• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اجڏهن لفظ " زي" لکان ٿو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
ادا مان جڏهن لفظ " ز" لکان ٿو ته Arrow ابتي پاسي ئي رهي ٿو. مثال طور" غزل" "غ لز" ۽ " ز" لکڻ کان بعد ۾ جيڪي به لکان ز اڳتي آخر ۾ ئي ڀڃندو رهي ٿو .
 
جواب: اجڏهن لفظ " زي" لکان ٿو

ادا وسيم پهرين ڳالهه ته مهرباني جو اوهان منهنجو عرض قبول ڪيو ۽ تصوير ختم ڪئي پر ٻي سٺي ڪنهن تصوير جو انتظار آهي ۔۔۔
ڀوڳن ۾ اوهانجي ڪمپيوٽر کي ز جو جن ٿي ويو آهي ۔۔۔ ڪو هارر قسم جو مسئلو آهي، ٻين دوستن سان اهڙو مسئلو ناهي ته اوهان سان ڇو؟ ڀلا آهي نه سوچڻ جي ڳالهه ۔۔۔ زنجير ۔۔۔ زورآور ۔۔۔ زندان ۔۔۔ پاڻ وٽ ته ز پنهنجي جا تي رهي ٿي ۔۔۔
ڇا اوهان ايم بي سنڌي انسٽال ڪئي آهي، جي نه ته ڪري ڏسو ۽ لکڻ وقت پنهنجي ٻولي انگريزي مان بدلائي fa ڪندا ته ممڪن جن ڀڄي وڃي ۽ جي اڃان نه ڀڄي ته فقير دوست آهي اهو علاج ڪندو ۽ جي اڃان ڪجهه نه ٿئي ته جادوگر دوست رشيد ڪو حل ٻڌائيندو ۔۔۔
 
جواب: اجڏهن لفظ " زي" لکان ٿو

سائين اهو مسئلو ڪڏهن مونسان به ٿئي ٿو
نارمل طور مان ايرو کي هڪ اسٽيپ پوئتي آڻي وچ ۾ ز لکي ٿو ڇڏيان
مسئلو ختم
 
جواب: اجڏهن لفظ " زي" لکان ٿو

ز زوراور زندگي زهر آهي ، جنهن لاءِ ڪنهن شاعر زور ڏيندي چيو آهي .
زهر کي بـ زم زم ڪري پئي ڏٺوسين ، مرڻ کان اڳئي مري جيءِ ڏٺو سين .
ز پنهنجي جڳهه تي ئي قائم آهي ،
 
جواب: اجڏهن لفظ " زي" لکان ٿو

ز زوراور زندگي زهر آهي ، جنهن لاءِ ڪنهن شاعر زور ڏيندي چيو آهي .
زهر کي بـ زم زم ڪري پئي ڏٺوسين ، مرڻ کان اڳئي مري جيءِ ڏٺو سين .
ز پنهنجي جڳهه تي ئي قائم آهي ،

واه سائين توهان جي زور آوري
 
جواب: اجڏهن لفظ " زي" لکان ٿو

سائين مهرباني. ائين به ڪري ٿا ڏسون.مان ڪي بورڊ تي لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.پر زڪم خراب ڪريو ڇڏي... جيئن مان اردو انگلش يا هندي لکندو هوس. اهڙو مان سنڌي نه پيو لکي سگهان.ڪڏهن مان ڪي بورڊ تي ته ڪڏهن سنڌ سلامت جو ڪي بورڊ استعمال ڪندو آهيان. ٽائيم ته لڳندو پر ٿي سگهي ٿو سکي پوان.... زندگي ۾ مان پهرين دفعا سنڌي سنڌ سلامت ۾ اچي لکڻ شروع ڪيو آ...مان زياده موبائل استعمال ڪندو آهيان ۽ موبائل ۾ مونکي صرف باڪس ئي نظر ايند آهن.هاڻي ته مان انهن کي به سمجهڻ لڳو آهيان.
sindhsalamatsaathsal
 
Sindhsalamatsaathsal

ادا رشيد جن ۽ ادا عامر جن ٻن مختلف پوسٽن ۾ سنڌي ڪيبورڊ شيئر ڪيو آهي
ان جو پرنٽ ڪڍي آهستي آهستي پريڪٽس ڪندا رهو
 
جواب: اجڏهن لفظ " زي" لکان ٿو

مهرباني ادا.........

ادا وسيم مهرباني جا ڳاله ڪين آهي اهو ته پنهنجو فرض آهي هن اوطاق ۾ اسان جيڪي به آهيون شروع شروع ۾ اسان کي به لکڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي پر دوستن جي مهرباني ۽ رهنمائي سان اسان بغير ڪنهن دقت جي لکي سگهون پيا
دوست توهان ڪي پيڊ مان فائدو وٺو ۽ جڏهن ان تي توهانجي گرفت مضبوط ٿي وڃي ته اسان کي ٻڌائجو ضرور ۽ پڻ پنهنجا خيالات ضرور اسان سان ونڊ ڪجو
سدائين گڏ
 
Back
Top