طارق اشرف صاحب به هندوستان ڀيرو ڀڃندو هو. هن اُتان پنهنجي ذات واري مائي صغران سان وهانءُ ڪيو. ڄڃ ۾ هري موٽواڻي ۽ موهن ڪلپنا کانسواءِ ٻيا ليکڪ ۾ ڄاڃي هيا. گهوٽ ڪنوار حيدرآباد، سنڌ آيا. روان دوان زندگيءَ ۾ خلل پيدا ٿيو ته ٻنهي وچ ۾هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو آيو. جنهن کين ڌار ڪيو. صغران کي طارق اشرف صاحب هندوستان واپس اماڻي ڇڏيو. اهو ڪاغذ جو ٽڪرو ”طلاق نامو“ هو. ٻنهي زال مڙس کي مٺو ميوو نه ٿيو هو. کين ڪا اولاد نه ٿي هئي سو هنن هڪ ڇوڪرو وٺي پاليو هو. سو دانيال هو. دانيال شاھ به طارق اشرف صاحب سان جيڪو وقت گذاريو سو ڏاڍو سٺو گذاريو ۽ ڪڏهن به پاڻ کي ماٽيلو نه سمجهيائون. *** سنڌي ليکڪ هري موٽواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو هو. ورهاڱي ۾ هندوستان هليو ويو. 1960ع ۾ ”ڪونج“ رسالو ڪڍڻ شروع ڪيائين. جيڪو هن جي ديهانت تائين شايع ٿيندو رهيو. هن ” هو جمالو“ نالي سان سنڌي فلم پڻ ٺاهي. ٻه ٽي ڀيرا سنڌ ياترا به ڪيائين. هري موٽواڻيءَ جو عشق مڌوءَ سان هو، پر پلوَ ڪوشليا سان اٽڪيس ۽ ست ڦيرا ڏنائين. ست ڦيرا ته برابر هن سان ڏنائين پر من پڇاڙيءَ تائين مڌوءَ سان اٽڪيل رهيس. ڪوشليا هن جي دل جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جاءِ وٺي نه سگهي. بس گذري وئي جيئن رات ڪهڙي به هجي گذري ويندي آهي. هڪ ڏينهن زال مڙس ٽيلي ويزن تي هندوستاني فلم ڏسي رهيا هيا. جڏهن محبت جا منظر آيا ڪوشليا،هري موٽواڻيءَ ڏانهن حسرت ڀريل نگاهون کڻي نهارڻ لڳي. هري صاحب کي مسخري سُجهي، سو چوڻ لڳس : ” ڪوشليا! پيار ڪرڻ جي ڪا عمر ڪونه ٿيندي آهي. تون به ڀل هن عمر ۾ ڪنهن سان عشق ڪر. مون کي ڪو اعتراص نه ٿيندو.“ هوءَ ڪاوڙجي وئي. چوڻ لڳس: ” اهي ڪم توهان ليکڪن جا هوندا آهن. هت هُت پيا واجهه وجهندا آهيو. مان ته چوان ٿي ڪنهن اديب سان شادي ڪجي ئي نه.“ هري موٽواڻي کلندي چيس : ” مان شاديءَ کان اڳ ليکڪ ڪاٿي هيس. توسان پرڻايو ويو ته پوءِ ئي ليکڪ بڻيس.“ ”منهنجو نصيب کوٽو هو جو توسان پلئهُ اٽڪيو.“ هري صاحب کلندي چيس: ” توسان پلؤ اٽڪيو. تڏهن ئي ته مڌوءَ جو پلؤ ڇڏائجي ويو.“ *** ليکڪ ۽ شاعر پنهنجي من جا بادشاھ هوندا آهن. پنهنجي Fantasy Land ۾ رهندا آهن، جيڪا هنن جي لاءِ ڇٽيءَ وانگر هوندي آهي ۽ زندگيءَ جي اُس کان بچاءُ هوندو اٿن. جرمن ليکڪ ”حرمن هيس“ سٺو ليکڪ هو. هن جي جڳ مشهور ناول ”سڌارٿ“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڀلوڙ سنڌيڪا فضل احمد بچاڻيءَ ڏاڍو سيبتو ڪيو هو. هن جو ٻه ٽي ڪهاڻيون به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيون آهن. اردوءَ ۾ هن ناول جو ترجمو آصف فرخي صفا ردي ڪيو آهي. حرمن هيس ڪنهن ڏوھ ۾ جيل ويو. جيل مان هو جڏهن چاهيندو هو ڀڄي ويندو هو. ٻاهر ايندو هو. گهمندو ڦرندو هو. جيل جي ڀت تي هن هڪ ريل ٺاهي. ريل جي انجڻ مان دونهون نڪرندو هو. هو جڏهن دل گهرندي هيس، ريل ۾ چڙهي پوندو هو ۽ ٻاهر هليو ويندو هو. پنهنجي مرضيءَ سان، پنهنجي وڻندڙ ماڳن تي گهمندو هو. ڪيفي ۾ وڃي چانهن پيئندو هو. بار ۾ وڃي بيئر پيئندو هو. باغ ۾ وڃي عورتن سان ڪچهري ڪندو هو. جڏهن جيلر هن جي کوليءَ ٻاهران ايندو هو ته هي يارُ به گهمي ڦري موٽي ايندو هو. هر ماڻهو حرمن هيس وانگر پنهنجي خوابن جي ڇٽي کولي سگهي ٿو. *** ڪراچي ۾ سوات کان آيل هڪ نوجوان بوٽ پالش ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. هڪ همراھ هن کان بوٽ پالش ڪرائيندي پڇيو : ” يار! ٻڌ ته! تون جو هزارين ميل لتاڙي هتي اچي بوٽ پالش پيو ڪرين. اهو ذليل ڪم ته تون اُتي به ڪري پيو سگهين، هتي ڇو ڌڪا کائڻ آئين؟“ نوجوان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، صاحب جي بوٽن کي ڪپڙي سان رڳڙيندي، وراڻيائين: ” سائين! اسان جي پاسي ڪنهن جي پيرن ۾ بوٽ پاتل هجن ته پالش ڪيان ني!“