ڊبل پتي پان ۽ ڏکڻ ايشيائي امن!....وسعت الله خان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2015۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاڻ اهو ئي ڏسو ته ڀارت مسلسل چئي رهيو آهي ته ڪشمير کان تامل ناڊو تائين جيڪا به دهشتگردي ٿي رهي آهي، ان ۾ سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح پاڪستاني هٿ آهي. پاڪستاني قيادت کي يقين آهي ته بلوچستان کان ڪراچي ۽ طورخم کان وهاڙي ۾ جيڪا بدامني آهي، ان ۾ ڀارت جا ٻئي هٿ آهن ۽ هڪ اڳيان کان ۽ ٻيو افغان واري طرف کان.

    جڏهن ته افغان قيادت جو اهو مڃڻ آهي ته ڪالهه وانگر اڄ به ڪابل جي ٺڪاڻن تي حملو هجي يا غزني جيل جو ٽٽڻ ۽ ٻين ڏکڻ وارن صوبن ۾ افغان دستن تي حملا هجن، سڀني پٺيان اُهي گروهه آهن، جن کي پاڪستاني انٽيليجنس اسٽيبلشمينٽ جي لڪل پٺڀرائي ۽ تائيد حاصل آهي. ٻئي طرف پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي يقين آهي ته پشاور ۾ گذريل سال آرمي پبلڪ اسڪول جي قتل عام جو معاملو هجي يا بڊه بير تي تازو حملو، سڀني جون ڪڙيون افغان سرزمين تي وڃي ملن ٿيون.

    ڀارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان جو اسان سان ڪهڙو ڪم، اسان پاڻ پاڪستان جي دهشتگردي جو شڪار آهيون. پاڪستان چوي ٿو ته آخر ڇو ڀارت ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، اسان ته پاڻ گذريل 15 سالن کان دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهيون ۽ هينئر تائين 50 هزار کان وڌيڪ لاش کڻي چڪا آهيون.

    افغانستان چوي ٿو ته اسان پاڻ کي ئي سنڀالي نه پيا سگهون ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪهڙي طريقي سان ڪري سگهون ٿا؟

    اڄ کان ڏکڻ ايشيا جغرافيائي طور گهٽ ۽ نفسياتي گورک ڌنڌو وڌيڪ آهي، اتي موجود ٽئي ملڪ هڪ ئي وقت مظلوم به آهن ۽ ظالم به. ٽئي ظلم ۽ مظلوميت جي ان ڌٻڻ مان نه پاڻ نڪرڻ تي راضي آهن نه ئي هڪ ٻئي کي ڪڍڻ تي.

    تنهن ڪري ان هنڌ کان نفسيات جي ماهرن جو علائقو شروع ٿئي ٿو پر مشڪل اها پڻ آهي ته هينئر تائين دنيا ۾ نفسيات جا ننڍا قسم ته پڙهايا وڃن ٿا پر ان ۾ اجتماعي نفسيات ته شامل آهي پر علائقائي نفسيات کي بطور سبجيڪٽ اڃا تائين تسليم ئي ناهي ڪيو ويو.

    جيڪڏهن ريجنل سائيڪالوجي تي به بطور مضمون ڌيان ڏنو وڃي ته پهرين مؤثر ڪيس اسٽڊي ڀارت، پاڪستان ۽ افغانستان جي ٿي سگهي ٿي ۽ اهو معلوم پڻ ٿي سگهي ٿو ته اُهي ڪهڙا نفسياتي مسئلا آهن، جن جي ڪري ٽئي ملڪ نارمل طرز عمل اختيار ڪرڻ جي خواهش جي مقابلي ۾ اذيت پرستي، اذيت پسندي ۽ خود اذيتي ۾ وڌيڪ تسڪين محسوس ڪن ٿا.

    ظاهر آهي ته علائقائي سائيڪالوجي جو نصاب اسان جي خواهش مطابق ايتري جلدي تيار ڪرڻ ته ٺهيو، پر جيڪڏهن ان ڳالهه تي اڄ کان ئي سوچڻ شروع ڪيو وڃي تڏهن به مضمون کي نصابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ ۽ پوءِ ان جي پيدا ڪرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج کان ڏهه سال گهربل آهن. ايتري دير تائين ته ڀارت، پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي کي وڍي ۽ رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏيندا. تنهن ڪري بطور فوري ۽ عبوري حل پان جو استعمال بس ضروري آهي.

    هونئن ته پان کائڻ جا ڪيترائي نقصان ٻڌايا وڃن ٿا پر ٻه بنيادي فائدا به آهن. پاڻ کائڻ سان منهن بند رهندو آهي ۽ منهن بند هجي ته فالتو خيال ٿُڪ ۾ ملندا رهندا آهن. تنهن ڪري پان کائڻ وارو گهمندي گهمندي پنهنجي ۽ آسپاس جي باري ۾ وڌيڪ بهتر ۽ مثبت انداز ۾ سوچي سگهي ٿو.

    جيڪڏهن ڀارت، پاڪستان ۽ افغانستان جي قيادت صبح کان رات سمهڻ تائين روزانو ڊبل پتي جا ڏهه پندرهن پان کائڻ جي عادت اختيار ڪري ته منهن بند ڊپلوميسي سان خطي ۾ قيامِ امن جا امڪان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ روشن ٿي سگهن ٿا.

    (بس ايترو احتياط ڪرڻ ضروري آهي ته خلاف مزاج يا مزاحيه ڳالهه ٻڌي کل اچي ته ٿڪ وارو ڦوهارو ٻئي جي ڪپڙن تائين نه پهچي.)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نديم بهراڻي

    نديم بهراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسين پيا وارا ڪري پيار ڄاڻون
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    سائ
    سائين اسان جيڪي نانگ پاڙيسرين جي ڏنگڻ لا۽ پاليا سين هاڻي اهي پاڻ کي ئي ڏنگن ٿا..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نديم بهراڻي

    نديم بهراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسين پيا وارا ڪري پيار ڄاڻون
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    بحرحال پاڪستان دهشتگردي جي بد ترين دؤر مان گذري رهيو آهي، جي تاريخ مان سبق نه سکيو سين ته نصلن تائين لوڙيندا سين؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو