خيرپور ميرس جون يادگيريون : غلام حسين رنگريز

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خيرپور ميرس جون يادگيريون : غلام حسين رنگريز

    غلام حسين رنگريز

    خيرپور ميرس ۾ رهائش دوران مون ادبي ۽ سياسي سرگرميون قائم رکيون. هڪ ڀيري ڪاليج جي هاسٽل ۾ شاگردن ۽ استادن جي سهڪاري ساٿ سان رات جو هڪ ادبي ۽ سنگيت جي رهاڻ رچائين. هاسٽل جي چوديواري اندر پڌر تي کٽون ۽ اُنهن تي بسترا لڳائي ويهڻ جو انتظام ڪيوسين. هن رهاڻ ۾ استادن ۽ شاگردن سان گڏ ڪجهه ادبي دوستن به شرڪت ڪئي. هتي شاگردن ۽ استادن سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ شعر جي حوالي سان تقريرون ڪيون. مون لطيف سرڪار جي شاعريءَ مان موکي ۽ متارن جي حوالي سان تفصيلي ذڪر ڪيو. جيڪو حاضرين کي ڪافي وڻيو. سنگيت جي محفل کي سندم شاگرد ممتاز رڏ ۽ سندس وڏي ڀاءُ خدا بخش (مرحوم) خوب مچايو. ممتاز رڏ قومي انقلابي گيت ڳايا ته خدا بخش لطيف سائين جي شاعريءَ کي ڳائي پاڻ ملهايو.

    [​IMG]
    نيشنل هاءِ وي تي راڻيپور ۽ خيرپور جي وچ تي هڪ ڳوٺ مٺڙي آهي جنهن ۾ اڪثر آبادي رڏ ذات وارن جي آهي.جيئن ته اُتر سنڌ ۾ آبادي جو وڏو انگ آهي انهيءَ ڪري اسان جي لاڙ وارن ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ هتي ڳوٺ تمام وڏا آهن. خدا بخش رڏ استاد منظور علي خان جو شاگرد هئو. انهيءَ ڪري سندس ڳائڻ واري انداز ۾ منظور علي خان وارو رنگ نمايان نظر آيو. زندگي هن سان وفا نه ڪئي ۽ جوانيءَ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو. خيرپور ميرس جو ذڪر نالي واري برک ڪهاڻيڪار مرحوم نسيم کرل ۽ استاد عطا محمد حامي ۽ ڪوٽ ڏجي کان سواءِ اڻ پورو رهجي ويندو. نسيم کرل هڪ چڱي موچاري زميندار گهراڻي سان تعلق رکندو هو ۽ سندس ڳوٺ خيرپور ضلع ۾ آهي جتي هو ذاتي دشمنين جو شڪار ٿيندي قتل ٿي ويو. هن جي ڪهاڻين جو مشهور ڪتاب ” شبنم شبنم، ڪنول ڪنول“ آهي ۽ سندس ڪهاڻي ” چوٽيهون در“ تمام گهڻي مشهور آهي. هن کي ڪهاڻيءَ جي فن ۽ ٻولي تي وڏي دسترس هئي. مون ڪافي سال پوءِ جڏهن سندس يادگيريون رسالي ”نئون نياپو“ حيدرآباد ۾ خيرپور رياست جي حوالي سان پڙهيون ته انهيءَ ۾ سندس ٻوليءَ جي سونهن جو گرويده ٿي ويس. ڪاش هو اُهي ساروڻيون مڪمل ڪري سگهي ها ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پون ها ته سنڌ ادب کي هڪ ملهائتي وٿ ملي پوي ها.
    خيرپور جي هڪ وڏي نالي واري عالم ۽ اديب استاد عطا محمد حامي خيرپوري سان ملڻ لاءِ آئون سندس ڳوٺ ويس ۽ سندس نهٺي سڀاءُ ۽ ٻاجهاري شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيس. هن جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو ۽ سندس غزل جا هي ٻول اڃا به ياد اٿم.

    سکن جا سال وسري ويا، دکن جا دم نٿا وسرن،
    خوشيون سڀ خير سان وسري ويون پر غم نٿا وسرن.

    [​IMG]
    استاد عطا محمد حامي پي ايڇ ڊي به ڪئي هئي ۽ ذات جو ” سوُهو“ هو. هن ذات جا ماڻهو اسان وٽ شهر بٺوري ۽ آسپاس وڏي تعداد ۾ رهن ٿا پر هتي اُهي ”سوها“ سڏجن ٿا ۽ جنهنجي هڪ ڳوٺ جو نالو ئي آهي دريا خان سوهو آهي. هتان جي سوهن ۾ محمد اسماعيل سوهو سياسي ڪارڪن هئڻ ناتي مشهور آهي. هو جڏهن 1977ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد جو قيدي هئو ته سنڌي عوامي تحريڪ طرفان کيس صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ لاءِ بيهاريو ويو هو ۽سندس انتخابي نشان ”سارين جو سنگ“ هئو جنهن جا وال پوسٽر ڀتين تي چنبڙايا ويا هئا ۽ سندس هٿ ڪڙين واري تصوير ڇپيل هئي. اليڪشن ۾ هن جي مضبوط پوزيشن هئي پر ڀٽي صاحب طرفان ڪرايل بي مثال ڌانڌلين ڪري سنڌي عوامي تحريڪ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ پيپلز پارٽي جو اميدوار آسانيءَ سان ڪوڙن ووٽن ڪرڻ سبب کٽي ويو. انهيءَ ڌانڌلي جي ڀٽي صاحب کي بنهه ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي، حڪومت جو به خاتمو ٿي ويس ۽ پاڻ تخته دار تائين پهچي ويو. محمد اسماعيل سوهي جا ڀائر محمد ابراهيم ۽ غلام رسول شاگرد سياست ۾ سرگرم رهيا ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙجي ”پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جا سرگرم ڪارڪن رهيا. محمد اسماعيل سوهو ضياءَ جي تاريڪ دور ۾ هڪ جڙتو ڪيس ۾ قيد رهيو ۽ کيس ڪوڙن جي سزا به سهڻي پئي. اڳتي هلي هو سنڌي عوامي تحريڪ کان الڳ ٿي وڃي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ سندس ڀاءُ محمد ابراهيم وڃي مهاجر قومي موومينٽ ۾ شامل ٿيو. جنهن ڪري ايم ڪيو ايم طرفان محمد اسماعيل جي ڌيءَ هير سوهو عورتن جي مخصوص سيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. هن ڪٽنب ائين پارٽيون بدلائيندي پنهنجي سياسي ساک کي پاڻ ڇيهو رسايو.
    محمد ابراهيم سوهو جي گهر واري سندم سٺي دوست طلعت سوهو جي ڀيڻ آهي جيڪو يو بي ايل ۾ ملازم آهي ۽ بنهه شريف طبيعت جو مالڪ آهي. غلام رسول سوهو هن وقت ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي. طلعت جو ڀاءُ غلام مصطفيٰ سوهو ڊاڪٽر آهي ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر زبير هينئر برطانيا ۾ رهي ٿو. سوها ڪميونٽي ۾ اڪيلو محمد جمن سوهو شاعر آهي ۽ سندس شمار نئين ٽهي جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جو ”موهن جو دڙو“ طويل نظم اياز جاني پنهنجي رسالي ۾ ڇپيو آهي جيڪو پنهنجي طرز جو تما سٺو نظم آهي. جمن سوهو سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو سان لاڳاپيل آهي ۽ هن نظم لکڻ لاءِ مون ئي کيس نه رڳو صلاح ڏني پر موهن جي دڙو تي ڪتابن پڙهڻ ۽ خود موهن جو دڙو کي گهمي ڏسڻ جو مشورو به ڏنو ۽ هن انهيءَ تي عمل ڪرڻ بعد اهو نظم لکيو هئو.
    اسماعيل سوهي جي شخصيت ۽ جيل ياترا بابت محترم اعجاز علي خواجه ايم آر ڊي جي حوالي سان لکيل پنهنجي يادگيرين ۾ به ذڪر ڪيو آهي. جيڪي عوامي آواز ميگزين ۾ ڪافي وقت تائين قسط وار ڇپجنديون رهيون ۽ بعد ۾ محترم محمد قاسم مير جت هڪ ليک اسماعيل تي لکيو جيڪو پڻ عوامي آواز مئگزين ۾ شايع ٿيو. محمد قاسم ميرجت به سنڌي عوامي تحريڪ سان وابسته رهيو هو ۽ جيل ياترا به ڪئي هئائين. هو پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي ۽ ڪجهه سال سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل به رهيو. سندس يادگيريون به عوامي آواز مئگزين ۾ ڇپجنديون هيون. محترم اعجاز علي خواجه اسماعيل تي هلڪو هٿ رکيو. جڏهن ته محمد قاسم مير جت ائين نه ڪيو. بهرحال اهي ليک پڙهي سگهجن ٿا.
    ياد اٿم ته جڏهن اسماعيل سوهي کي 1977 واري اليڪشن ۾ بيهاريو ويو هئو ته ناميارو دانشور ڊاڪٽر فيروز احمد عوامي تحريڪ جي ورڪرن سان گڏ بٺوري ۾ اليڪشن ورڪ لاءِ آيو هو جتي منهنجي ساڻس منهنجي دڪان تي ملاقات ٿي هئي. ڊاڪٽر فيروز احمد ڪئناڊا ۾ رهندو هو ۽ اُتان هڪ انگريزي رسالو ”فورم“ ڪڍندو هو جنهن ۾ بنگال ۾ ٿيل آپريشن بابت تفصلي احوال ڏنو هئائين. جيڪو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ رسول بخش پليجي صاحب ترجمو ڪري” جيڪي بنگال سان ٿيو“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو. ڊاڪٽر فيروز احمد تمام گهڻ پڙهيو ۽ دانش جو ڌڻي آهي. سندس فڪري تعلق مارڪسزم سان رهيو آهي. هو جڏهن موٽي پاڪستان آيو ته هن هتي به اردو ۾ رسالو ڪڍيو ”پاڪستان فورم“ جنهن ۾ سٺا معياري مضمون ڇپجندا هئا.چوندا آهن ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ نٿا رهي سگهن انهيءَ ڪري ڊاڪٽر صاحب پليجي صاحب کان علحدگي اختيار ڪري ورتي ۽ واپس هليو ويو. سندس رسالي جا ڪجهه پرچا هينئر به مون وٽ محفوظ آهن. ڊاڪٽر ۽ پليجي صاحب جا اختلاف ڪهڙين ڳالهين تان ٿيا تن جي ڪجهه ته سڻس مون کي به آهي پر وڌيڪ مستند خبرون سندن قريبي سياسي ساٿين کي هونديون جن مان حفيظ قريشي، قسم پٿر، شير خان لنڊ ۽ سيد اڪبر ته راھ اجل جا راهي ٿيا ۽ باقي حال حيات ساٿي وڌيڪ ڪجهه ٻڌائي سگهن ٿا.
    خيرپور ميرس ۾ رهائش دوران پراڻي دوست مولوي محمد ڪامل، جنهن جو ڳوٺ راڻيپور شوگر مل وٽ آهي ۽ هو بٺوري هاءِ اسڪول ۾ استاد طور رهي ويو هو، سان گڏ درازا شريف ۾ سچل سائين جي به حاضري ڀريسين. اها آئون سمجهان ٿو ته ملڪ جي واحد درگاھ آهي جتي مسجد ۾ سماع جي محفل ٿيندي آهي. اها به هڪ خصوصي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ٽن درگاهن تي ساليانه عرس /ميلا رمضان جي مهيني ۾ ٿيندا آهن جن ۾ درگاھ سچل سرمست درازا شريف، درگاھ نواب ولي محمد لغاري تاجپور ۽ درگاھ شاھ ديوانو لڳ ٺري نظاماڻي ماتلي، ٽنڊو غلام علي روڊ آهن.
    درگاھ شاھ ديوانو واري قبرستان ۾ سونيتي (سنڌ راڻي) جي قبر به آهي پر اُها زبون حالت ۾ اسان ڏٺي هئي. اها سنڌ راڻي جنهن جو اصل نالو مريم هئو پر پوءِ سونيتي سڏجڻ لڳي. سندس تعلق اُڍيجا ذات سان آهي. سنڌ جي عشقيه داستانن ۾ سونيتي ۽ مير باگو جو عشقيه داستان مشهور آهي جنهن جو ذڪر محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا عشقيه داستان“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. جنهن مطابق سونيتي سونهن سوڀيا ۾ پنهنجهو مٽ پاڻ هئي جنهن کي پهريائين حاصل ڪرڻ لاءِ ميان سرفراز ڪلهوڙي ڪوشش ڪئي پر ڪلهوڙن جي زوال بعد ٽالپر جو دور شروع ٿيو ته مير باگو مٿس مستان ٿي پيو. ٽالپرن جي چڱن مڙسن فصيلو ڪيو ته مير باگو سونيتي کي انهي شرط تي پائي سگهندو جو کيس راڄ ڀاڳ ۽ ملڪيت تان هميشه لاءِ دستبردار ٿيڻو پوندو. مير باگي انگلينڊ جي بادشاھ ايڊورڊ اٺين جيئن تخت ۽ بخت ڇڏي سونيتي کي حاصل ڪيو. پوءِ ٽالپر برادري هن جي گذر معاش لاءِ اهو شرط يا رعايت ڏني ته مير باگو گوني مان واھ کوٽائي جيڪا زمين آباد ڪندو سا سندس ٿيندي. مير باگي راڄ جي ماڻهن جي مدد سان گوني مان واھ کوٽايو جيڪو باگو واھ سڏجڻ لڳو ۽ اُن واھ جي ڀر واري ايراضيءَ ۾ جيڪو شهر آباد ٿيو سو ٽنڊو باگو سڏجي ٿو. عشق ته پنهنجو مقام ماڻيو پر سونيتي سان حياتيءَ وفات نه ڪئي پنجويهن سالن جي عمر ۾ بيماري وگهي فوت ٿي ويئي. مير باگي سند قبر پڪي ڪرائي چوديواري ڏياري ڇڏي. ڪيترن ماڻهن کي معلوم نه آهي ته هن قبرستان ۾ شاھ ديواني سان گڏ ”سنڌ جي سونهن ۽ باگي جو عشق، سنڌراڻي مدفعون آهي“ پر هن جي قبر ۽ چوديواري جي خسته حالي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر علي دوست عاجز جو منظوم قصو ”سوني باگو“ (اوپيرا) ڇپيل آهي ۽ هيءَ اوپيرا پڙهڻ وٽان آهي.
    خيرپور ميرس ۾ قائم لائبريري تمام وڏي ۽ وسيع آهي ۽ اُن ۾ ڪتابن ۽ قلمي نسخن جو وڏو ذخيرو آهي. سنڌ ۾ ڪراچيءَ کانسواءِ ايڏي وڏي لائبريري فقط سنڌ يونيورسٽي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي باقي سنڌ جي ڪنهن به ضلع ۾ اهڙي لائبريري ڪم از ڪم مون کي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آئي.
    خيرپور ۽ راڻيپور درميان نيشنل هاءِ وي تي تاريخي ڪوٽ، ”ڪوٽ ڏجي“ به دوستن سان گڏ سٺي نموني گهمي ڏٺم ۽ اسان اُتي فوٽو به ڪڍيا. ڪوٽڏيجي شهر جا آثار رستي جي اُتر طرف آهن ۽ قلعو ڏکڻ طرف آهي. انهن آثارن جي کوٽائي سال 1955ع جي نومبر ۾ هڪ مهيني تائين جاري رکي ويئي. کوٽائي دوران ٺڪر جي چٽيل ٿانون جا ٽڪر هٿ ڪيا ويا ۽ اندازو لڳايو ويو ته اها تهذيب موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي همعصر آهي. اسان ڏٺو ته ڪوٽ ڏجي قلعو زمين جي سطح کان مٿي واقع آهي ۽ وڏي ايراضيءَ ۾ ڦهليل هن ڪوٽ جون ديوارون اڃا سلامت آهن. ڪوٽ جي مکيه دروازي اڳيان هڪ وڪڙ ڏنل ديوار واقع آهي جيڪا دفاعي لحاظ کان ٺاهي ويئي هوندي ته حملا آور دروازي کي ٽوڙڻ لاءِ هاٿين ۽ ٻين طريقن جو استعمال نه ڪري سگهن. مکيه دروازو ڪاٺ جو ٺهيل آهي. جنهن ۾ لوح جا چهنبدار ٿلها ڪل نصيب ٿيل آهن پٿر جي ٺاهيل ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي قلعو گهمي سگهجي ٿو. قلعي جي برجن تي توپون رکيل هيون جيڪي هاڻي اُتي نظر نٿيون اچن ۽ اُهي ٻين هنڌن ۽ جاين تي شو پيس طور رکيل آهن. قلعي ۾ اندر هڪ چبوترو به ٺهيل جنهن لاءِ چيو وڃي ٿوته اُتي مير صاحب پنهنجي حڪمراني واري دور ۾ اچي ويهندا هئا. هن ڪوٽ جي دائري جي اندر زير زمين ڪوٺيون به ٺهيل آهن. بهرحال هيءَ ڪوٽ گهمڻ جهڙو آهي. وڌيڪ معلومات لاءِ آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ طرفان ڇپايل ڪتاب ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي جي پروفيسرن مان ڪن جا لکيل مقالا ڪافي معلومات مهيا ڪن ٿا.
    هتي ڪاليج ۾ ڊيوٽي ڪندي سال دوران خيرپور ضلع جي ڏورانهن شهرن ۽ ڳوٺن جا پرائمري استاد تربيت لاءِ هتي ايندا هئا جن ۾ راڻيپور، ٽالپر وڏا، بوزدار وڏا ۽ ٻين ڳوٺن وارا هوندا هئا. مون محسسوس ڪيو ته هتي جي شاگردن ۾ استاد به ڏاڍا همدرد قسم جا هئا. شهر ۾ مکيه چوڪ کي پنج گولو سڏجي ٿو جتي اسان شام ٽاڻي گهمڻ ۽ چانهن پيئڻ ويندا هئاسين. هڪ ڀيري اوچتو ناليواري اديب ۽ پبلشر ناز سنائي سان ملاقات ٿي ويئي جيڪو ڪنهن ڪم سانگي هتي آيل هئو. مون کي ٻئي ڏينهن ڳوٺ وڃڻو هو سو اسان ٻئي گڏجي خيرپور کان نڪتاسين. ناز سنائي اُنهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ رهندو هو ۽ هڪ رسالو به ڪڍندو هو. هن منهنجو اُن رسالي لاءِ انٽرويو ورتو ۽ باقي اسان تصويرون اچي حيدرآباد جي هڪ فوٽو اسٽوڊيو ۾ ڪڍرايون. آئون هر مهيني جي شروعات ۾ پگهار وٺي ٽن چئن ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويندو هئس ۽ موڪل پوري ٿيڻ تي ڳوٺ کان ٿيلهو کڻي خيرپور لاءِ واپس ٿيندو هئس. واپسي ۾ شام جو ڳوٺان نڪري رات اچي محمد سعيد شاھ ۽ اعظم لنڊ وٽ ڪجهه ڪلاڪ ترسندو هئس ۽ پوءِ رات جو اٽڪل هڪ بجي ريلوي اسٽيشن وٽان خيرپور پهچندو هئس. سفر دوران ننڊ به ڪري وٺندو هئس، سياري جي مند هوندي هئي ته بس مان لهي رستي جي ڀر ۾ دُکايل باھ جي مچ تي ويهي رهندو هئس ۽ ڪجهه دير بعد هاسٽل تي پهچي تيار ٿي ڪاليج ويندو هئس. سڄو سال اچڻ وڃڻ جي اها ريت رهيم. هڪڙي ڀيري اسانجو انسپيڪٽر مرحوم محمد سليمان خاصخيلي اوچتو اچي ڪاليج نڪتو ته استاد ۽ شاگردن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. هڪ استاد مرحوم دائم علي ڪانهر ڪلاس ۾ پنهنجو پيرڊ وٺي رهيو هو سو ايترو گهٻرايو جو مون کي چيائين ته ڪلاس ۾ پيرڊ توهان هلايو متان صاحب ڪو کائنس آڏو اُبتو سوال پڇي وجهي. هن جي گهٻراهٽ کي ڏسندي آئون پراڻي پيرڊ ۾ بيهي پڙهائڻ لڳس. انسپيڪٽر صاحب سان منهنجي اڳ ۾ ملاقات هئي ۽ هن ڪلاس روم ۾ اچي جائزو ورتو ۽ وري ٻي ڪلاس ڏانهن هليو ويو. آخر ۾ وڃڻ کان اڳ اسان سڀني استادن سان ملي روانو ٿيڻ وارو هئو ته مونکان پڇيائين ڪر خبر ڪيئن پيو وقت گذري ته مون وراڻيس ته سائين ڳوٺ کان هيترو پري وقت ڪهڙو سٺو سکيو گذرندو هوندو. سليمان صاحب مرُڪي چيو ته پوءِ ڇا ڪريون. مون عرض ڪيو ته بٺوري واپس نٿا موڪلي سگهو ته ڪٿي اهڙي هنڌ تي پوسٽنگ ڪريو جو آئون آساني سان هر هفتي ڳوٺ وڃي سگهان. پاڻ پڇيائين ته ميرپور خاص ويندين ته چيومانس ته اهو مون لاءِ اُبتو رستو ٿيندو. انهيءَ تجويز تي راضي ٿيو ۽ مون کي چيائين ته بدليءَ لاءِ ڊائريڪٽر صاحب ڏانهن درخواست لکي منهنجي معرفت موڪل ته آئون ڊائريڪٽر سان ڳالهائي تنهنجي ڪراچي بدلي ڪرايان. مون اهڙي درخواست کيس ڏياري موڪلي ۽ سندس مهرباني سان مهيني اندر منهنجي بدلي ڪراچي ٿي. اهڙي طرح خيرپور ۾ هڪ سال، هڪ مهينو ۽ هڪ ڏينهن گذاري آئون ڪراچي آيس. مون کي خيرپور واري عرصي ۾ 16 پي اسڪيل ۾ سليڪشن گريڊ ملي چڪو هئي ۽ انهيءَ جي خبر به سائين جي ايم سيد تائين پهتي ته خوش ٿيو. سائين امداد محمد شاھ منهنجي موجودگيءَ ۾ سائين وڏي کي چوندو هو ته ”سائين! ملٽري وارن هن کي سزا پئي ڏني پر سندس آفيسرن کيس ترقي ڏيئي ڇڏي.“
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو