سنڌي ۾ قرآن پاڪ جو ڊجيٽل سافٽويئر ٺاهڻ لا سڀني دوستن مدد ڪئي سڀني پيارن جي مهرباني. ڪمپوزنگ جو مرحلو تقريبا تڪميل کي پهتو هاڻي پروف ريڊنگ جو مرحلو آهي ۽ ڊجيٽل سافٽويئر ٺهرائڻ جو مسئلو باقي رهيل آهي محترم ذيشان رشيد جن جي ڪراچي مان شفٽ ٿيڻ سبب ان ڪم ۾ تاخير ٿي رهي آهي اميد ته سندن جلد ڪراچي واپسي ٿيندي ۽ هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائيندا. جيستائين سافٽويئر تي ڪم ٿئي تيستائين هن عاجز 20 سورتن جو ترجمو تفسير هن ننڍڙي سافٽويئر ۾ سيٽ ڪيو آهي اميد ته دوستن کي پسند ايندو. سافٽوئير هلائڻ کان پهريان فولڊر کي ان زپ ڪري فولڊر ۾ موجود فانٽ ضرور انسٽال ڪندا. سافٽوئير ڊائون لوڊ ڪرڻ جي لنڪ آهي.
سنڌي ۾ قرآن پاڪ جو ڊجيٽل سافٽويئر ٺاهڻ لا سڀني دوستن مدد ڪئي سڀني پيارن جي مهرباني. ڪمپوزنگ جو مرحلو تقريبا تڪميل کي پهتو هاڻي پروف ريڊنگ جو مرحلو آهي ۽ ڊجيٽل سافٽويئر ٺهرائڻ جو مسئلو باقي رهيل آهي محترم ذيشان رشيد جن جي ڪراچي مان شفٽ ٿيڻ سبب ان ڪم ۾ تاخير ٿي رهي آهي اميد ته سندن جلد ڪراچي واپسي ٿيندي ۽ هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائيندا. جيستائين سافٽويئر تي ڪم ٿئي تيستائين هن عاجز 20 سورتن جو ترجمو تفسير هن ننڍڙي سافٽويئر ۾ سيٽ ڪيو آهي اميد ته دوستن کي پسند ايندو. سافٽوئير هلائڻ کان پهريان فولڊر کي ان زپ ڪري فولڊر ۾ موجود فانٽ ضرور انسٽال ڪندا. سافٽوئير ڊائون لوڊ ڪرڻ جي لنڪ آهي. شايد ڪن دوستن وٽ اسلامي سيڪشن وارو مضمون ظاهر نه ٿئي ان ڪري هن سيڪشن ۾ هي تحرير موڪلجي ٿي.
تمام گهڻي خوشي ٿي ته جڏهن اهو پراجيڪٽ ڏِٺم، جيتوڻيڪ هِن سافٽويئر ۾ ڪجهه جِدت آڻڻ جي ضرورت آهي، پوءِ به تمام بهترين ڪَم ڪيو اٿَوَ.. الله پاڪ توهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي آمين. آئون هِتي ڪجهه تجويزون پيش ڪريان پيو اميد ته انهن تي عمل ڪندا. سافٽويئر جا بَٽَڻ ونڊوز ايڪس پي جي انٽرنيٽ ايڪسپلورر سان مشابهت رکن ٿا، جَن کي پڻ جديد بڻائجي. سافٽويئر جي بٽڻن ۾ اکر شايد توهان سنڌي جا لڳايا آهن تنهن ڪري اهي صحيح رِيڊ نٿو ڪري، توهان کي گهُرجي ته انهن جي جا تي يونيڪوڊ رکوس ته جيئن اکر واضح نظر اچن. سافٽويئر ڳولا جو آپشن جيئن ته لِڪيل آهي انڪري ان کي واضح رکيو وڃي : سافٽويئر ۾ ڳولا جي آپشن ۾ سنڌي نٿي لکجي، سافٽويئر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي رِيڊ ڪرايو وڃي ته جيئن پڙهڻ يا الفاظ ڳولهڻ ۾ آساني ٿئي. مونکي ويبسائٽ تمام گهڻو پسند آهي.
ادا ڀاء عبيدالله پيارا توهان جي مهرباني جو اوهان مفيد مشورا ڏنا ليڪن مان ان کان وڌيڪ ان ۾ تبديلي ڪونه ٿو ڪري سگهان ڪو ٻيو آئي ٽي جو ماهر ان ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿو. باقي سنڌي اکرن جو مسئلو ته مون وٽ ته درست نظر اچن ٿا جيڪڏهن درست نظر نه اچن ته انگريزي ۽ عربي وارو فائيل به رکيل آهي ان سان به ڪم هلائي سگهجي ٿو. جيستائين مڪمل سافٽويئر تيار ٿئي تيستائين في الحال انجو ڊيمو ورجن مان ڪم هلايو.
جي پيارا توهان کي سورس فائيل به موڪلي ڏيندس ۽ سافٽوئير پهريان سافٽوئير کي سنڌي جي قابل بنايو ته پوء سورس فائيل به موڪلي ڏيندس