هزارين هليا ويا ڇڏي شان شاهي. سيد مرتضي ا

abdullah jarwar

سينيئر رڪن
شاعر : سيد مرتضي ا ڏاڏاهي

هزارين هليا ويا. ڇڏي شان شاهي.
وڻي وحده کي. نه ڪنهن جي وڏائي.

ڪٿي اڄ سڪندر .ڪٿي آهي دارا.
وڳا جن جي دهشت جا نوبت نقارا.
گڏيا گور ۾ سڀ ڇڏيا خاڪ کائي.

رهيو ڪين رستم ڪٿي سام آهي.
نه جمشيد جڳ ۾. نڪين جام آهي.
دنيا منجه دائم. نه حاتم نه طائي.

هميشه رهيا هت .نه دانا دلاور.
نه عابد نه عالم. نه عاشق نه شاعر.
نه سامي سچل ۽ نه بيدل ڀٽائي.

مدامي “مرتضي ا“ نه ڪو يار رهندو.
نه جوڀن جواني .نه جنسار رهندو.
خدا پاڪ رهندو. خدا جي خدائي.

چونڊ: عبدالله جروار
 
KY9JKV.jpg
 
Back
Top