تاڙو پکي : برسات جو اھڃاڻ نواز ڪنڀر صدين جي انساني تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم کي قدرتي ڪميونيڪيشن چئبو آهي. جنهن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مثال طور؛ روايتي ڪميونيڪيشنTraditional Communication جنهن ۾ پنهنجي ڳالهه يا مقصد، بغير زبان يا لفظن جي استعمال جي، ٻئي تائين پهچائي سگهجي ٿي. جيئن ڪارو ڪپڙو سوڳ جي علامت ۽ اڇو امن... وغيره وغيره. انهيءَ حساب سان ڪجهه شيون وري قدرتي يا فطري ڪميونيڪيشن Natural Communication ۾ شامل آهن. مثال ڪڪرن جو اچڻ، کنوڻ جو چمڪڻ، گوڙ جو ٿيڻ، مختلف پکين جو مختلف وقتن تي اچڻ، تارن جو نڪرڻ، هوا جو رخ وغيره وغيره. اهڙي نموني قدرت ڪيترين ئي شين ۾ هر مند ۽ موسم، موقعي ۽ مهل لاءِ ڪي اهڃاڻ، ڪي نشانيون، ڪي علامتون رکيون آهن. جيڪي انسان کي وقت به وقت قدرت جا نياپا پهچائي کيس سجاڳ ۽ خبردار ڪنديون رهن ٿيون. ها جي انسان انهن ڏانهن ڌيان نه ڏئي ته قصوروار به پاڻ آهي ۽ سزا جو حقدار به. اهڙن ئي قدرتي يا نيچرل ڪميونيڪيشن (فطرت جا نياپا) جي اهڃاڻن يا ذريعن مان هڪ تاڙو پکي به آهي. سڄي دنيا وانگر سنڌ ۾ به ڪيترائي پکي موجود آهن. سڄي دنيا جي پکين وانگر، سنڌ جي پکين کي پڻ مسئلا درپيش آهن. فرق رڳو اهو آهي ته دنيا ۾ ٻئي پاسي شايد ڪجهه نه ڪجهه، پکين جي مسئلن کي منهن ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته هتي انسانن جي مسئلن جي ڪا اهميت ڪونهي ته پکين جي پچار شايد وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي. تاڙو پکي اڪثر ڪري گهاٽن وڻن جي جهڳٽن يا باغن ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهي. جيئن ته وڻن جي واڍي جتي ڪٿي، ٿر ۽ بر ۾ عام جام آهي، ان ڪري هن جي رهڻ جا قدرتي هنڌ به ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. ماڻهن جو معاشي حالتن جي ڪري باغن ڏانهن رجحان وڌڻ سبب، هن کي ڪجهه نه ڪجهه ڇپر ڇانو ملي وڃي ٿي. هڪ ته پاڻي جي کوٽ سبب، باغن تي خراب اثر پئجي رهيو آهي ۽ ٻيو ته باغ اڄڪلهه ٺيڪي تي ڏنل هوندا آهن. ان ڪري باغائي باغ مان وڌيڪ منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن پکين کي اُڏائڻ لاءِ هٿن ۾ گليليون ۽ کانڀاڻيون کنيو وتندا آهن. ان ڪري تاڙي جي آرام ۾ زبردست خلل پوي ٿو. ان کان علاوه جيئن ته هي پکي نسل جي واڌ ويجهه لاءِ مڪمل طور ڪانو تي ڀاڙيندو آهي ۽ ڪانو جو نسل خود به خطري ۾ آهي، ان ڪري هي پنهنجي نسل بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جي خطرن ۾ گهريل آهي. اسان جيڪي ڪوئل جي ڪُوڪ ٻڌي خوش ٿيندا آهيون، انهن کي ڪهڙو احساس ته انهيءَ ڪُوڪ ۾ اهو درد ۽ پيڙا ڪهڙي غم جو پڙاڏو هوندو آهي. گهڻو ڪري پکين کي مذڪر ۽ مونث واري حوالي سان ئي پڪاريو ويندو آهي. جڏھن ته نالو هڪڙو ئي هوندو اٿن. گهٽ پکي اهڙا آهن جن جي نر ۽ مادي لاءِ الڳ الڳ نالا هجن. مور ۽ ڊيل وانگر هن پکيءَ جي ماديءَ کي ڪوئل ۽ نر کي تاڙو چيو ويندو آهي. (ڪوئل کي انگلش ۾ Black or Indian Cuckooچيو ويندو آهي). حيرت جي ڳالهه اها آهي جو ڊڪشنريءَ ۾ ڪوئل ۽ ٻاٻيهو کي ساڳيو پکي سڏيو ويو آهي. اهڙا به پکي گهٽ هوندا آهن، جن جي نر ۽ مادي ۾ الڳ نسل جيترو فرق هجي. هن پکيءَ ۾ اهو فرق به موجود آهي. اڪيلائي پسند هن پکيءَ تي هڪ ته جيترو ويچاربو اوتري حيرت ٿيندي ۽ ٻيو ته هن پکيءَ لاءِ جيتريون ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن، پڪ سان اوتريون ڪنهن ٻئي پکي لاءِ ڪونه هونديون. مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن پکيءَ جي مادي “ڪوئل” جي سڃاڻپ تي ڪنهن کي ڪو به اعتراض، ڪو شڪ شبهو ناهي. “ممتا کان عاري، ڪوئل ڪاري” جي باري ۾ گهڻو ڪري سڀ ماڻهو ذري گهٽ، سڀني ڳالهين تي ڪليئر ۽ متفق آهن. پر تاڙي جي باري ۾ ڪيتريون ئي منجهائيندڙ ۽ اڻ چٽيون ڳالهيون، هر هنڌ موجود آهن، جيڪي ٻيو ڪجهه نه ته اهو ضرور ثابت ڪن ٿيون ته اسان جو مجموعي مشاهدو ڪيترو نه ڪمزور ۽ اڻ چٽو آهي. ڀٽائي جي ڳايل، برسات جي اڳڪٿي ڪندڙ تاڙي پکي جو تنوارڻ، اڄڪلهه جتي ڪٿي، وڻن ۽ باغن ۾ عام آهي. قدرتي ڪميونيڪيشن جي مقامي ماهرن ۽ ڪتابي ڏاهن وٽ تاڙي ۽ ڪوئل جي حوالي سان دلچسپ ڏند-ڪٿائون ۽ ڳالهيون ته آهن ئي آهن پر انهن ٻنهي مڪتبهءِ فڪر وارن وٽ، هڪ ٻئي جي ڳالهه رد ڪرڻ لاءِ دليل به آهن. مثال طور؛ قدرتي ڪميونيڪيشن جا ماهر چون ٿا ته؛ “تاڙو، ڪوئل جو نر ۽ مقامي مکي آهي. ڪوئل سانوڻي جي شروع ۾، تاڙو برسات اچڻ کان ڪجهه عرصو اڳ، گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري موسم ۾، جڏهن آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويندو آهي ۽ ماڻهو برسات جي آڌرڀاءُ ڪرڻ جي تيارين ۾ هوندا آهن ان وقت ايندو آهي.” جيئن ڀٽائي صاحب چيو آهي: اڄ پڻ اتر پار، تاڙي ڪئي تنوار،هارين هر سنڀايا، سرها ٿيا سنگهار،اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.يامند ٿي منڊل منڊيا، تاڙي ڪئي تنوار،هارين هر سنڀايا، سرها ٿيا سنگهار،اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا ڀٽائي سرڪار جو هڪ ٻيو بيت آهي. سارنگ کي سارين؛ ماڙهو، مرگهه، مينهون،آرون ابر آسري، تاڙا تنوارين،سپون جي سمونڊ ۾، نئين سج نهارين،پلر پيارين، ته سنگهارن سک ٿئي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته؛ “تاڙو ۽ ڪوئل، مقامي هجڻ ڪري هتي ئي هوندا آهن پر ٻوليندا ناهن. اهي صرف برسات واري مند ۾ ٻوليندا آهن.” جنھنڪري ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي پرديسي پکي آهن پر حقيقت هيءَ آهي ته تاڙو ۽ ڪوئل، آگم کان اڳ نظر نه ايندا آهن ۽ برسات کان پوءِ هليا ويندا آهن. ڪيڏانهن ٿا وڃن ۽ ڪٿي هوندا آهن؟ اهو سوال جواب طلب آهي. ڄاڻو ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته؛ “ڪوئل مادي ۽ تاڙو نر آهي. ڪوئل، ڪانو جي آکيري ۾ آنا ڪندي آهي. ڪانو آرو ڪري، ٻچا ڦوڙي، انهن کي نپائي وڏو ڪندو آهي. ڪانو جي آکيري ۾ آنا لاهڻ جي ڪري ئي ڪوئل ۽ ڪانو جي ازل کان هلندڙ جنگ مشهور آهي.” انهن ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته؛ “ڪوئل ۽ تاڙو آکيرو به ڪونه ٺاهين. وڻن ۾ ويهي، وقت ڪڍي ويندا آهن. انب، توت، ڄمون ۽ چڪو شوق سان کائيندا آهن. ان کان علاوه ٿر ۾ آسري لئي ۾ ٿيندڙ کنڊ جهڙي لاک، جنهن کي ساڪر چئبو آهي، اها به شوق سان کائين ته ڪرڙ ۾ ٿيندڙ پسين جا به عاشق آهن.” ڪجهه مقامي ماڻهو وري ان راءِ جا آهن ته؛ “ڪوئل ۽ تاڙو الڳ الڳ پکي آهن. تاڙو لڳ ناهي ڪندو پر برسات ۾ پويان کان، بوند جهٽيندو آهي. ان سان ئي آنا پيدا ٿيندا آهن.” اهي ماڻهو چون ٿا ته؛ “تاڙو ٻوليندو ئي برسات لاءِ ان ڪري آهي ته جيئن هو بوند جهٽي، آنا ڪري ۽ نسل وڌائي سگهي.” هڪڙا ماڻهو وري اهو ٿا چون ته؛ “تاڙو ڪوئل کان الڳ نسل آهي. هو هيڙي پکي جي آکيري ۾ آنا ڪندو آهي ۽ هيڙو ئي تاڙي جي ٻچن کي نپائيندو آهي. هيڙي جي آکيري ۾ تاڙي کي آرو ڪندي به ڏٺو ويو آهي.” اهي ماڻهو اهو به چون ٿا ته؛ “هاڻ تاڙي جي ٻولڻ تي مينهن ان ڪري نه ٿو اچي، جو تاڙا هيڙن سان کائيندا (لفظ جي ٿوري مٽاسٽا لاءِ معذرت) ته برسات ڌوڙ ايندي.” جڏهن ته ڪجهه ڏاهن جو چوڻ آهي ته؛ “تاڙو، ڪوئل کان بلڪل الڳ ۽ جدا پکي آهي.” اهي ڪوئل کي نر ۽ ناسي ڪٻري پکي کي مادي ٿا سڏين. اهي چون ٿا ته؛ “ڪوئل ڪانگڙي سان جهيڙو ڪندي آهي ته تاڙو (تاڙي) پٺيان ڪانو جي آکيري ۾ آنو لاهي وٺندو/ وٺندي آهي. ڪوئل ڪانگڙي کي دوکو ڏيڻ لاءِ آکيري ڏانهن ويندي آهي. آري تي ويٺل ڪانگڙي ڪوئل کي ڀڄائڻ لاءِ ان جي پٺيان اڏامندي آهي ۽ پويان تاڙو آنو لاهي وٺندو آهي. اها اصل ۾ ڪوئل ۽ تاڙي جي ڪانوَ کي بيوقوف بنائڻ جي سوچيل سمجهيل ٽڪ هوندي آهي.” جڏهن ته سڄي اردو توڙي سنڌي شاعري ۾، ڀٽائي کان وٺي عام سهگڙن ۽ شاعرنتائين، سڀني ڪوئل کي مونث ۽ تاڙي کي مذڪر ڪري ڳايو آهي. ڪجهه ماڻهو اهو به چون ٿا ته؛ “ڪوئل جڏهن ٻوليندي آهي ته تاڙو لازمي ان جو جواب ورنائيندو آهي ۽ ڪڏهن وري ويجهو اچي ويهندو آهي. ان مان لڳي ٿو ته هي ساڳيءَ جنس آهن. رنگ بدليل اٿن.” جيڪي ماڻهو ان خيال جا آهن ته ڪوئل ۽ تاڙو ساڳي نسل ۽ ڳالهه آهن مور ۽ ڊيل وانگر رنگ جو فرق اٿن. اهي ان سوال جي جواب ۾ خاموش آهن ته ڪانو ڪوئل جا ٻچا ته ڪاري رنگ جي ڪري رڳو غلط فهمي ۾ نپائي ٿو پر تاڙي جو رنگ ته الڳ آهي. ان جي ٻچن کي ڇو ٿو نپائي؟ ڪجهه حلقا ان خيال جا به آهن ته؛ “لفظ ڪوئل، سنڌي ٻولي جو لفظ ئي ناهي. اهو ڪنهن ٻيءَ ٻولي جو لفظ آهي.” اردوءَ جي وڏن ادارن پاران تيار ڪيل ڊڪشنرين ۾ تاڙو ته رهيو هڪڙي پاسي، ڪوئل جهڙو عام فهم لفظ به ڳوليو نٿو لڀي. ان مان اردودانن جي، ڌرتيءَ ۽ ان سان وابسته شين سان، دلچسپي ۽ اهميت جي عڪاسيءَ جو اندازو سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. مزي جي ڳالهه ته ڪجهه سنڌي ڊڪشنرين ۾ وري ڪوئل ۽ ٻاٻيهي پکيءَ کي ساڳيو پکي ڄاڻايو ويو آهي. باقي تاڙي جي باري ۾ سنڌي ڊڪشنريون به خاموش آهن. ڳالهه ته شايد ايتري اهم نه آهي پر قدرتي ڪميونيڪيشن جي مقامي ڏاهن، ڪتابي ڏاهن ۽ سندن همنوائن جي سوچ ۾ ايترو فرق ڇو آهي؟ اصل حقيقت ڇا آهي؟ جيڪڏھن ان حقيقت جي خبر پئجي وڃي ته، نه ته ان سان سنڌ جا سور گهٽ ٿيندا ۽ نه ئي بک ۽ بيروزگاري ۾ ڪا ڪمي ايندي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته علمي ۽ تحقيقي ڳالهه ڪجهه اڳڀري ضرور ٿي پوندي.