• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائيڪرو نظم لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي عرض...


MICRO AND MACRO

لاهوتي ڪامران بلوچ.

بزم مائيڪرو
نظم مائيڪرو
پيار مائيڪرو
يار مائيڪرو
ديدار مائيڪرو
مائيڪرو فائينانس ٻڌو سي
مائيڪرو ڪريڊٽ ٻڌو سي
پر او يارو
ڪجھ سوچيو
شاعري ۽ دنياداري ۾ فرق آ
شاعري احساس آ
احساس ڪئين مائيڪرو ٿيندا..

ادب جو سمنڊ مائيڪرو ٿيو
اميدن جو چنڊ مائيڪرو ٿيو
احساس به مائيڪرو ٿيا
جذبات به مائيڪرو ٿيا
نينهن شينهن به مائيڪرو
رات ڏينهن به مائيڪرو..

منهنجا مولا شل نفرتون مائيڪرو ٿيئن
شل جهالتون ۽ ڪُلفتون مائيڪرو ٿيئن
يا مولا ڪا عِلم جي ٻوڏ آڻ ته جيئن
جيڪو ڪجھ مائيڪرو ٿي چڪو آهي
سو سڀ جو سڀ ”ميڪرو“ ٿي پوي.....

 
Back
Top