دوستن جي وچ ۾ جڏهن چانهه جي چڪي پيئڻ دوران مختلف موضوعن تي بحث مبا حثا ٿيندا آهن ته تڏهن اسان جهڙن حوالين کي ڏاڍو مزو ايندو آهي پوءِ اهي بحث مختلف موضوعن تي پيا ٿيندا رهندا آهن، ڪڏهن سنڌ جي سياست تي ته ڪڏهن ملڪ جي مسئلن تي ته وري ڪڏهن سنڌ جي ڀوتارن ، وڏيرن ، پيرن ۽ مرشدن تي بس ايها ويهڙ ويهڙاهند دوستن ۾ ٿيندي رهندي آهي پوءِ انهن مان ڪي دوست ناراض به ٿيندا آهن ته ڪي اسان جي ڳالهين مان متفق به ٿيندا آهن ، انهن سڀن موضوعن مان جڏهن هن دور جي پيرن ۽ مرشدن تي بحث ڇڙندو آهي ته پوءِ ڪجهه دوست ڏاڍا ناراض ٿيندا آهن ،جن مان اڪثر ايئن به چئي ڏيندا آهن ته توکي جنت ۾ وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪنهن جو سهارو نه کپي جو تون مرشد جي لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائين ٿو ، ايهي ڳالهيون اهي ئي دوست ڪندا آهن جيڪي سٺا پڙهيل لکيل هوندا آهن ، سٺن مان مراد اهي جن جي ڊگري ماسٽر ليول تائين هوندي آهي ، هان مان سمجهان ٿو ته ايهوپيري مريدي وارو بحث هڪ ڪنهن جي عقيدي کي ڇيڙڻ جو ئي بحث آهي ۽ ڪنهن جي دل آزاري جي ئي ڳالهه آهي پر دوست الائي ڇو نه ايهو سمجهندا آهن ته مان جنهن مرشد جي ڳالهه ٿو ڪيان ايها ان مرشد يا ولي جي نه آهي جيڪو پنهنجي دور جو هڪ ولي ۽ صوفي ٿي گذريو هجي نه انهن مرشدن ، ولين ۽ اوليان جي جنهن ان پنهنجي دور ۾ پنهنجي ڌڻي جي عشق ۾ پنهنجو پاڻ پتوڙيو۽ گهر گهاٽ ، مال ملڪيت چڏي ڪري ڪنهن جهنگل ۽ بيا بان ۾ نڪري ويا ۽ پنهنجي رب کي راضي ڪيائون جن جو عشق پنهنجي رب سان جڙيو رهيو جن جي محبت جا جذبا انسان ذات جي لاءِ ئي رهيا ، جن جون گاديون اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن جن جي درگاهن تي اڄ به محبت جا ميلا متل هوندا آهن انهن جي شاعري يا انهن جي ذاتي زندگي جي تاريخ پڙهڻ سان ڌڻي تعالي ۽ انسان ذات سان محبت ڪرڻ جو سبق ملندو آهي، جيڪي هن سنڌ جا گلڪند رهيا آهن جيئن مخدوم بلاول، شهيد شاهه عنايت، سچل،روحل، رکيل، چيزل ۽ ٻڍل جهڙيون ڪئي شخصيتون رهيون آهن، انهن صوفين ولين جي لاءِ ڪنهن جي به زبان نه ورندي ته ڪو اهڙن شخصيتن کي غلط چوي ، مان انهن پيرن ، مرشدن کي ئي غلط چوندس جيڪي هن وقت انهن صوفين ۽ ولين جي گادين جا مالڪ بڻيل آهن جيڪي هن معاشري ۾ وهي ڪري نوسرباز، فراڊ، رشوت خور ۽ ضمير فروش وري سفيد پوش بڻجي اسان کي هر وقت ڏنگي رهيا آهن. جيڪي پنهنجي درگاهن جي نالي سان عوامي حمايت وٺي ڪري پنهنجي سياسيت کي چمڪائن ٿا ، جن مريدن جي ڏن تي پنهنجا محل محلات ٺاهيا جن ڪمزور مظلوم سنڌين کان ووٽ وٺي ڪري ملڪ جي ايوانن ۾ اچي ڪري عوامي بجٽ مان عيش و عشرت واري زندگي گذارن ٿا، جيڪي اقتدار جي نشي ۾ پنهنجي مريدن ۽ پوئي لڳلن جي جان مال کي هڪ پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهن ٿا ، جن مرشدن کي پنهنجي اباءٌ اجداد کان جيڪو ورثو مليل هو اهو علم ۽ انسان ذات سان محبت ڪرڻ جو هيو پر انهن ان ورثي کي پنهنجي مال ملڪيت کي ميڙڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ، جنهن جي بد قسمتي ايها آهي جو اڄ جو مريد پنهنجي حقيقت کان ڀٽڪيل نظر ٿو اچي ، جنهن کي نه ڪوعلم آهي نه زندگي گذارڻ جو ڪو شعور ئي آهي ته هن معاشري ۾ ڪنهن سان اخلاق سان پيش اچڻ به هڪ سٺو عمل آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي اندر جهالت ۽ غربت جو وڌڻ جو ڪارڻ ۽ ان جو گهڻي وڌڻ جو اثر به اهڙن موجوداڻپڙهيل مرشدن جو ئي آهي ۽ افسو س جي ڳالهه ايها به آهي جو انهن مرشدن اڄ تائين پنهنجي ديانتداراڻي ۽ مخلصاڻي انداز سان پنهنجي مريدن جا حقيقي مسئلا حل ئي نه ڪيا آهن ، جيڪي مريد اڄ به انهن جي پٺيان پنهنجي انڌي عقيدي سان نعرا هڻي رهيا آهن ، جن جي تن تي ڪپڙا نه آهن جيڪي پيرين پيادي اڄ به ان مرشد جي درٻار جا درٻاري آهن ، جيڪي اڄ به پنهنجي خواهشين کي پورو ڪرڻ جون آس رکيون ويٺا آهن ته اسان جو مرشد اسلام آباد يا ڪراچي کان ايندو ۽ منهنجون سڀ اميدون پوريون ڪندو، بس مريد ان ئي سوچن ۾ گم هوندو آهي ته صرف هڪ دفعو مرشد جي پيرن تي جهڪڻ جو موقعو ملي ۽ منهنجي زندگي سولي ٿي وڃي ، پر بدقسميتي سان ان مريد کي اهو موقعو صرف اليڪشن جي دوران ئي ملي ويندو آهي ، جڏهن سائين ان جي در پاڻ لنگهي ايندو آهي ته ابا ووٽ مون کي ڏجان ، پوءِ اهو مريد ڏاڍو خوش ٿيندو آهي ته بس منهنجون هاڻي سڀ تمنائون پوريون ئي ٿي وينديون ، جو سائين جو ديدار ٿيو . جڏهن مرشد اليڪشن کٽي ويندو پوءِ ته وري مريد جون پنج ئي آڱريون گهي ۾ هاڻي ته مريد ايهو پئي سوچيندو ته سائين کي ووٽ به ڏنو سائين کٽي به ويو هاڻي ته لازمي سائين جي طرفان ڪو مال ملڪيت ملندو جنهن مان ٻچڙن جو گذارو به ٿيندو ، پر هن کي ڪهڙي خبر ته منهنجو مرشد جيڪڏهن آيو به ته اڳيان پٺيان گاڏين ۽ گارڊن جو رونگٽ هوندو جنهن کي جهڪي ملڻ ته پري جو ٿيو پر سائين جو ديدار به ڏاڍو مهانگو پوندو، اهڙن ساڌن عقيدتمندن جون اميدون ايئين ئي اڻپوري رهنديون ٿي اچن، انهن جو عقيدو ايترو ته انڌو آهي جو پنهنجي زندگي جي ذاتي مسئلن کان وٺي آخرت ۽ جنت جي دروازي تائين ، ان مرشد جي ساٿ ۽ رهنمائي جا طلبگار ئي رهندا آهن . هن ايڪويهين صديءَ ۾ اسان جي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن جي دماغ ۽ اکين تي جهالت جي اونڌاهي جا پڙدا چڙهيل آهن جو ٿورو به مرشد جي لاءِ گهٽ وڌ چو ته بس انهن جي قيامت ئي ڪاري ٿئي ٿي وڃي ، پر جڏهن هن دور جي مرشدن کي مان اقتدار جي وادين ۾ چنڊ وانگر چمڪندو ڏسان ٿو ۽ ان جي مريدن کي پيرن اگهاڙن ۽ پيٽ بکي ، مرشدن جا اٺ چاريندي ، مان پوءِ به ان ان مرشد جي خوشامند ۽ تعريف ڪيان ته ان مرشد جا عقيدتمند منهنجا دوست مون کا خوش رهن ته دوستو ايهو مان ڪڏهن به گند کي گلڪند ڪون چوندم .
ماڻهن کي انڌو يقين آهي، هو ان حوالي سان ڪجھ به برداشت ڪرڻ لا تيار نه آهن، پر هاڻي حقيقت کي حقيقت ڪري مڃڻ گهرجي ، اکين تان جهالت جا پردا لاهڻ گهرجن. . . .