سنڌ جي ذهانت تي ويساھ......

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2015۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مهتاب اڪبر راشدي

    2 سيپٽمبر تي آمريڪا وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ تي ويٺي هئس، ته ٽي وي تي عبدالحفيظ پيرزادي جي لنڊن مان فوت ٿي وڃڻ جي خبر آئي. دل کي ڄڻ ڌچڪو لڳو…سنڌ جو هڪ ذهين سپوت راهه رباني وٺي ويو. ڪي ٽي اين جي شروعاتي ڏينهن ۾، پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن کان جيڪي انٽرويو ورتا هئم، انهن ۾ عبدالحفيظ پيرزادي جي انٽرويو مونکي پنهنجن ورتلن انٽرويوز مان، هڪ بهترين انٽرويو طور ياد آهي.

    عبدالحفيظ پيرزادي جي بردبار، باوقار ۽ پرڪشش شخصيت، ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جي ويجھڙائپ غير معمولي ياداشت، اڻ کٽ معلومات ۽ تکن سوالن جا جواب، دليل سان ڏيڻ منهنجي ذهن ۾ پيرزادي صاحب جو اهو عڪس اڄ به محفوظ آهي.

    ان انٽرويو ۾ عبدالحفيظ پيرزادي جو چيل هڪ جملو منهنجي ياداشت ۾ محفوظ ٿي ويوآهي. پنهنجي گفتگوءَ کي سهيڙيندي، سنڌجي مٽيءَ سان پنهنجي گهري وابستگي ۽ محبت جو اظهار ڪندي وڏي پاٻوهه ۽ اعتماد سان چيو هئائين “no one can refeat sindh`s intellect” ”سنڌ جي ذهانت کي ڪو به شڪست نه ٿو ڏئي سگهي“.

    سندس هيءُ جيءُ جياريندڙ حوصلو ڏياريندڙ لفظ، ان وقت مونکي حقيقت جو روپ وٺندا نظر ايندا آهن، جڏهن انتهائي ڏکين حالتن ۽ نامواقف صورتحال ۾ به ڪنهن نوجوان ڇوڪر يا ڇوڪريءَ کي دنيا سان جهيريندي ۽ پنهنجي راهه ڳولهيندي ڏسندي آهيان ۽ کين سَون جي ميڙ ۾ ڪنهن تاري جيان جرڪندو ڏسندي آهيان. ته پڪ ٿيندي اٿم ته:

    سور کائيندو

    ستم سهندو

    ڪوڙا کائيندو

    ڦاهيءَ چڙهندو

    ڏاڍو ضدي آهي،

    ڇو ته سنڌي آهي.

    هاڻي جڏهن 30 نومبر 1967ع ۾ لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر ۾ سرجندڙ پيپلزپارٽيءَ جي ابتدائي ٽيهن ميمبرن مان بنيادي ميمبر عبدالحفيظ پيرزادو، پنهنجو وارو وڄائي راهه رباني وٺي ويو آهي ته، پيپلزپارٽيءَ کي هن جي ڪيل هن جي ڪم کي ورجائڻ ۽ ياد ڪرڻ ضروري ٿيو وڃي. ٻه دفعا ايم اين چونڊجي، وزيرِ تعليم ۽ ثقافت، وزيرِ قانون ۽ وزير خزانا بڻجڻ شايد ايتري وڏي ڳالهه نه به سمجھي وڃي. پر ملڪ لاءِ 1973ع جو آئين جوڙيندڙ ۽ ان کي پنهنجي ڏاهپ سان متفقه طور تي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائڻ لاءِ سندس ڪوششون، تاريخ جو حصو آهن. ذوالفقار علي ڀٽي جو قابلِ اعتماد ساٿي سمجھيو ويندڙ حفيظ پيرزادو سندس نياڻي، بينظير ڀٽو جو اعتماد حاصل نه ڪري سگهيو. نه صرف هن بلڪه هن جهڙن ٻين سياڻن ”انڪلز“ پنهنجي عزت ۾ ان ۾ ئي سمجھي ته پاسيرا ٿي وڃن. ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته، بينظير ڀٽو، پنهنجي سياست، پنهجي ٻَل تي ئي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پارٽيءَ جي تجربيڪار ۽ سينيئر ڪارڪن ۽ سندن قابليت کان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ کي مرعوب ٿيڻ نه ڏنو. بلڪه پنهنجيون پاليسيون پاڻ ٺاهي، پارٽي جي اڻ گهڙيل ڪاٺن کي پاڻ سان کڻي هلي ۽ کين ”سياستدان“ بڻائي ڇڏيائين. عبدالحفيظ پيرزادي جي ابتدا هڪ قابل سياستدان جي حيثيت ۾ ٿي ۽ خاتمو هڪ نامور قانون دان جي صورت ۾ ٿيو. زندگيءَ ۾ هن گهڻو ئي ڪجهه ڏٺو، پنهنجي پيشي ۾ ناماچاري ڪمايائين. پنهنجي سنڌي هئڻ تي فخر مند رهيو. بيماريءَ ۾ بيشڪ پرديس جي اسپتالن ۾ رهيو پر ڪجهه مهينا اڳ اچي سکر ۾، پنهنجي قبر جي جاءِ منتخب ڪري ويو هو. ڄڻ ته کيس ڄاڻ هجي ته بس هاڻي سندس سفر جي پڄاڻي آئي ڪا آئي ۽ کيس موٽڻو انهيءَ ماڳ ڏانهن هو، جتان جو هُو خمير هو.

    حامد مير پنهنجي ڪالم ۾ اهو لکيو آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ جي خود نوشت لکي مڪمل ڪئي هئي. پر بينظير جي لاڏاڻي کانپوءِ، ڇپڻ کان روڪي ڇڏيائين جو پيپلزپارٽيءَ جي پاليسين تي تنقيد جو جواب ڏيڻ واري هن دنيا ۾ نه رهي هئي. هر شيءِ کي پاسيرو رکندي پيپلزپارٽي جي اڄ جي سياست جي تناظر ۾ ٿوري دير لاءِ جيڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪجي ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ ۾ بينظير سان گڏ، پارٽي اهي تجربيڪار ساٿي موجود رهن ها ته پيپلزپارٽي اڄ ڪٿي بيٺي هجي ها؟ ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، مبشر حسن، جي ايم رحيم، غلام مصطفيٰ کر ۽ عبدالحفيظ پيرزادي جو پارٽيءَ کان پاسيرو ٿي وڃڻ جا سبب هاڻي ڪو راز نه رهيا آهن. پنهنجن انٽرويوز ۾ انهن سڀني انهن شين جو ذڪر ڪيو آهي. جن جي ڪري نه هنن جو پارٽيءَ ۾ رهڻ برداشت ڪيو ويو ۽ نه ئي هنن جي لاءِ اتي رهڻ ممڪن رهيو.

    تاريخ، هر گذرندڙ ڏينهن سان، سڀني واقعن کي آشڪار ڪندي ويندي آهي ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو آهي جو ماضيءَ جا ڌنڌا عڪس، چٽا ٿي نروار ٿي ويندا آهن. ان ڳالهه جي تصديق سندس گهر ڀاتين پڻ ڪئي ۽ هنن چواڻي ته هاڻي سندس ٻار ئي اهو فيصلو ڪندا ته اهو ڪتاب ڇپجي يا نه.

    سنڌ جي سياست جي ڪتاب جو هڪ باب پورو ٿيو. سنڌ جو هڪ قابل سپوت، پنهنجي ديس جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو. ان يقين ۽ ويساهه سان ته، ”سنڌ جي ذهانت ناقابلِ شڪست آهي“.

    اتان هاڻي سوال شروع ٿا ٿين. ته ڇا واقعي به ائين آهي؟ يا اسان ڪنهن خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهيون؟ پر جي ائين آهي ته اها ذهانت پنهنجا جوهر ڇو نه ٿي ڏيکاري؟ اها ذهانت، جاهل ۽ لالچي وڏيرن جي آڏو ڍال ڇو نه ٿي بڻجي؟ اها ذهانت پنهنجو رستو ڇو نه ٿي ڳولهي؟ سنڌ جو سودو ڪرڻ وارن جي رستا روڪ ڇو نه ٿي ڪري؟رڳو سياست ئي ته سنڌ ۾ سڀ ڪجهه ناهي. تعليم ڪٿي وئي؟ قدر ڪيڏانهن ويا؟ اسان جون روشن روايتون ڪٿي گم ٿي ويون آهن؟ اخلاق جا اعليٰ اهڃاڻ ڪٿي آهن؟ اها ذهانت، انهن ميدانن ۾ به ڇو ڪو ڪارنامو ڪندي گهٽ نظر ٿي اچي؟ گذرندڙ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن درد ڪهاڻيءَ جو عنوان بڻيو اچي. ڪا نه ڪا شرمساري پلئه ۾ ٻڌيون ٿي اچي. هر ڪو تڪڙ ۾ آهي. هڪ هڪ ڪري ڏاڪو چڙهڻ بجاءِ چار ڏاڪا ڇڏي مٿي اچڻ جي شوق ۾ ڦهڪو ڪري هيٺ ڪرڻ کين منظور آهي پر سنون سڌن طريقن سان پنهنجي منزل ماڻن هنن کي نه ٿي اچي. محنت ڪرڻ بنان، سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ هي ڪهڙا سنڌي آهن؟ علم جي نور سان سچ پچ سينو منور ڪرڻ بجاءِ، ڪوڙيون ڊگريون ۽ سرٽيفڪيٽ وٺي پاڻ کي تعليم يافته سڏائڻ وارا ڪنهن کي ڌوڪو پيا ڏين. ويڪائو وڏيرن جي پڇ ۾ اٽڪڻ وارا، پنهنجي قسمت ڪيئن بدلائيندا؟

    سنڌ ۾ نئون کيل، نئون تماشو ۽ راند شروع آهي. مڪاني چونڊن جو چهچٽو شروع ٿيو آهي. هيڏانهن پارٽيءَ جو چيئرمين ٿو بيان ڏئي ته ڪنهن چونڊيل ايم اين اي، ايم پي اي جي ٻارن ۽ مٽن مائٽن کي ٽڪيٽ نه ڏبي. ته ٻئي پاسي انهن سرڪرده چونڊيل نمائندن جا ٻار اڳ ۾ گاديءَ تي ويهڻ لاءِ تيار آهن. ڄڻ ته پارٽيءَ ۾ ٻيو ڪو، انهيءَ لائق نه آهي. جنهن کي مڪاني سطح تي به ڪنهن قابل سمجھن، ڪا ذميواري ڏين. پارٽي ورڪرن ۽ وفادارن تي اعتماد جو اظهار ڪري، پنهنجي پارٽيءَ جي ڪرندڙ ساک بچائين، لوٽن جي ڦرڻ گهرڻ جي موسم به ڪر کنيو بيٺي آهي. موسمي پکي، پنهنجا آکيرا ڇڏي، ٻئي هنڌ پرواز لاءِ تيار آهن. بلڪهِ Land ڪري چڪا آهن. کين اوچتو خواب اچڻ شروع ٿي ويا آهن ته هُو پنهنجي پارٽيءَ ۾ خوش نه هئا. بس وقت جا منتظر هئا ته ڪو چوڳو پاڻي نظر اچين ته ”جمهوريت“ جي وڌندڙ وڻ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اُڏام ڀرين. پنهنجي جُوڻ مٽائيندي، اديءَ ۽ سائين سڳوري سان فوٽو ڪڍائيندي ملندا

    جتي اسان جي سياست ۾ هر ڪنهن جي قيمت ۽ ڪاٿو موجود هجي، اُتي سنڌ جي قسمت بدلائڻ جا خواب ڏسڻ وارا ته موجود آهن. پر ڇڙ وڇڙ آهن. ذهين آهن پر، ا ڃا شايد مناسب موقعي جي تلاش ۾ آهن. الائي ڇو پڪ اٿم ته هي سڀ ڪجهه ائين ناهي جيئن نظر ٿو اچي ۽ اسان کي پريشان ٿو ڪري. صورتحال کي مٽجڻو آهي ۽ بدلائڻو آهي. اقتدار جي سنگهاسن تي ويٺلن جون لٻاڙون، بي روح لٻاڙون آهن. معنيٰ ۽ مفهوم کان عاري. انهن کان پنهنجي سنڌڙيءَکي آزاد ڪرائڻو آهي.

    سنڌ جي ذهانت پنهنجي راهه ڳوليندي، ضرور ڳوليندي. پنهنجي اکين ۾ سمايل خوابن کي ساڀيان اسان کي ڪرڻو ئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو