بدين ضلعي جي عوام طرفان وزيراعظم ۽ ضلعي مان چونڊيل نمائندن کي اپيل.......

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آزاد خاصخيلي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2015۔

  1. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    اسحاق محيري جي فيس بڪ وال تان ورتل..
    *اپيل *
    محترم جناب عزت مآب محمد نواز شريف صاحب ! ( وزير اعظم پاڪستان)
    عزت مآب جناب سيد قائم علي شاه صاحب !( وزير اعليٰ سنڌ)
    عزت مآب محترمه ڊاڪٽر فهميده مرزا صاحب ! ( ميمبر قومي اسمبلي ضلع بدين)
    عزت مآب جناب ڪمال خان چانگ صاحب ! ( ميمبر قومي اسمبلي ضلع بدين)
    عزت مآب جناب بشير احمد هاليپوٽو صاحب ! (ميمبرصوبائي اسمبلي ماتلي)
    عزت مآب جناب مير الله بخش ٽالپر صاحب ! (ميمبر صوبائي اسمبلي تلهار)
    عزت مآب جناب حسنين مرزا صاحب ! (ميمبر صوبائي اسمبلي ٽنڊوباگو)
    عزت مآب جناب ڊاڪٽر سڪندر منڌرو صاحب ! ( ميمبر صوبائي اسمبلي بدين)
    عزت مآب جناب محمد نواز چانڊيو صاحب ! (ميمبر صوبائي اسمبلي گولاڙچي)
    ۽ ٻيا وس وارا عملدار ۽ با اثر شخصيتون السلام عليڪم _ سائينجن کي ادب سان گذارش ٿا ڪريون ته ٿورڙي تڪليف ڪري سارين جي آبادگارن جي خرچ ۽ آمدني جي تفصيل کي پنهنجي شفقت جي نظر مان ڪڍندا جيڪا هن ريت آهي
    خرچ آمدني
    کيڙي 8 هر في هر 1000 ......... 8000
    ٻج گارڊ 7ڪلو في ڪلو 1000 ...... 7000
    يوريا ڀاڻ 5ٻوريون في ٻوري 2000 ..... 10000
    DAP هڪ ٻوري ...... 4000
    اسپري دوا خرچ ........ 2000
    داڻي دار دوا ........ 2000
    زنڪ وغيره ........ 1000
    لفٽ واٽر خرچ ...... 4000
    ڍل ۽ ٽيڪس ....... 500

    خرچ 38500
    ____________
    مارڪ اپ 11500
    ___________
    ٽوٽل خرچ في ايڪڙ 50000 ساريون في ايڪڙ 75 مڻ
    ڪٽ لائي 6 مڻ
    _______________
    69
    ٿريشر 2 مڻ
    _______________
    67
    ڪڻتو ۽ ڪرايو وغيره 1 مڻ
    ________________
    بقايا 66 مڻ
    صافي ريٽ 700 روپيا ڪرايو مزدوري ڪڍي ڪري

    ٽوٽل آمدني في ايڪڙ 46200
    ٽوٽل خرچ في ايڪڙ 50000
    بچت 00000
    _______________
    نقصان 3800

    جناب عالي هاڻي گزارش هي آهي ته چانورن جو ريٽ وڌائڻ لاءِ هي ڪوششون وٺو!
    (1) سرڪار چانورن جي خريداري ڪري
    (2) سرڪار چانورن جي خريداري تي سبسڊي ڏي
    جناب عالي ! سارين جي آبادگارن ۽ مزدورن جي حال تي رحم ڪريو الله پاڪ اوهان تي رحم ڪندو
    والسلام
    پاران : سارين جا آبادگار ضلع بدين
    نوٽ : عرض آهي ته هن جي فوٽو ڪاپي ڪرائي تقسيم ڪندا ۽ هن مسئلي کي سوشل ميڊيا تي به کڻندا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا ڪم ته ڀلو ڪيو اٿو پر هتان جا حڪمران انڌا ٻوڙا ء گونگا آهن

    عوام روئندو رهي هنن تي ڪو به فرق ڪونه ٿو پوي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو