ڪبير ڀيل ڳوٺ ملهو ڀيل، ٿرپارڪر هن خوبصورت ۽ وسيع دنيا ۾ زنده رهڻ جو شرف ته ماءُ پيءُ بخشيو آهي، پر استاد هڪ اُها عظيم هستي آهن جنهن جي سندر پيشي مان مراد آهي ته استاد هميشه جهالت پڻي ۽ دقيانوس سماج ۾ انقلاب جا چراغ ۽ تبديلي جا پرچم اُڏارڻ لاءِ هو ٻارن جي ڪچي مَن جي پرورش ۾ هميشه مشغول رهندو آيو آهي. جيتوڻيڪ ڏورانهين مفاصلن تي ميسر رياستن ۽ ترقي يافته ملڪن جون منزلون طئي ڪرڻ جو سبب انهيءَ معاشري ۾ استاد جو ڪردار ۽ سندس اهميت جي ڪري ئي ممڪن هوندو آهي. اُهو ملڪ ڪڏهن به مدي خارج ۽ عالمي تناظرت ۾ دقيانوسي ڏانهن گامزن نٿو رهي، جنهن ملڪ ۾ استاد جو ڪردار ۽ سندس مان مٿانهون هجي ٿو. استاد ئي بهتر معاشري جي تعمير ڪري سگهي ٿو. ملڪ جي تهذيب ۽ اعليٰ طاقت جو سبب استاد جون ڪاوشون ئي هونديون آهن. پيارا ٻارو! ”استاد“ لفظ جي معنيٰ آهي، ڪنهن به شيءَ جي استادي ڏيڻ، جنهن کي اسين ”گرو“ به چئون ٿا. ”گرو“ مان مراد آهي ته گُر سيکاريندڙ، فن سيڪاريندڙ. پيارا ٻارو! سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجن والدين جي تمام گهڻي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ اسان کي استاد صاحبان سان به تمام سٺو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ٻارن جو ماءُ ۽ پيءُ استاد ئي هوندو آهي، پيارا ٻارو توهان چاهيو ٿا ته اسان جو نالو هن دنيا ۾ امر ٿئي ته صرف با اخلاق ۽ باضمير بڻجو پاڙي ۽ ڳوٺ جي وڏن ۽ ننڍن سان محبت ڪريو، ته توهان جي مستقبل واري زندگي سُندر گذرندي. استاد صاحب هڪ عظيم هستي آهن، جنهن جون چماٽون ۽ دڙڪا هڪ ڏينهن زندگيءَ کي سندر ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي. بقول ڪنهن شاعر جي ته: انهن جون چماٽون اڃا ياد آهن اکيون کول او قوم هي استاد آهن انهن جي حقن جو ته حساب ئي ناهي سٺي قوم سرهي، جي هو شاد آهن.