معاف ڪجو مٺا طاهر، اوهانجا ڪجهه سوال صحيح آهن ۽ ڪجهه سوال غلط آهن۔۔۔۔
غلط سوال ته جي ايم سيد ڪميونسٽ هيو ۔۔۔ نه هر گز نه جي ايم سيد صوفي مذهب سان تعلق رکندڙ هو ۽ سندس پورو پيغام عشق ۽ عشق الاهي جي طرف رهنمائي ڪري ٿو، هو وحدانيت ۾ يقين رکندو هو ۔۔۔ ڪميونسٽ خيال رکندڙ سنڌي ته سندس مخالف هئا، جن جي ايم سيد کان بغاوت ڪري پنهنجيون پارٽيون ٺاهيون ۔۔۔
آ اهي خيال تڏهن رکندو هيس جڏهن 1977 ۾ مئٽرڪ ڪري سنڌي شاگرد تحريڪ جي دوستن سان لهه وچڙ ۾ آيس، جنهن ۾ مائوزي تنگ جا ڪتاب، لينن ۽ مارڪسي نظريي جا ڪتاب پڙاهايا ۽ سمجهايا ويندا هئا ۔۔۔ هي اهو دور هو جنهن ۾ رشيا اڃان ٽٽو نه هو ۔۔۔
ڪميونسٽ نظام ۾ خاميون؛ سڀ کان وڏي خامي اها هئي ته اهو نظام فطرت جي خلاف آهي، انساني جذبن جي قدر نه ٿو ڪري، انساني رشتن کي مادي حيثيت سان سڃاڻي، ان نظام مطابق هر شئي مادو آهي، مادو ئي سڀ ڪجهه آهي، باقي سڀ شيون اجايون ۽ فضول آهن، جنهن سبب مذهب جي، دين جي، پيار جي يا دلي جذبات جي يا رشتن جي ڪا به اهميت ناهي ۔۔۔ اهو نظام جيتوڻيڪ سماجي اڻبرابري سبب پئدا ٿيو هو پر تنهن هوندي به فطرت جي خلاف هجڻ سبب ڪاميابي ماڻي نه سگهيو ۽ خود رشيا يا ٻين ڪميونسٽ حامي ملڪن ۾ پنهنجي موت پاڻ مرڻ شروع ٿيو ۽ اميد ته باقي ٿورو جيڪو بچيو آهي سو به ويجهڙائي ۾ تاريخ جو هڪ وسريل باب ٿي ويندو ۔۔۔
مون سميت سڀني سنڌين کي هڪ عرض آهي ته هو قرآن شريف جي هن ننڍڙي آيت تي غور ۽ فڪر ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ته؛ معاملو صاف ٿي ويندو۔ اسلام سمجهه ۾ اچي ويندو۔
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو ۔۔۔۔
سوره العصر
بسم الله الرحمان الرحيم
زماني جي قسم، بيشڪ انسان سراسر گهاٽي ۾ آهي، سوا انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا ۽ جن ماڻهن (هڪٻئي کي) حق جي وصيت ڪئي ۽ (هڪٻئي کي) صبر جي نصيحت ڪئي“
بيشڪ الله سچو آهي