آدرش *** هڪ درويش جهنگ مان لانگهائو ٿي رهيو هو. هڪ هنڌ هڪ زهريلو نانگ ڦڻ ڪڍي ويٺو هو. درويش جو انهن جهنگ جي جانورن ۽ بلائن سان پالو پوندو رهيو آهي سو درويش نانگ اڳيان اچي بيٺو ته نانگ ڦوڪان ڏيڻ لڳو. درويش چيس: ” يار! هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، جڏهن ڪو جوڳي، جنهن ٻر ۾ تون رهندو آهين، ان اڳيان اچي مرلي وڄائيندو آهين ته تون نڪري ايندو آن ۽ جوڳي توکي پڪڙيندو آهي.“ نانگ وراڻيس: ” درويش سڳورا! جيڪڏهن ڪو تنهنجي درَ وٽ اچي، توکي سڏي ته اها شرافت ۽ مروت ناهي جو تون ٻاهر نه نڪرين ۽ کانئس حوال نه وٺين. مان به ان ڪري ٻاهر نڪري ايندو آهيان ته هو مون کي سڏيندو آهي ۽ اهو شريفن جو ڪم ناهي ته ڪو سڏ ڏين ته اهي اندر لڪيا ويٺا رهن.“ *** حضرت ابراهيم عليه السّلام جو اهو نيَمُ هوندو هو ته رات جو ماني تيستائين نه کائيندو هو جيستائين ڪنهن مسافر يا ڪنهن مهمان کي گڏ نه ويهاري. هڪ ڏينهن هو هڪ ستر سالن جي ڪراڙي کي وٺي آيو، هن کي ڪا کڙڪ پئجي وئي ته همراھ دين کان ئي ٻاهر آهي. سو هن کي بنا ماني کارائڻ جي ڪو بهانو ڪري روانو ڪري ڇڏيائين. ان تي غيب مان ڌڻي سڳوري جو آواز آيو : ” او ابراهيم! اهو ستر سالن جو ڪراڙو هو. بي دين ۽ ڪافر هئڻ جي باوجود مان کيس ستر سالن کان رزق ڏئي رهيو آهيان ۽ تون هن کي هڪ ويلو نه کارائي سگهين!“ *** اسان جي ملڪ جا حڪمران وڏي ٺاٺ ٺانگر سان رهندا آهن ۽ ايڏو شان شوڪت رکندا آهن جو جنرل ضياءَ الحق ڌڻي سڳوري ڏانهن ويو ته هوائي جهاز ۾ ويو. *** ڪيناڊا جي وزيراعظم جي وني مارگريٽ ٽروڊو وڏي گڻ واري مائي هئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي سچائي ۽ سادگيءَ سان لکي آهي. ڪي ڳالهيون پيش آهن: بيگم نصرت ڀٽو ڊگهي قد سان ماٺيڻي ۽ اداس نيڻ جي مالڪياڻي لڳي پر هن جو مڙس ذوالفقار علي، مون کي هڪ ” مغرور، ٻين کي ڌڪار سان ڏسڻ وارو ۽ حاڪماڻو انداز رکندڙ لڳو.“ روسي وزيراعظم ڪوسيگن سٺو ماڻهو لڳو. هن جي اکين ۾ نرمي هئي. هو لحاظي ماڻهو هو. برزنيف وري ان جي اُبتڙ، نيري شرٽ ۽ ٽاءِ ۾ انشورنس ايجنٽ جو ڏيک پئي ڏنو. هو ڪنهن رڇ وانگر هو. صفا تنبو پئي لڳو. فيڊل ڪاسترو مون کي چوڻ لڳو : منهنجون اکيون ڪمزور ٿي ويون آهن سو ان ڪري مان روزانو صبح جو سوير سج سان اکيون ملائيندو آهيان جيئن ڪمزوري دور ٿي وڃي. سج سان اکيون ملائڻ ڏکيو ڪم آهي. سچ ٻڌايانءِ! مون لاءِ ان کان وڌيڪ ڏکيو ڪم تنهنجين نيرين اکين ۾ ليئو پائڻ آهي.“ *** اردو ليکڪ اشفاق احمد کان سندس پوٽي پڇيو :” ابا وڏا! وڻ به اسان وانگر روئندا هوندا؟ جنهن جي اسان کي خبر نه پوندي آهي.“ اشفاق احمد وراڻيس : ” نه پٽ! وڻ نه پريشان رهندا آهن نه ئي روئندا آهن. اهي خوش هوندا آهن هوا ۾ جهومندا آهن.“ پوٽي پڇيس ”توهان کي ڪيئن خبر پئي ته اُهي خوش رهندا آهن؟“ اشفاق احمد چيس : ” منَ! اُهي خوش ائين آهن جو اسان کي باقائدگيءَ سان ميوو ڏين ٿا. جي ڪو ناراض هجي ته اُهو ميوو نه ڏيندو.“ *** ماسٽر پيٽر فرانس جو هڪ جيد عالم هو. هو 1079ع ۾ ڄائو. وڏو ڄاڻو ماڻهو هو. نوٽري ڊيم گرجا جي پادريءَ ”جي حلاوزي“ نالي هڪ ڀائيٽي هئي. هوءَ سترهن ورهين جي هئي ته ماسٽر پيٽر سان ملي. پيٽر پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ته ” مان جڏهن هن سان مليم ته هن مٿان هوَس جي نظر وجهي، بد ارادا ڪري ڇڏيم.“ پادريءَ هن کي پنهنجي ڀائيٽيءَ کي پڙهائڻ لاءِ چيو ته پيٽر ڏاڍو سرهو ٿيو. ڊائريءَ ۾ لکيائين: ”مان هن جي سادگيءَ تي حيران ٿي ويم، ڇوته، جيڪڏهن هو ڪنهن رڍ کي ان جي تاڙ ۾ ويٺل بگهڙ جي حوالي ڪري ها ته مون کي ايڏو عجب نه لڳي ها.“ پيٽر هن کي ٽيوشن پڙهائيندي اهڙو ته هن کي محبت ۾ سوگهو ڪيائين جو ڪتاب جا ورق اُٿلائڻ بدران، هن جي اُرهن تي هٿ گهمائيندو رهيو. اها سُڌ پادريءَ کي پئي ته کيس تڙي ڪڍي ڇڏيائين. ٽيوشن جي درس واري محبت مئون حلاوزي هڪ سهڻي ٻارَ کي ڄڻي وتو. وهانءُ به ٿين. پوءِ حلاوزي راهبا بڻجي وئي. حلاوزي جي پادري چاچي پيٽر کان انتقام ائين ورتو جو هن جو مرداڻو عضوو ڪٽائي ڇڏيو ۽ اهو وڏو عالم نيٺ 1143ع ۾ اڪيلائيءَ جي عالم ۾ فوت ٿي ويو. *** هڪ ڇوڪري اکين سَڄي هئي، هن سان پيار ڪندڙ جوانڙو سدائين هن سان ساڻ هوندو هو. هوءَ انڌي هئڻ ڪري پنهنجي اندر ۾ هر شيءَ کان نفرت ڪندي ۽ پاليندي هئي. جوان کيس چيو ته جيڪر پاڻ ۾ وهانءُ ڪيون ته ڀلو ٿي پوندو. ڇوڪريءَ چيس : مان توسان وهانءُ تڏهن ڪندم جڏهن مونکي نور ملندو ۽ هي دنيا ڏسي سگهندم.“ ان همراھ ڇوڪريءَ کي قرباني ڏئي، کيس پنهنجون اکيون ڏنيون آپريشن ڪامياب ٿي. ڇوڪري سڀ ڪجهه ڏسڻ لڳي. جڏهن پنهنجي پريميءَ کي ڏٺائين ته شادي کان نهڪر ڪيائين ۽ چيائين ” مان هڪ انڌي سان شادي نه ڪندم. ڇوڪرو چپ چاپ، صبر ڪري هليو ويو. ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ ڇوڪريءَ کي هڪ خط مليو، جنهن ۾ هڪ دل ۾ خنجر هڻندڙ سٽ لکيل هئي :” مٺي! منهنجي اکين جو خيال رکجانءِ.“ *** ناميارو اُردو ادب، عربيءَ جو ڄاڻو ۽ سٺو عالم محمد ڪاظم واپڊا ۾ انجنيئر هو. هن کي ٽريننگ لاءِ جرمنيءَ موڪليو ويو. اُتي هن جو روم پارٽنر هڪ جرمن هو. هڪ آچر تي ان ساٿيءَ کيس چيو ته ”مان گرجا وڃي رهيو آهيان. اڄ عبادت جو ڏينهن آهي. توهان نه هلندئو؟“ ”مان ؟“ مون عجب مان کانئس پڇيو ” پر مان ته مسلمان آهيان.“ ”ته پوءِ ڇاهي؟“ هن چيو ” ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته توهان ڪير آهيو. توهان پنهنجي طريقي سان خدا کي ياد ڪجو.“ *** ماضيءَ ۾ ڪيڏا نه ايماندار ۽ شان وارا اُستاد هيا. پروفيسر ڪرار حسين جو ڪاغذن ۾ ڄمڻ جو سن 1911ع لکيل هو پر ڄائو 1910ع ۾ هو. ڪرار صاحب جي 1970ع ۾ عمر اڃا هڪ سال گهٽ هئي ۽ ڪاغـذ موجب رٽايرمينٽ ۾ اڃا سال رهي پيو هن درخواست ڏني ته ” مون کي رٽائرڊ ڪيو وڃي، مان هڪ سال حرام جو رزق کائڻ نه ٿو چاهيان.“ *** اوڻيهه سئو ٽيانوي عيسويءَ ۾ راولپنڊيءَ جي هڪ مسجد جي پيش امام کي پنهنجي زال تي ڪني چال جو شڪ ٿيو ته هن زال جي عورتاڻي عضوي ۾ بجليءَ جي تار وجهي، کيس وحـشي طريقي سان برباد ڪيو. انساني حقن جي اڳواڻن ۽ مايُن جي تنظيمن جي سخت دٻاءَ تي ان شيطان کي ٻڌو ويو. ڪورٽ سڳوريءَ ان ڏوھ ۾ پنجن سالن جي سزا ۽ پنج لک رپيا نڊ جي سزا ٻڌائي. ملڪ جي صدر رفيق احمد تارڙ ٻه هزار عيسويءَ ۾ مولويءَ کي معافي ڏني ته ڏنڊ هڪ مذهبي جماعت قريشي فائونڊيشن ادا ڪيو. تبليغي جامعت وارن هڪ جٿي ۾ مولويءَ کي تبليغ جي لاءِ يورپ موڪليو. ان ثواب جي ڪم ۾ جماعت اسلامي ۽ تبليغي جماعت هٿ ونڊايو جو صدر صاحب جماعت اسلامي جو هو. جنهن کيس معافي ڏني ۽ تبليغي جماعت ان وحشيءَ کي يورپ موڪلي، جنت ۾ جاءِ ٺاهي. *** بيگم عطيه فيضي، علامه اقبال سان ويجهڙائپ رکندي هئي. هوءَ ڪراڙي ٿي وئي ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ وارا کانئس انٽرويو لاءِ ويا. هن انٽرويو ڏيڻ لاءِ نهڪر ڪئي پوءِ پوءِ ميڙ منٿ ڪرڻ کانپوءِ راضي ٿي وئي. شرط اهو رکيائين ته هوءَ ڇڙو پنج منٽ ڳالهائيندي جيڪا منظور ڪئي وئي. هن کان علامه اقبال سان لاڳاپن بابت سوال ڪيو ويو. هوءَ بيمار هئي ۽ صفا ڪمزور هئي سو هن ڪمزور آواز ۾ عجب ۾ وجهندڙ جواب ڏنو ته ” “Oh! Don’t talk about that man, He was not a man, he was devil. He did not believe in God.” *** ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بٽڙا ۾ حُسنا نالي مڊل پاس ڇوڪري رهندي آهي. هن کي هٿ ڪو نه آهن هن هڪ جهوپريءَ ۾ پنهنجو اسڪول کوليو آهي. اسڪول ۾ پنجاھ کن ٻارڙا پڙهن ٿا. حسنا ٻنهي ٻانهن ۾ چاڪ جهلي بورڊ تي لکي، انهن کي پڙهائيندي آهي. ڪافي ڪونهي. علم مفت ۽ عام آهي رڳو ٻارن کي ڪتاب، پٽي ۽ سليٽ آڻڻا آهن. هڪ انٽرويوءَ ۾ حُسنا کان پڇيو ويو ته ڇا حڪومت ڪا مدد ڪندي اٿس؟ هن وراڻيو حڪومت ويچار رڳو پنهنجي مدد ڪري ته اهو ئي کوڙ آهي. *** ڪميونسٽ اديب ۽ اڳواڻ سجاد ظهير جي نياڻي نور سجاد پنهنجي والد صاحب جي حوالي سان يادگيرين جو هڪ ننڍڙو ۽ سٺو ڪتاب ” منهنجي حصي جي روشني“ لکيو آهي. ان ۾ هڪ واقعو لکيو اٿائين ته : هڪ ڏينهن بابا گهر آيو ۽ هڪ مولوي صاحب لاءِ چوڻ لڳو ته هن جو اُچار صحيح ناهي. ان تي اسان جي پڦيءَ بتال کاڌو ۽ چوڻ لڳس ” بني ميان! پوءِ تون ئي پڙهين هان قرآن پاڪ سورهن سالن جو هيئن ته ڪڙڪي سان ٻانگ ڏيندو هئين. پنج ٽئم نماز پڙهندو هئين. قرآن جو حافظ هئين. ولايت وڃين خبر ناهي ڇو اڇو منهن ٿي ويئه.“ اسان بابي جو اهو روپ ته ڏٺوئي ڪانه هو سو مون عجب مان پڇيو مانس ” بابا سائين! اوهان اهڙا هيئو؟“ بابو ڳنڀير ٿي ويو ۽ چپن ۾ سگريٽ پري ڪري چوڻ لڳو. ”yes I was a complete idiot” *** حبيب جالب به ارڏو انسان هو. ڪنهن اڳيان هن سيس نه نمايو. ضياءَ الحق جي دور ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ضياءَ خلاف لکيل نظم ” ظلمت ڪو ضياءَ، صر صر ڪو صبا، بندي ڪو خدا ڪيا لکنا.“ پڙهيو ته کيس ٻڌو ويو. هن کي بدنام جيل ميان والي جي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. اهو ڪچو جيل آهي ڏاڍو سخت جيل چيو ويندو آهي. هن کي جيل جي سي ڪلاس ۾ رکيو ويو. جيل سپرينٽينڊنٽ جالب کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ چوڻ لڳيس : ” جالب صاحب! هتي اوهان کي نه پنو ملندو نه ئي قلم سو اوهان جي شاعريءَ اوهان سان گڏ بند رهندي.“ حبيب جالب هن جي رعب واري ۽ دٻدٻي واري آواز کي ليکي ۾ ئي نه آندو. سؤلي ۽ سادي هوندي آهي. مان پنهنجو شعر تنهنجي ڪنهن سپاهيءَ کي ٻڌائيندم. اهو ٻاهر وڃي شهر جي چوسول تي وڃي ماڻهن کي ٻڌائيندو جتان اهو سفر ڪندو لاهور وڃي وڄندو ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويندو.“ *** هڪ ڀيري هڪ صوفي درويش پنهنجي هڪ مريد سان سفر ڪري رهيو هو. رستي ۾ هڪ ندي آئي، ويجهو پڳا ته ڏٺائون ته پريءَ جهڙي هڪ نازنين بيٺي آهي. صوفيءَ کي ڏسندي ئي چوڻ لڳيس ” او الله جا ٻانها! رات ٿيڻ واري آهي، مون کي هن پار پڄڻو آهي پر پاڻيءَ جو وهرڪو تيز اهي ڇا تون منهنجي مدد ڪندين؟“ مريد ان مهل پاچا مٿي ڪرڻ پورو هو. صوفيءَ هن کان اهو به نه پڇيو ته هوءَ آئي ۽ ندي پارڪيائين. ٻئي ڪناري تي پڇهچي نازنين ڏاڍو لاپرواهيءَ مان هلي وئي. ڪا جهٽ مريد پنهنجي اندر جي آنڌمانڌ کي برداشت پر پوءِ نيٺ ٿوري عجب مان ۽ هلڪي ڪروڌ مان چوڻ لڳو “ ائين ڇوڪريءَ کي ڪلهن تي کڻي درياءَ پار ڪرائڻ گناھ ناهي؟ مرشد سائين!“ مرشد کليو ۽ پيار مئون چوڻ لڳس : ” واھ ڙي واھ ادا! مون ته هن کي درياءُ پار ڪندي ئي پنهنجي وجود تان ئي لاهي ڇڏيو. تون اڃا تائين هن جي خيالن ۾ غرق آهين!“ *** ڏاڍي سٺي شاعر ڀڳت ڪبير کي ڪنهن پيغمبر ڪري ڪوٺيو ته ڀڳت ڪبير هن جي مٿي تي چرخو هڻي چوڻ لڳ : ” مون رت ست ڏئي دوها تخليق ڪيا آهن. تون مون کي انهن جو داد ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪرين.“ *** سن ٻه هزار ست ۾ شهباز شريف پنجاب جو وزيراعليٰ ٿيڻ سان واپارين مٿان هڪ ٽئڪس لاڳو ڪيو. واپارين جو وفد ساڻس مليو پر هو پنهنجي هو ڏتي قائم رهيو ٽئڪس نه هٽايائين ته واپارين جي صدر هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس وڌو. تاريخ تي تاريخ ملندي رهي، نيٺ روهين کان پوءِ فيصلو ٿيو سو به وزيراعليٰ جي حق ۾ ويو. مزيدار ڳالهه اها جو جنهن صدر ڪيس داخل ڪيو هو سو سال اڳ گذاري ويو هو. *** هندستان جي شوڀاني چنچل طبيعت ۽ بي چئن روح جي مالڪياڻي هئي. هن صحافت به ڪئي ته اداره به رهي. نيٺ هڪ فلم ڊائريڪٽر اوتر ڪول سان گڏجي خودڪشي ڪئي. شوڀانيءَ جڏهن هڪ صديقي مسلمان سان شادي ڪئي ته هن جو گهراڻو پڪو مسلمان هو ۽ شوڀاني به مسلمان ٿي. سسُ ۽ سهرو هن جو ڏاڍو خيال رکندا هيا، گڏوگڏ نماز جي به تلقين ڪندا هيس ۽ زور ڀريندا هيس ته هوءَ نماز روزي جي پابند رهي. روز روز جي رينگٽ هن کي ڪڪ ڪري ڇڏيو سو هڪ ڏينهن کين چيائين : ”جيڪڏهن مونکي مذهب سان لڳاءُ هجي ها. مذهبي طور طريقن تي هلڻو هجي ها ته ڀلا منهنجو مذهب ڪو خراب هو ڇا. مون اوهانجي پٽ سان محبت ڪئي آهي. اوهان جي مذهب سان نه.“ *** فرانسز ڪا فڪا جيڪي خط پنهنجهي محبوبا ميلينا ڏانهن لکيا هيا. خطن جو مجموعو Letters to Mellenaنالي ڪتابي شڪل ۾ پڇيل اهي. ان جو مهاڳ وڏي ليکڪ آرٿر ڪوئسلر لکيو آهي. مهاڳ ۾ هن هڪ ڏاڍي برجستي ڳالهه لکي آهي ته ”ڪا فڪا جا خط ته ملي ويا پر ميلينا جي خطن بنا هن جي پورٽريٽ اڻ پورو آهي ڇو ته ڪا فڪا پنهنجي محبوبا جي خطن کي پنهنجي مٿان وسندڙ مينهن ڪيڻون چوندو هو ۽ اُهي مينهن ڪيڻون ملن ئي ڪونه ٿيون.“ *** وسعت الله خان وڏو ذهين ۽ ڏاڍو سٺو ڪالم نويس آهي. جماعت اسلاميءَ جي حوالي سان هن پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته ” جماعت اسلامي جو بنيادي سياسي الميو اهو آهي ته جو اُها شڪاريءَ سان ساٿ به ڏيندي آهي ۽ سيهڙ سان گڏ ڊڪڻ جي به ماهر آهي.“ *** اسان جي شهر جا سياستدان جيڏا شاطر آهن ته سياڻا به آهن. حاجي مولا بخش سومرو شڪارپور جو عقل جو اڪابر سياستدان هو. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو طوفان هو ۽ تقريبن هر هنڌ ڀٽي صاحب کٽيو هو پر شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش ومري، پي پي پي جي مک اڳواڻ آغا غلام نبي پٺاڻ کي شڪارپور ۾ هارائي کٽي ويو. حاجي صاحب هڪ ڀيري ڀٽي صاحب کي چيو هو ته ”ڀٽا صاحب! پاڪستان ايڏو ته غير فطري ٺهيل آهي جو الله به ان کي هلائڻ جي قابل نه آهي.“ *** جڳ مشهور فلسفي برٽرينڊ رسل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ مهاتما ٻڌ کي تاريخ جو نمبر ون انسان سڏيو آهي. اهو ان ڪري جو مهاتما ٻڌ پنهنجي نه مڃيندڙن يا اختلاف رکندڙن لاءِ ڪنهن به جهنم يا عذاب جو دڙڪو نه ڏنو آهي. نه ئي انهن کي ننديو آهي. *** اوڻيهه سئو اڍانوي عيسويءَ ۾ آدم شماري، اُستاد سڳورن سان فوجي ڀائين کي گڏجي ساٿ ڏيڻ سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هڪ آرڊيننس ٺاهيو ويو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو فارم ۾ غلط بياني ڪندو ته ان مٿان پنڌرهن هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو يا ڇهه مهينا سزا ملندس. سرتاج عزيز وزير موصوف هو. پريس ڪانفرنس ڪندي اهو آرڊيننس ٻڌايائين ته هڪ برجستي صحافيءَ سوال ڪيس ته ”سائين! عوام غلط بياني ڪري ته ڏنڊ ڀري يا جيل وڃي پر ڪو فوجي ڀائي فارم ۾ غلط لکي ته اُن جي سزا ڪهڙي هوندي؟“ ان سوال تي سرتاج عزيز پنهنجي عينڪ لاهي ميز تي رکي، پنهنجي ٽڪڻ کي کنهڻ لڳو