محمد خان سيال
سينيئر رڪن
جيئن مون اڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته مان انهن ماڻهن کي بلاڪ يا ان فرينڊ ڪرڻ جو اردو رکان ٿو جن تازو منى ۾ شهيد ٿيلن 769 انسانن جي وفات تي، توهين وارا رمارڪس پاس ڪيا آهن ـ ٻيو ته ٺهيو پر اهڙن ماڻهن کي 769 انسانن جي مرڻ تي ڪوبه افسوس ڪونهي، ٻين لفظن ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته منجهن انسانيت جو جذبو به مري چڪو آهي ـ
انهيءَ سلسلي ۾ مان سڀ کان اڳ، هڪ سنڌي قومپرست ۽ هڪ سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ مختيار عباسيءَ کي بلاڪ ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو جيڪو ٻڌائڻ جي باوجود به، 717 انسانن جي موت تي، انسانيت جي لحاظ کان افسوس ڪرڻ لاءِ به تيار ڪونهي ـ جيتوڻيڪ اهي حاجي منى ۾ شيطان کي پٿريون هڻندي ڪونه شهيد ٿيا آهن پر رستي تي ڀاڄ دوران لتاڙجي شهيد ٿيا آهن ۽ اها اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي پرڪوڙن سنڌي قومپرستن انهن کي، شيطان کي پٿريون هڻڻ دوران مرڻ وارو ڪوڙو ڊرامو رچايوآهي ـ هڪ سنڌي قومپرست سلطان حيدر ته مري ويل حاجين کي ڪڇي گار لکي آهي جڏهن ته هڪ سنڌي ماستر لکيو آهي ته 800 حاجي چٽ ٿي ويا ـ
مان سمجھان ٿو ته جنهن ماڻهوءَ ۾ انسايت جو جذبو مري چڪو آهي، تنهن کي منهنجي فرينڊز لسٽ تي رهڻ جو ڪو به حق ڪونهي ـ تنهن ڪري مون فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهڙن ماڻهن پنهنجي حرڪتن تي پڇتاءَ نه ڪيو ته سڀاڻي 27 سيپٽمبر 2015 تي شام 4 بجي کان انهن کي بلاڪ يا ان فرينڊ ڪندس جن ۾ مختيارعباسي صاحب به شامل هوندو ـ
قلم تازو:ـ مان ڪنهن به مذهب تي اجائي تنقيد ڪرڻ ۾ ويساهه ڪونه ٿو رکان پر مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن 769 هندو پنهنجون ڌرمي رسمون پوريون ڪندي مرن ها ته اسان جا ڪوڙا سنڌي قومپرست انهن لاءِ اهڙا بدتميزيءَ وارا رمارڪس هرگز ڪونه لکن ها، وڏي ڳالهه ته کين انسانيت به اوچتو ياد اچي وڃي ها ۽ هو افسوس جا ڳوڙها ڳاڙڻ به شروع ڪن ها ـ

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: