کاهوڙي.جي معنيُ آھي جبلن مان ڏٿ ڳوليندڙ. کاهوڙي انهن اٽل ارادي ۽ مستقل مزاج وارن فقيرن کي چوندا آهن .جيڪي جبلن ۾ نانگن کي مرلئ سان موهي ۽ منڊي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندا آهن . ۽ ڏٿ تي گزران ڪندا آھن. نانگن کي جهلڻ لاء کين ڪئين ڪِريون ۽ ڪشالا ڪڍڻا پوندا آهن.. شاه سائين هن سر ۾ “انسان“ کي کاهوڙئ سان مشابهت ڏئي .غفلت ڇڏي ڏٿ ڏورڻ لاء ڪمر ڪشڻ جي هدايت ٿو ڪري. ڏٿ مان مُراد آھي روحاني خزانو يا عشق الاهي. عشق جي منزل اڙانگي آھي. جيڪو انهئ ميدان ۾ پير پائيندو .تنهن کي مشڪلاتن ۽ مجاهدن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. تن کي تسيا ڏيئي.نفس کي ماري سڀ ۾ سبحان ڳولي لهڻ جي .پاڻ ۾ طاقت پيدا ڪرڻي پوندي. هن سر ۾ شاه “لامڪان“ جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ پکئ ب پير ن پاتو آھي. پر صرف صالح ۽ سالم سالڪ پهچي . خدا ڳولي لهن ٿا. لا مڪان اها صوفيان منزل آهي .جيڪا سالڪ معرفت جي منزل تي پهچڻ بعد حاصل ڪري حق کي ويجهو ٿئي ٿو .هئ اها جوء آھي جا. “ سئي ن ٻڌي “ ڏوٿي سا ڏورين.جا جوءسئي ن ٻڌي پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين وڄا ات ووڙين.جت نهايت ناه ڪا
اچي پيا اَٽَ ۾،واٽ وڃائي جن، سي بيران برن ۾ ،اندها ٿئو اُڀَن، ڪنن آڏو تاڙيون،گنگن جيئن گهمن، کَپَتِ کاهوڙين،آه اُٿِيي پِيي ن لهي،
ڪُپيرئ ۾ پير،ڪَنِين پاتو پيريين، جِئان منجهڻ ماڙهئين ،سڄڻ تِئان سير، اِنَ ڀُئينء سندو ڀير، ڪوڙِن منجهان ڪو لهي،
سُڪا منهن سنڍن،پيرين پراڻا کيٿڙا، سا جُوءِ ڏوري آئيا،سونهان جِت منجهن، ڳُجهان ڳُجُھون ڪَن،تِهان پراهين پنڌ جون،