چانڊيو عبدالرحيم
سينيئر رڪن
مولوي مفتي علي محمد مهيري صاحب جي اعليُ شخصيت کان لاڙ جو ڀاڱو ڇا بلڪ سڄي سنڌ جا اڪثر خاص و عام ماڻهون بي خبر ن هوندا،
هي بزرگ لاڙ جي انهن مقتدر هستين مان هڪ هو،جنهن تي سڄي سنڌ جيترو ب ناز ڪري ت بجا آھي،
مولانا صاحب.کورواه جي ڀر سان هڪ ننڍڙي واهڻ (ڳوٺ)بجاري شريف ۾ ،مهيري قوم جي گهراڻي ۾ تولد ٿيا،سندن والد جو نالو حافظ پريو هو،سندن قوم جو مکيه ڌنڌو اُٺيون چارڻ هو،
مولوي صاحب پنهنجي قوم واري ڌنڌي کي ڇڏي ننڍي هوندي ئي تعليم ڏانهن توجه ڪيو،پاڻ قرآن شريف تعليم،حافظ محمد نونداڻي کان حاصل ڪيائون،
قرآن شريف ۽ ٿوري سنڌي پڙهڻ بعد.فارسي جي تعليم لاء.مخدوم عبدالرئوف نورنگ زاده ۽ حافظ احمد ميمڻ کورواه وارن جي حلق درس ۾ داخل ٿيا،جتي ٿوري وقت ۾ فارسي زبان ۾ پوري مهارت حاصل ڪيائون،
فارسي جي فهم بعد پاڻ عربي علم حاصل ڪرڻ لاء لاڙ جي مختلف علمائن جي حلق درس ۾ زانو ادب ته ڪيائون،جن مان مولوي سليمان رح ،مخدوم عبدالرحيم رح جا نالا قابل ذڪر آھن، پڇاڙئ ۾ درسي ڪتاب حديث ۽تفسير۽اصول فقه ، مولانا حامدالله رح وٽ پڙهي فارغ تحصيل ٿيا،
مولانا صاحب جن محدث ۽ فقيه هجڻ سان گڏ .علم و ادب عربي، فارسي،سنڌي ۾ ڪامل دسترس رکندا هئا،مولانا مرحوم جي سموري زندگي فيصلات ڪرڻ ۾ صرف ٿي.نئون سج نوان فيصلا قسمين.قسمين ماڻھون مسئلا کڻي ايندا هئا،تا هم علم وادب جا ڪتاب سندن سيراندئ کان رکيل هوندا هئا،طالب راغب فرصت جي وقت جو انتظار ڪندا هئا.خلق جي خسارن ۽ معاملن ۽مسئلن جي جواب ڏيڻ کان جيڪو وقت فارغ ٿيندا هئا ت علم ادب عربي.فارسي.حديث.فقه پڙهائڻ ۾ صرف ڪندا هئا،