• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ جو تازه نظم ...ڄام شوري جو هوائون...

اڄ جو تازه نظم دوستن جي نالي ڪجي ٿو
_______________________
ڄامشوري جون هوائون
_____________________

ڄامشوري جون هوائون سڪ سنديون هن جت صدائون
پيار ۾ پيڪر پيارا عشق ۾ ارڏيون ادائون.....

سنڌ سهڻو شهر پيارو علم جو ڀي اوج جت آ
يادون منهنجون تانگه ۾ هن پيار جون ڪن ٿيون پڇائون....

او يار ويندڙ ڄامشوري منهنجا کيون وڃ سڪ سلام
بيحد ادب مان جيءُ جهڪائي چئه چاهتن هن نگاهون....

باد صبا هت بره واري پئي گهلي خستوري خوشبو
سڀ بدن آ باه شعله پيون ٻرن برهن ۾ باهيون....

هاسٽل ۾ هل هنگامه شور آهن شوق جا
ڪي پراڻا ٽهلون ڪن ٿا پيندي ڪينٽين ويهي چاهيون .....
·
سڪ ۾ سوگها ساه سارا پيا هلن ڄڻ نينهن نارا
اي سي ٽو کان ايندي يارا سونهن ڏسندي ڪن پيا داهون....

يار ڦاٽڪ تي هجوم ۽سڪ سوسائٽي سماءُ
نينهن ۾ نروار ٿي المنظر تي آهن ڪن جون آهون....

سڪ جا سامي کوڙ سارا جوڙا جوڙا جيءَ جيارا
محبتن ۾ سڀ مهو هت ديد ۾ دلبر دعائون....

رسول بخش دائودپوٽه
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top