شاه جو رسالو،۽ سندس مُک ڪردار شاه عبدالطيف ڀٽائي رح سونهارئ سنڌ جو سدا حيات صوفي شاعر،۽ عاشق رسول(صلي الله عليه وسلم)هو،هن پنهنجي شاعرئ وسيلي،توحيد،رسالت،عشق،نبي ڪريم جي محبت،وطن جي حب،۽ اعليُ انساني قدرن جو پر چار ڪيو، شاه جي رسالي جي ڪردارن تي تحقيق سان ثابت ٿئي ٿو ت، شاه جي سرزمين جا ماڻهون دلير،بهادر،اڏول،غيرت مند،انسان دوست،هيڻن جا همدرد،۽ نياڻين جي عزتن جا رکوالا هئا، مک ڪردار ست سورھ، (1)ڪارائڙو ڪونڌر (2)راوت رڻمل (3)پونرو بڊاماڻي (4)رڻمل جاڙيجو (5)ڄام مهڙ نوتيار (6)ڄام اوڍر سمون (7)ابڙو اڙٻنگ
ڪارائڙو ڪونڌر ڄام ڪارايل ولد “ڄام پينگهر“ سمون ڪڇ جي گرڙيي ابڙاسيي جو رها جو رهاڪو هو، هي پنهنجي دور جو اهڙو ت سوره ۽ بهادر هو جو ڪڇ جي سگهڙن ۽ سياڻن هن کي سنڌ جي (ستن سُورِهين ) ۾ شمار ڪيو، هي ننڍي هوندي کان ئي حساس طبع،۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو هن جڏهن ڏ ٺو ت ملڪ جا گهڻا ماڻهون غريب ۽ محطاج آهن،پر ڪو شاهوڪار سندن مدد نٿو ڪري،تڏهن هي شاهوڪارن،اميرن،راجائن جي خلاف ٿي پيو،وقت جا وڏا ماڻهون سندس مخالف ٿي پياب۽ کيس مارائڻ جون سٽون سٽڻ لڳا.ان طرح هڪ سردار جو پٽ هاڻو.۽ چور بنجي سامهون آيو، جيڪو اميرن کي لٽي،ڦري،غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ لڳو، ٿوري وقت ۾ سندس ڌاڪ پري پري تائين پهتي،۽سڀ غريب ۽ مسڪين ماڻهون سندس حامي ۽ مددگار بنجي پيا ۽ کيس پيار مان ڪارايل جي بدران (ڪارائڙو) ڪوٺڻ لڳا.۽ هي ڪارائڙو جي نالي سان مشهور ٿي ويو،