• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي روشني

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

W1wtXz.jpg


سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي روشني

سنڌي الف- ب جا ٽوٽل 52 اکر آهن: جن جي بيهڪ هن وقت هيٺين ريت آهي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه عه ي.
انهن ۾ 29 اکر اهڙا آهن جيڪي عربي، فارسي توڙي سنڌي ۾ هڪجهڙا آهن؛ اُهي هِن ريت آهن:
ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م ن و هه عه ي.
باقي 23 اکر بلڪل جدا صورتن ۾ سنڌيءَ جا آهن، جيڪي هِن ريت آهن:
ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ پ جهه ڃ ڄ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ڦ ک گ ڳ گهه ڱ ڻ.
انهن اکرن ۾ ست اکر اهڙا آهن، جن کي سواءِ نج سنڌي ماڻهن جي، ٻيو ڪير به صحيح اچاري نٿو سگهي، اُهي هِن ريت آهن:
ٻ ڄ ڃ ڏ ڳ ڱ ڻ.
مزيدار ڳالهه ته هڪڙا ست اکر سنڌيءَ ٻوليءَ جا اهڙا به آهن، جيڪي ايڏي ساري سنڌي الفابيٽ ۾ شامل ناهن، ۽ انهن جي جدا شڪل جو ڪوبه وجود ڪونهي، پر اسين ڳالهائڻ مهل انهن کي اچاريندا آهيون. جيڪي هن ريت آهن:
ٽر ڊر لهه ڙهه مهه نهه ۽ ڻهه.
مثال طور: پيءُ ۽ پٽ- چانهن ۽ کنڊ- مَلهه- وڙُهه- سَنِهي- سُمهُه- ماڻهو- وغيره.
هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسين ڪجهه اکرن کي ”هه“ هرڻي ملائي انهن جي جدا صورت ٺاهيندا آهيون، پر ”ک“ کٽ هڪ اهڙو اکر آهي جنهن کي نه ”هه“ هرڻي ملائيندا آهيون، ۽ نڪو ڪنهن ٽٻڪي جي اضافي سان ان جي ڌار حيثيت ظاهر ڪندا آهيون، ۽ ساڳي حالت ٽر ۽ ڊر جي به آهي، انهن اکرن جو هئڻ سنڌي ٻولي لاءِ نهايت ئي لازمي آهي.
هن الفابيٽ ۾ هڪڙا اکر اهڙا به آهن جيڪي ٻيڻا ۽ ٽيڻا يا چئوڻا به آهن، جن جي ٻين ٻولين کي برابر، پر سنڌي ٻولي کي ضرورت ڪونه هئي. ليڪن اُهي شامل ڪيا ويا آهن، ۽ اسان انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪريون ٿا، مثال طور!
الف- ع- ء
ت- ط
ث- س- ص
ح- هه
ذ- ز- ض- ظ
ق- ڪ
هنن ۾ سنڌي اکر هي آهن.
الف- ء، (ساڳيو اکر آهي، ليڪن شڪل جدا جدا آهي.)
ت- (ث ۽ س ٻيئي سنڌي اکر آهن) ز- ۽ ڪ
هن الفابيٽ ۾ ڏهه اکر اهڙا آهن جيڪي ”هه“ هرڻي سان ٺهن ٿا يا انهن کي هڪ ٽٻڪي جي اضافي سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. اُهي هن ريت آهن.
ڀ- ٿ- ٺ- جهه- ڇ- ڌ- ڍ- ڦ- ک- ۽ گهه
انهن مان ”ک“ کٽ تي اڳيئي روشني وڌي ويئي آهي.
هڪڙا ٽي اکر نج عربيءَ جا آهن جن جي بلڪل الڳ حيثيت آهي، پر اهي اسان جي ٻوليءَ تي حاوي ٿي رهيا آهن. مثال طور خ- غ- ۽ ف.
اِهي اسان جي اکرن ک- گ- ۽ ڦ، جي جاءِ والاري رهيا آهن. حيرت جي ڳالهه اِها به آهي ته اسان جا، کوڙ سارا سنڌي پرائمري استاد به انهن کي سمجهي نه سگهيا آهن. ۽ جڏهن ڪو معصوم ٻار پٽي کڻي پڙهڻ ويهي ٿو ته اهو خاص ڪري انهن اکرن کي پنهنجي پيدائشي (سنڌي) انداز ۾ اچاري ٿو. مثال طور ”خ“ خچر کي ”ک“ کچر چوي ٿو، ”غ“ غاليچو کي ”گ“ گاليچو ۽ ”ف“ فانوس کي ”ڦ“ ڦانوس چوي ٿو. انهن اکرن کي سنڌي ۾ اچاريندي معصوم ٻار پنهنجو پيدائشي حق استعمال ڪري ٿو پر ٻارن کي ان جي ڏاڍي ذهني تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي.
جيئن ته اسين هتي سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي بحث ڪري رهيا آهيون، تنهن ڪري اهو ڄاڻڻ به نهايت لازمي آهي ته ماڻهن جا ٺيٺ سنڌي نالا ڪهڙا آهن؟ ۽ اڄ ڪلهه وري سنڌي قوم جي نالن ۾ عربي نالن جو رواج پئجي ويو آهي. هيٺ ڄاڻايل نالن مان ئي، سنڌي ٻولي جي الفابيٽ ۽ ٻولي جي ڇنڊڇاڻ ٿي ويندي. هيٺ ڪجهه سنڌي ماڻهن جا سنڌي نالا پيش ڪجن ٿا:

قيمتي نالا:
ماڻڪ- سونو- چاندي- روپو- هيرو- موتي- لالو- جوهر- هزاري- امولک- پدمون- بولو- نٿويا- ناٿو ڳهڻو ۽ قيمت وغيره:

ٻوٽن، ميون ۽ وڻن جا نالا:
ڦوٽو- لونگ- گل- ڦلو- سرهو- ڪيوڙو- اڪ- ڪانڊيرو- ٽوهه- تلسي- پيرون- ٻٻر- ڪنڊو- ڪرڙ- ڦوڳ- ڏاڙهون- انب- ميوو- ليمون- گلاب- وغيره.

بادشاهي نالا:
راڄا- شاهن- مير- امير- سورهيه- بهادر- شيرو- مانجهي- راوت- سوڍو- سوڀو- ڦتو- دودو- دولهه- ڏاهر- ڏهراج- شهزادو- مهراڻ- ڄام- وريام- بهرام- وغيره.

پيار وارا نالا:
منٺار- جاني- سڄڻ- سهڻو- ڀورو- جانب- ڍوليو- دلدار- ننڍو- دادو- مٺو- پوڙهو- سڀاڳو- پرين- پيارو- راڻو- سچل- سڪيلڌو- دلبر- سانول- وغيره.

جيتن، پکين ۽ مندن جا نالا:
پوپٽ- ماڪوڙو- ڀنورو- چتون- مِٺو- مورو- سارنگ- سانوڻ- بادل- مينهون- ملهار- آگو- گوڙو- واسن- گاجي- بهار- پوهو- ٿڌو- گلڻ- گلزار- گل بهار وغيره.
هيٺ ڪجهه سنڌي ماڻهن جا عربي نالا پيش ڪجن ٿا:
عبدالله- نصرالله- هدايت الله- امان الله- حزب الله- عبدالجبار- عبدالغفار- عبدالستار- عبدالوهاب- عبدالحڪيم- عبدالرشيد- محمد بخش- محمد عالم- محمد عمر- محمد عثمان- محمد علي- علي بخش- حسين بخش- حسن بخش- امام بخش- غلام الله- غلام محمد- غلام علي- غلام حسين- غلام فاروق وغيره:
ياد رکو! جيڪڏهن ڪنهن به سنڌي ماڻهو جي نالي ۾- ح- خ- ص- ض- ط- ظ- ع- غ- ف ۽ ق- مان ڪوبه اکر اچي وڃي ته فورن سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ته اهو نالو ڪنهن مسلمان سنڌي جو آهي.
جيڪڏهن اهو نالو ڪنهن مسلمان سنڌي جو نه هجي ۽ هندو سنڌي جو هجي ۽ مٿي ڄاڻايل ڏهن اکرن مان ڪوبه اکر ان جي نالي ۾ شامل ٿيل هجي ته سمجهو ته گرامر ۽ ٻولي جي لحاظ کان اهو نالو غلط لکيل آهي ۽ ان کي ٺيٺ سنڌي ٻولي ۾ درست ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت آهي.

استاد لغاري

مهراڻ 1992ع
جنوري/ جون 1992ع نمبر(1-2) تان ورتل

چونڊ - جوکيو شفيق.
 
هي موضوع نظر مان نه گُذريو هو پر رات هڪ ويهڪ ۾ ٻوليءَ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته ذڪر نڪتو.
اصل ۾ هن موضوع تي ڪچهري هلي ته هڪ سوال آيو آخر سنڌي ٻولي ۾ ساهتي پرڳڻي جي ٻولي کي لکت ۾ ڇو آندو ويو؟ ساهتي پرڳڻو جنهن ۾ وچ سنڌ (دريا کان ڏکڻ سکر کان اولهه ۽ ڪراچي کان اوڀر وارا علائقا ڏکڻ طرف حيدرآباد تائين) اچي ٿي. مختلف رايا هُئا پر سچل ڳوٺ جي ساٿي الهداد گوپانگ ڳالهه ڪئي جيڪا دل سان لڳي.
اصل ۾ لاڙ ۽ ٿر جي سنڌين تي ڍاٽڪي ٻوليءَ جو اثر رهيو جو سندن اچ وڃ هندستان طرف گهڻي هُئي ايئن وري اُتر سنڌ وارن تي سرائڪي پٽي ۽ بلوچن جي ٻوليءَ جو اثر هو. انهن ٻنهي جي ڀيٽ ۾ وچين سنڌ جي رهواسين جو لهجو ٺيٺ سنڌي رهيو تنهنڪري ان کي دفتري ٻولي مڃيو ويو.
 
هن الفابيٽ ۾ هڪڙا اکر اهڙا به آهن جيڪي ٻيڻا ۽ ٽيڻا يا چئوڻا به آهن، جن جي ٻين ٻولين کي برابر، پر سنڌي ٻولي کي ضرورت ڪونه هئي.؟؟؟؟

وڌيڪ تشريح ڪجو ته مهرباني.
 
سنڌي ٻولي بابت اھم معلوماتي ليک، سنڌي ٻولي ۾ ھيئر ڪافي ھٿرادو اپڊيٽنگ ٿئي وئي آھي، جنھن جو وڏو سبب اسان جا سنڌي چينل آھن، اھو ٻولي کي فائدو يا نقصان ؟
 
هن الفابيٽ ۾ هڪڙا اکر اهڙا به آهن جيڪي ٻيڻا ۽ ٽيڻا يا چئوڻا به آهن، جن جي ٻين ٻولين کي برابر، پر سنڌي ٻولي کي ضرورت ڪونه هئي.؟؟؟؟

وڌيڪ تشريح ڪجو ته مهرباني.
”هن الفابيٽ ۾ هڪڙا اکر اهڙا به آهن جيڪي ٻيڻا ۽ ٽيڻا يا چئوڻا به آهن، جن جي ٻين ٻولين کي برابر، پر سنڌي ٻولي کي ضرورت ڪونه هئي. ليڪن اُهي شامل ڪيا ويا آهن، ۽ اسان انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪريون ٿا، مثال طور!
الف- ع- ء
ت- ط
ث- س- ص
ح- هه
ذ- ز- ض- ظ
ق- ڪ“

ليکڪ جو مقصد آهي ته ڀٽائي جي دؤر ۾ اسان جي جيڪا ٽيهه اکرن جي تختي هُئي اُچار جي لحاظ کان اُها ئي ڪافي هُئي. سنڌي ماڻهو اُهي لفظ جن ۾ ع يا ء هُجي اُهي الف ئي اُچارين ٿا پوءِ ڀلي اُهي لفظ ع سان لکيا وڃن يا ا سان. تُرڪي ۾ هُئاسين ته الجيريا کان آيل هڪ عرب ڇوڪري منهنجو ۽ سؤٽ قيوم جو نالو اُچاريندي هُئي ته واضح فرق لڳندو هو. هُن جي عبدل چوڻ ۾ ۽ اسان ۾ فرق آهي. ايئن ئي سنڌي ٻولي ۾ ف هو ئي ڪونه. رُڳو ڦ هو. اڄ به جهونا مون کي حفيظ نه پر حڦيظ سڏين ٿا. پر جڏهن عربي رسم الخط سان سنڌي 52 اکري ٿي ته الف جي اُچار هوندي ئي ع ۽ ء جو اضافو ٿيو جيڪو تمام گهٽ اُچاريو وڃي ٿو. ايئن ئي ت سان گڏ ط جو اضافو ٿيو پر سنڌي ماڻهو ڳالهائي ٿو ته فرق نه ٿو رکي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
صحيح فرمايو. جيئن اردو ڳالهائڻ وارا حقيقت لفظ جو اُچار تمام ڀلي طريقي سان ڪندا آهن جو ق ۽ ڪ جي فرق جي خبر پئجي ٿي وڃي.
 
Back
Top