• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مال پڙي جو سير

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
مال پڙي جو سير

يار ٽائيم ملي ڪون ۽ عيد به ويجهو اچي پهتي آهي عيد تي قرباني به ڪرڻي آهي اڪبر يار مدد ڪر هل ڪو مال پڙي تان لنچ بريڪ ۾ ٻڪر وٺي اچون.

ٺيڪ آهي پر مونکي مال ۽ پڙي جو ڪو خاص تجربو ڪون اٿي وٺجا پاڻ ڀلا ٻڌاءِ پئسا ڪيترا اٿي بس يار 18 هزار آهن. ٺيڪ آهي لنچ جي ٽائيم ۾ هلو ٿا پيڙي،

ٻه جو ٽائيم لنچ جو وقفو به هڪ گهنٽي جو هو آفيشل ڊريس بس نڪري پيا سين پڙي ۾ جنهن کان ٻڪر جو ريٽ پڇون ڪن کهڙا ٿي وڃن 25 هزار 30 هزار ريٽ وٺڻو به ٻڪر هجي، لنچ بريڪ جو مٿان اچي ٽائيم پورو ٿيو پگرو پگر، اچي هڪ واپاري وٽ پهتا سين جيڪو صفا مسقين ۽ اسان واري ڪار نئو اچي پڙي ۾ ڦاٿو هو هٿ ۾ ٻڪر هيس مونکي اندزو هو ته 25 کان گهٽ ڪون ڏيندو پر ويندي ويندي ريٽ پڇومانس چيائين 15 هزار مون چيو چاچا ريائيت ڪيتري ڪندين چيائين ڪجهه ڪون، چيائين مونکي وٺڻو آهي گڏه هتي مونکي گڏه ملي ڪون رهيو آهي توهان ائين ڪيو مونکي گڏه وٺي ڏيو توهان هي ٻڪر ڪاهيو هاڻ ٻڪر به وارئي جو ملي رهيو هو پر وپاري جي شرط به سمجه ۾ ڪون اچي رهي هوئي چلو ٺيڪ آهي وري نڪري پياسين گڏه جي تلاش ۾ ها ٻيلي ٿورو اڳتي وڃون ته هڪ همراه گڏه جهليو بيٺو آهي تڪڙ ۾ ريٽ پچوسين ته چيائين 13 هزار حساب لڳايوسين 13 جو گڏه ۽ 15 جو ٻڪر جيڪڏهن گڏه هن کان وٺي ٻڪر واري وپاري کي ويچو ته ٻه هزار رپيا بچي پوندا 13 ۾ گڏه وٺي ٻڪر واري جاءِ تي آياسين پر ٻڪر وارو همراه غائب هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي وري گڏه واري جاءِ تي وياسين گڏه وارو غائب آفيشل ڊريس گڏه هٿ ۾ ماڻهو گهوري گهوري ڏسي رهيا هئا، 13 هزار واري گڏه مان هٿ ڪڍي اچي آفيس پهتاسين ٻيو مڙائي خير باقي مال پڙي جي خبر پئجي وئي
 
Back
Top