ٻي جنگ عظيم جي خاتمي وقت جرمن فوجن کي جڏهن فرانس خالي ڪرڻ جو حڪم مليو ته جرمن ڪمانڊر پنهنجي ماتحت آفيسرن کي هڪ هنڌ جمع ڪري خطاب ڪيو ۽ چيو ته منهنجا نوجوانو! پاڻ جنگ هارائي چڪا آهيون ۽ پاڻ کي فرانس خالي ڪرڻو آهي، قبضو ڇڏڻو آهي ۽ اهو هڪ ڪڙو سچ آهي ته پنهنجي هٿن مان فرانس جي واڳ ڇڏائجي وئي آهي ۽ اهو به سچ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته پنجاهه سالن تائين فرانس وارا پاڻ کي فرانس اچڻ به نه ڏين، هاڻ منهنجو حڪم اٿئو ته پئرس جي عجائب گهرن مان جيڪي نوادرات ۽ قيمتي شيون آهن، اهي گڏ ڪري هڪ ٽرين ۾ کڻي هلو ڇو جو جڏهن فرانسيسي پنهنجي ملڪ جي واڳ سنڀاليندا ته انهن کي پئرس اجڙيل ۽ کنڊر بڻيل ملندو جنهن ۾ سواءِ رک جي، دونهاٽيل گهٽين جي ۽ تباهه حال بلڊنگن جي ڪجهه نه هجي. هاڻ جنرل جو حڪم هو سو سڄي سپاهه کي حڪم جي پوئواري ڪرڻي هئي، تنهنڪري ماتحت آفيسر حمله آور ٿيا عجائب گهرن تي، اربين ڊالرن جا نوادرات ۽ قيمتي شيون عجائب گهرن مان چونڊي کڻي آيا، انهن ۾ تصوير هئي مونا ليزا جي، وينگاف جون هيون رنگين سينريون، وينس ڊي ملوڪا جو مجسمو ۽ ائين سڀئي شهره آفاق شيون چونڊي کڻي آيا ۽ جڏهن مڙئي عجائب گهر خالي ٿيا ته جنرل سڀئي قيمتي شيون هڪڙي ٽرين ۾ ڀري ڊرائيور کي حڪم ڪيو ته ڪوچ ڪر جرمني ڏي. ٽرين فرانس مان رواني ٿي اڃا 10 ڪلوميٽر مس هلي ته انجڻ ۾ خرابي ٿي پئي، انجنيئرن جي ٽيم آئي ۽ اچي ٽرين جي نقص کي دور ڪيائين وري ٽرين اڃا 5 ڪلوميٽر مس هلي ته سندس ويل جام ٿي ويا ۽ ائين هڪ دفعو وري انجنيئر آيا تن اچي ٽرين جا ويل درست ڪيا ۽ ٽرين وري رواني ٿي منزل ڏانهن. اڃا ڪجهه ڪلوميٽر مس هلي ته ان جو بوائلر ڦاٽي پيو، وري انجنيئر آيا ۽ بوائلر کي ٺاهي ٽرين کي اڳتي روانو ڪيو ويو پر هڪ دفعو وري ٽرين جي مقدر ۾ هئي خرابي سو خراب ٿي پئي، ڇو جو هاڻي پريشر ٺاهڻ وارا پسٽن جواب ڏئي بيٺا هئا. انجنيئر آيا ۽ هڪ دفعو وري پسٽن کي بدلي ڪري انجڻ چالو ڪري اڳتي منزل طرف روانو ڪري ويا پر ٽرين هئي سا وري ڪجهه ڪلوميٽر هلي نيٺ خراب ٿي پئي، الغرض ته 3 يا 4 ڪلوميٽرن کانپوءِ وئي ٿي خراب ٿيندي ۽ ماهر هئا ان کي ٺاهڻ ۾ پورا. ائين هڪ ڏينهن جرمني جي اقتدار جي خاتمي جو ڏينهن اچي ويو ۽ يورپ جي اقتدار تان جرمني جي هٿ ڌوئڻ واري تاريخ اچي وئي. نازي فوجون واپس هليون ويون ۽ فرانس تي ٻيهر قبضو ٿي ويو فرانسيسي فوج جو ۽ فرانس جا اصل مالڪ فرانسيسي منتظم بڻيا. ٽرين جرمني جي حد کان پهرين خراب ٿيندي رهي ۽ ائين هڪ ڏينهن ٽرين جي ڊرائيور کي پيغام وصول ٿيو ته موسيو! اوهان جي وڏي مهرباني، فرانس آزاد ٿي ويو، هاڻ اوهان ٽرين کي واپس فرانس آڻيو. ٽرين هاڻ بون نه ويندي، ڊرائيور خوشي مان وڪٽري جو نشان ٺاهيو ۽ واپس فرانس لاءِ سفر جي تياري ڪري فرانس طرف هليو. جڏهن اها ٽرين ڇڪا ڇڪ جو آواز ڪڍندي سيٽيون وڄائيندي فرانس واپس آئي ته پئرس جي اسٽيشن تي ٽرين جي استقبال لاءِ ملڪ جا رهنما ۽ عوام گڏ ٿيل هو. انهن ٽرين ڊرائيور مٿان گل پاشي ڪئي ۽ کيس گلن جا هار پارايا. ٻئي طرف ڊرائيور ته هو ڏاڍو ٿڪل پر جڏهن هن کي مائڪرو فون ڏنو ويو ته هن هڪ وڏو ساهه کڻي آيل مڙني سامعين کي مخاطب ٿيندي چيو ته جرمن گڏهن نوادرات سان ته کڻي ٽرين ڀري هئي پر هو اهو ڀلجي ويا هئا ته ڊرائيور ته فرانسيسي آهي ۽ جي ڊرائيور نه چاهي ته گاڏي ڪڏهن به منزلِ مقصود تي نه پهچندي آهي. سالن کانپوءِ هالي ووڊ وارن ان ڊرائيور تي هڪ فلم “دي ٽرين” جي ٽائيٽل سان ٺاهي هئي، جيڪا دنيا ۾ مقبول ترين فلمن جي لسٽ ۾ شامل آهي. هاڻ اسان واري مملڪت جي ڪاروهنوار کي جاچجي ته اهو به دي ٽرين وانگر لڳو پيو آهي. اسان وٽ گاڏي اڃا مس ٿي هلي ته ڪڏهن بوائلر ڦاٽو پيو آهي ته ڪڏهن ويل جام آهي ته ڪڏهن پسٽن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيو بيٺو آهي. وري جيڪو اسان وٽ ڊرائيور اچي ٿو ته سو به ٽرين کي منزل تي پهچائڻ لاءِ سنجيده نه آهي. انڪري اسان جي مملڪت هر وقت بحران جو شڪار آهي. ڪڏهن طالبان اکين جا تارا هئا ته ڪڏهن ڳولي ڳولي پيا ماريون. ڪڏهن چئون ٿا ته ڪشمير اڻ ٽٽ انگ آهي ته ڪڏهن چئون ٿا ته ڪشميرين جي سندن مرضي! ڪڏهن چئون ٿا ته راضپي کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو ته ڪڏهن چئون ٿا ته ڇا به ٿي پوي پر ڊيم ضرور ٺاهينداسين. هتي ڪو به ڊرائيور نه ٿو چاهي ته هيءَ گاڏي منزل تي پهچي. ڪڏهن ته وري گارڊ ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاريو گاڏي بيهاريو ڇڏي ۽ پوءِ اسان وارا منصوبا سرخ ڦيٿي جي چڪر ۾ مڪمل ٿيڻ کان اڳ رهجيو وڃن. هاڻ نه ڊرائيور ٿو گاڏي هلائڻ جي ڪري نه وري گاڏي جا پرزا صحيح ڪم ٿا ڪن! رهيو باقي ماحول ته اهو به سازگار نه آهي. نه عوام سچو آهي، نه رهنما سچا، نه حڪومت سچي، نه بيورو ڪريسي سچي ته پوءِ اها اسان واري ٽرين ڪيئن هلندي؟ فرانسيسي ڊرائيور جي چوڻي سچ هئي ته ڊرائيور نه چاهي ته گاڏي ڪڏهن به منزل مقصود تي نه ٿي پهچي سگهي ۽ هاڻ اسان وارا اڳواڻ، رهبر، رهنما، واڳ ڌڻي جن جي هٿ ۾ هن ملڪ جي ٽرين جي ڊرائيوري آهي، سي جيڪڏهن سچا نه ٿيندا ته هي ملڪ به هر وقت ڪنهن نه ڪنهن خرابي جو شڪار ٿيندو رهندو ۽ پوءِ کيس ڳنڍ ٽوپ ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڪجهه وقت هلڻ کانپوءِ وري بيهي رهندو پر جي رهبر ۽ رهنما هن ملڪ جي گاڏي کي هلائڻ لاءِ سچا ٿي پون ته منزل ٻن قدمن تي، نه ته منزل سوين ڪوهه ڏور....!