• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چيو نه مڃڻ جي سزا!

منصور سرور

سينيئر رڪن
اياز احمد سومرو/ ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي

پيارا ٻارو!

مان اوهان هڪ واقعي جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جيڪو منهنجي اڳيان پيش آيو هو، ٿيو ائين جو هڪ ڀيري بهار جي موسم هئي، شهر جي هر ڪنهن ٻار جي هٿ ۾ لغڙ ۽ ڏور هئي، ان ڏينهن مان پنهنجي گهر طرف واپس اچي رهيو هوس، ڪو ٻار ڏاڪڻ تي بيهي لغڙ اُڏاري رهيو هو ته ڪو ٻار ڀت تي، ڪو گهڻي ۾، ته ڪو ٻار وري جڳهه جي ڇت تي لغڙ اڏاري رهيو هو، مطلب ته شهر جي هر گهٽي ۾ ٻارن جي لغڙ اڏارڻ جو هل هنگامو متل هو، ڪيترا ٻار وري انهن لغڙ اڏاريندڙ کي ڏسي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏئي لطف اندوز ٿي رهيا هئا، اوچتو آئون جڏهن هڪ گهٽي مان گذريس ته هڪ ٻار ڀت تي بيهي لغڙ اُڏاري رهيو هو، مون کيس چيو ته، لغڙ ڀت کان هيٺ لهي اُڏار ڪري نه پوين! اهو تنهنجو سٺو عمل ناهي. ان تي ٻار جواب ڏنو ته، آئون هن ڀت تي گهڻي وقت کان لغڙ اُڏاري رهيو آهيان، آئون هيٺ ڪونه ڪرندس، هتي لغڙ اُڏارڻ لاءِ هوا جو رخ صحيح آهي. آئون ڇوڪري جي ڳالهه ٻئي اڳتي پنهنجي گهر هليو ويس. ٿوري دير کانپوءِ ايمبولينس جو آواز آيو ته آئون گهر کان ٻاهر نڪري آيس، مون گهٽي ۾ ٻيٺل ٻارن کان پڇيو ته، ڇا ٿيو آهي؟ ته انهن ٻڌايو ته، اسلم کي روڪيوسين به پر هو ڀت تي لغڙ اڏارڻ کان نه مڙيو ۽ نيٺ ڀت تان ڪري پيو. سندس ڄنگهه ڀڄي پئي آهي، تنهن ڪري کيس ايمبولينس ۾ اسپتال کڻي ويا آهن. اها ڳالهه ٻڌي مون کي افسوس ٿيو ته اهو ٻار جيڪڏهن منهنجي صلاح مڃي ها ته ايڏي تڪليف ۾ نه پوي ها.

ٻارو! اسين اوهان کي راند روند کان نه ٿا روڪيون ڇو جو هڪ صحتمند معاشري لاءِ راند ۽ ورزش تمام ضروري آهي، اوهان لغڙ اُڏاريو ته کليل ميدان تي اُڏاريو جتي ڪنهن به کي ڪابه تڪليف نه پهچي
 
Back
Top