جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2015۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    يار محمد شاهه

    جهوني جوڳيءَ عيد جي مناسبت سان سڀني کي ليڪچر ڏيندي چيو ته هڪ طرف روز ٽي وي چئنل تي ڏيکاريو پيو وڃي ته ماڻهن کي لاهور، ڪراچي ۽ پشاور ۾ حرام گوشت کارايو پيو وڃي، اهي ڏسي ۽ ٻڌي ماڻهن جو گوشت کائڻ کا ارواح ئي کڄي ويو، هاڻي وري سڀاڻي کان حلال گوشت کائڻ لاءِ فرجون ڀريون وينديون ۽ گندگي گهٽين ۾ پکيڙي ويندي، کلن لاءِ حڪومت به سياسي جماعتن تي پابندي لڳائي آهي،

    پر انهن سياسي جماعتن جي فلاحي ادارن جي آڙ ۾ ته هر جماعت پنهنجي ڪارڪنن کان ته کلون وٺندي ئي وٺندي، خاص ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن هڪ کل به ٻاهر ڪانه ويندي، بقول گرفتار ٿيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ته ڀارت ۾ پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ برين واش ڪيو ويو، نديم نصرت رتو ڇاڻ جا حڪم ڏيندو هو اهي آهن ايم ڪيو ايم جا اهي ميمبر جن قبول ڪيو آهي ته هو انڊيا جي ’’را‘‘ جا ايجنٽ آهن، واٽر بورڊ ۾ را جا ايجنٽ آهن، حڪومت گرفتار ڪيا آهن، عمران فاروق ڪيس ۾ به متحده ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي جي گهر واريءَ کان آڏي پڇا ڪئي آهي جنهن موجب گهڻن سهولتڪارن جا نالا آيا آهن، جيڪي پڻ وڏا نالا آهن، جيڪي به عنقريب ٿاڻن تي ايندا،

    جڏهن سڀ ڪارڪن مڃن پيا ته اسان را جا ايجنٽ آهيون ۽ سڀني ادارن ۾ را جا ايجنٽ موجود آهن ۽ ڪافي وقت کان ويا سنگاپور ۽ نيپال، هندوستان ۾ وڃي پاڪستان ٽوڙن جي تربيت به حاصل ڪندا رهيا آهن، بقول پي ٽي آءِ جي مراد سعيد جي ته متحده جو را سان تعلق نه اهي ته معافي ڇو پئي گهري. جڏهن ته فاروق ستار واضع چيو آهي ته ڀارتي هڪومت اسانجي ڪارڪنن کي استعمال ڪيو، هاڻ به هن ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم اهم سياسي جماعت ۽ سياسي قوت جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو پيو وڃي گورنو ساڳيو، ادارن ۾ را جا ايجنٽ ساڳين سيٽن تي موجود آهن ته پوءِ سنڌ صوبي کي هينئر ئي کان انڊيا جو صوبو بنائڻ جي ڪوشش ڪندڙن تي بندش وجهي نوڪريون ڦري بئنڪ اڪائونٽ سڀ سيل ڪري کين کلن وٺڻ کان روڪيو وڃي ڇو ته ملڪ ٽوڙڻ جا ثبوت به هجن ۽ پوءِ به کين هر ڪم جي ڇوٽ هجي ۽ انهن کلن مان بارود خريد ڪري وري به هن صوبي ۾ ايم ڪيو ايم هٿان ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرائي عالم، جج، وڪيل، ميمبر مرائڻا آهن ڇا، اهوئي آمريڪي منشور آهي، ايم ڪيو ايم وٽ جيڪو ذوالفقار مرزا قرآن پاڪ تي چيو اهو هڪ سو سيڪڙو سچ هو ۽ الطاف قرآن پاڪ تي گول مول ڳاله ڪئي واضع ترديد نه هئي اڄ به کڻي اي ٻئي پٽيون هلائي ڏسو!

    ڪامريڊ سليم چڙ ۾ چيو ته ادا اهڙا الزام زرداري صاحب تي پيا لڳن. ذوالفقار مرزا جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻو آهي، ته پوءِ هن ته زرداري صاحب کي ملڪ ٽوڙڻ واري سازش جو حصو ۽ آمريڪي پلان کي مڪمل ڪرائڻ وارو الزام هنيو آهي، اهڙي طرح اهي الزام ۽ ثبوت ڪرپشن جا هڻي جمهوريت جو خاتمو ۽ فوجي حڪمراني لاءِ ماحول هموار ڪرڻ ۽ اسرندڙ ۽ ترقي يافته يا ترقي پذير ملڪ کي فوجي حڪومت ۽ حڪمراني ائين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، جنهن جو ثبوت جاپان جي پارليامينٽ ۾ ڏسڻ ۾ آيو. اڪثريتي پارٽيءَ جي اڳواڻ جڏهن اقليتي پارٽيءَ جي موجودگي ۾ فوج جا اختيار وڌائڻ وارو بل پاس ڪرائڻ چاهيو، تڏهن اقليتي پارٽيءَ جي ميمبر اسيمبلي هال ۾ اهو بل ئي ڦاڙي ڇڏيو.

    هاڻ جيڪڏهن اهو بل پاڪستان اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو ۽ ٻين اقليتي پارٽين جيڪو ڪردار ادا ڪيو ته اهوئي اسانجو نصيب هوندو، جيڪو آمريڪي حڪمت علي تحت جن به ملڪن ۾ فوج فلاحي ڪمن ۽ شهرن ۾ امن و امان قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، انهن ملڪن ۾ 21 پارليامينٽ دفائي ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي تياري مڪمل ڪري چڪي آهي، مسلمان ملڪن ۾ خاص ڪري شام کي تباهه ڪرڻ ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادي مسلم ملڪن جيڪو رول ادا ڪيو. آمريڪا هاڻ انهن کي تخريبون ۽ دهشت فارمولو تيز ڪري 40 لک ماڻهن کي دربدر ڪري الهندي ملڪن ۾ مهاجرن کي بارڊر تي وهاري انهن جمهوريت پسند يورپي ملڪن کي به فوجي ڪردار کي سپر پاور بنائڻ جو دٻاءُ وجهي رهي آهي.

    آمريڪا روس ٽٽڻ کانپوءِ سڄي دنيا جي اسرندڙ ملڪن کي پنهنجون رياستون سمجهي هر اداري ۾ پنهنجا ماڻهو سيٽ ڪري پنهنجي شهنشاهيت جو دائرو وسيع ڪرڻ جي سي آئي اي پلان کي هٿي ڏئي رهيا آهن. هر ملڪ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پ ٽي آءِ ۽ ن ليگ سان گڏ قوم پرست اڳواڻ ۽ گوريلا ڦائيٽر موجود آهن، هنن جي سطرنج جي ٽيبل تي اسان جهڙا ننڍڙا ملڪ اهڙا پيا دا آهن، جن کي اڏائڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، هن ملڪ ۾ به جيڪڏهن ڏٺو وڃي، جيف جسٽس چيف آف اسٽاف ۽ وڏن عهدن وارا عملدار جلدي جلدي رٽائر ٿي رهيا آهن، ۽ ٿيڻ وارا آهن، ان ڪري اسانجي واڳ جن جي وس ۾ آهي به سي اسانجي تقدير تڪڙي تبديل ڪري لوڪل باڊيز جي اليڪشن کانپوءِ وڏي اليڪشن جي به تياري ڪري رهيا آهن.

    جڏهن ته هن هلندڙ لوڪل باڊيز اليڪشن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ 7 ديهون ٻيهر ڪراچي ضلعي ڪائونسل ۾ شامل ڪيون آهن، اهڙي طرح اندرون سنڌ ۾ به ديهون واپس پراڻي پوزيشن ۾ آڻڻ جي ڪري جيڪي ميمبر بلا مقابلا ڪامياب ٿي ويا آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟ اهڙي طرح جن علائقن ۾ اڃان پ پ ٽڪيٽن جو اعلان نه ڪو آهي، ات پڻ فنگشنل ليگ طرفان ۽ ساڳي سيٽ تي پٽ پ پ طرفان فارم ڀري چڪا آهن ۽ هاڻ زرداري صاحب جي فيصلي جا منتظر آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته پ پ کي اقليت ۾ آڻڻ تي خرچ جاري آهي ۽ زرداري صاحب کي به بچائڻو آهي ڪجهه وزيرن ۽ ڪامورن کي اندر ٿيڻو آهي، نيب وارا اعلان ڪري چڪا اهن ته چئني صوبن جي وڏن نالن کي عنقريب گرفتار ڪيو ويندو، فوجي عدالتون دهشتگردن کي ڌڙا ڌڙ سزائي موت ڏئي رهيون اهن ۽ جنرل راحيل شريف بقول خورشيد شاهه جي ته انهن مان نه آهي، جيڪي جنرل پنهنجو مدو وڌائڻ جي خواهش رکندا آهن حالانڪه ان جنرل جي اسانکي ان ڪري به وڌيڪ گهرج آهي، جو ڪراچي مان گرفتار ٿيل را جو اينجنٽ بيان ڏئي چڪو آهي ته ڀارت ۾ اسانجا سنڌ کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ وارا ذهن تيار ڪيا ويا ۽ ان کان علاوه به هن ٻيا وڏا انڪشاف ڪيا آهن.

    موالي چڙندي چنبو هڻندي چيس ته مهمان سنڌ وارو تصور اسانجي ڪنهن به سنڌي ليڊر جو نه آهي، بلڪه اسانجو هر سنڌي ليڊر پاڪستان کپي جي نعري جي حمايت ڪري ٿو ۽ اهو عزم جنرل راحيل جو آهي، انڊيا جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ اسان سنڌين جو راحيل صاحب مڪمل ساٿ آهي بلڪه جيئن پاڻ عزم ڪيو اٿس ته آخري دهشتگرد ختم ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو، تيئن اسانکي سندس ضرورت هن ملڪ مان انڊيا جي ايجنٽن ۽ پاڪستان جي هر دشمن کي ختم ڪرڻ تائين پوندي، پاڪستان کپي ته جنرل راحيل به کپي باقي ن ليگ هاڻ سنڌ جا ڏک ڏور ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ڪندي هڪ فاضل راهو جو فرزند اسماعيل راهو، يا پير صدر الدين شاهه يا لياقت جتوئي يا شيرازي ڀائر جن هيترا ڏينهن پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي سندس ساٿ ڏنو ڇا هو ان کان اڳ سنڌ ۽ سنڌين جا ڏک ڏور ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيو؟ سنڌ جي هڪڙي هڪڙي ڊويزن جو ٺيڪو انهن کي ڏي ها ته هو ان ڊويزن ۾ پ پ وارن کي ڏکيا پون ها، پر ايستائين ميان صاحب ۽ زرداري صاحب جو ميثاق جمهوريت وارو معاهدو وچ۾ هو پر هاڻ سڀني کي اچي سر جي لڳي آهي، لوڪلباڊيز هڪ طرف نيب ٻئي طرف ۽ ڳجهين ادارن جي ڇنڊ ڇاڻ ٽئي طرف هاڻ ويچارا وڏيرا ۽ سندس سنڀاليندڙ وڃن ته ڪيڏانهن وڃن هيڏانهن باهه هوڏانهن پاڻي.

    تڏهن مون چيو ته ادا لطاف ڀائي کي ايندڙ ٻن هفتن اندر وڏو خطرو آهي، 5 اکين ڏٺا شاهدي ڏيندا، پر الطاف پاڻ سرزمين تي قتل نه ڪيو هو ٻيو جنهن جي پروجيڪٽ ۾ عالمي ادارا هوندا اهو بچي به سگهي ٿو يا ڀٽي شهيد وانگر قتل جي سازش ۾ ڦاهي چڙهي به سگهي ٿو. بحرالحال دنيا ۾ سڀني ترقي پذير مسلم غير مسلم ملڪن جو مقدر مٿي الله هيٺ آمريڪا جي هٿ ۾ آهي، ان ڪري اسان جي سنڌ ۾ ڪابه ديشي جدوجهد نه آهي، بلڪه ملڪ ٽوڙڻ جي سازش ته ظاهر ٿي پئي آهي، هاڻي باڊر پٽي هندوستان کي مدد جي اپيل ڪرڻ لاءِ ساڃاهه وندو سنڌ ي تيار نه ٿيندو ان کانپوءِ به سنڌي را جا ايجنٽ بنجي سامهون نه پيا اچن، بس اسان قوم پرست ليڊرن کي اپيل ٿا ڪريون ته پارٽين کي پاڻ ۾ ويڙهائي ادارا هيل آزاد اميدوار گهڻا کٽرائڻ جي موڊ ۾ آهن، ان ڪري مالڪن جي موڊ جو فاعدو وٺندي آزاد اميدوار پنهنجا ڪجن ۽ انهن جي معرفت هر شهر ۾ يا يونين ڪائونسل وطن پرست قوم پرست ذهن پيدا ڪري ايندڙ دور جي نسل ۽ باق بچيل سنڌ کي بچايون باقي چئبو هر ڳالهه ۾ فقير دعا ڪر ته پوءِ بابلا جهڙي نيت تهڙي مراد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو