• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سسئي ديسي وارو ! وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَرَي جورُ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jony1EdpARw9U.jpg

وارو ! وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَرَي جورُ
بَيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَرَي هَلِيا

سر ديسي سسئي

وارو = وارو ڪريو، جلدي ڪريو، مدد ڪريو - هي سڏ آهي جيڪو مصيبت جي وقت ۾ پنهنجن کي ڪبو آهي.
وَرُ = مڙس، ڀتار، ڪانڌ
جابِرَ = ڏاڍا، ظالم، قهري
بَيدِي = سڃ، رڻ پٽ
ڀَنڀورُ = سسئيءَ جو شهر جتي پنهونءَ سان عشق ڪيائين
حَشَرُ = قيامت، ماتم

بيت جو پسمنظر

~ وارو ڪريو ! ظالم زبردستي منهنجي پنهونءَ کي کنيون ٿا وڃن.
~ ڀنڀور سڃو ٿي ويو، جتن قيامت ڪري ڇڏي.

سمجهاڻي

جڏهن ڪا اوچتي آفت ڪڙڪندي آهي تڏهن مظلوم ماڻهون پنهنجي مائٽن، پاڙي وارن ۽ دوستن کي وڏي واڪي سڏ ڪندو آهي. مان مصيبت ۾ آهيان وارو ڪريو، مون کي بچايو منهنجي مدد ڪيو واهر ڪيو.
پنهونءَ کي پرھ ڦٽيءَ ويل جت زبردستي کڻي ويا. صبح جو سسئي جاڳي تہ ماحول سوڳوار ڏٺائين. هنڌ خالي هيو، اوطاق، ڪوٺيون، جايون سڀ سڃيون هيون. اٺ، مهمان ۽ پنهون غائب هيا.
تڏهن سڏ, واڪا, رڙيون ۽ دانهون ڪرڻ لڳي هئي. وارو ڪريو منهنجي مدد ڪيو جت زوري پنهون کنيون
ٿا وڃن.
اڄ سسئيءَ جي مَنَ ۾ ماتام متل آهي. اکين مان لڙڪ لارون جاري آهن. ڀنڀور خاموش آهي. سسئيءَ جي آھ و پڪار، سڏڪا آهن ۽ سسئيءَ لاءِ قيامت ٿي وئي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
شاھ جي شاعري اسان جھڙن جي سمجھ کان ايترو ته ڏور آ جيترو آسمان ويجھُو نظر ايندي ڏور لڳندو آھي، سائين سليمان جي ھميشه اھا سنڌ سلامت تي ڪوشش رھي آھي ته ھر شيءِ کي سھڻي انداز ۾ رکي ۽ اسان جھڙن کي ان مان ڪجھ سکڻ لاءِ ملي، اھو ئي سبب آھي جو مان ڪوشش ڪري سائين جا ڏنل موضوع شوق سان کولي پڙھندو آھيان
 
jony1EdpARw9U.jpg
وَرَ، ۾ ڪونهي وَرُ،ڏيرن وَرُ وڏو ڪئو،

نهارينديس نِڪڻي،بوتن ڪارڻ بَرُ،

آڏو ٽڪر ٽَرُ، متان روهَ رتيون ٿيين،

Back
Top