سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (104) سفرنامو ملائيشيا 12 سال بعد اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن محترم الطاف شيخ جو لکيل آهي. هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچي جي روحِ روان انعام عباسي جي ڪاوشن سان 2015ع ۾ ٻيهر ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
هي ڪتاب سائين الطاف شيخ پاران ملائيشيا ڇڏي اچڻ کان ڪافي پوءِ هڪ شارٽ ٽرپ تي آهي. جدت سان آيل تبديلين کان پوءِ جي ڪوالالمپور بابت ڪافي دلچسپ ڳالهيون آهن. آءُ جڏهن ملائيشيا ويس ته هي ڪتاب گڏ کڻي ويو هوس (جيڪو انڊس پبليڪيشن ڇپرايو هو). اُتي جي ماڻهن کي هي ڪتاب ڏيکاريم ته ڏاڍا خوش ٿيا هُئا. منهنجي لاءِ به هي ڪتاب ڪنهن رهنما کان گهٽ نه هو جو ايئرپورٽ کان وٺي بڪت بنتانگ جي ٺڳن تائين جون سڀ ڳالهيون هن ۾ هُيون جن تي عمل ڪندي آساني ٿي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هڪ املهه ڪتاب جو اضافو وڻيو.